اتوار، 26 جنوری، 2020

Role of social organisations in Sindh Raza Muhammad Laghari


Raza Muhammad Laghari 


Jan 11, 2014 at 7:54 AM


سماجي تنظيمن جو سنڌ ۾ هڪ اهم ڪردار
سماجي تنظيمن جو سنڌ ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي، چاهي اهو تعليم ۾ هجي يا صحت کاتي ۾ ٻهراڙي هجي يا شهر هر شعبي ۾ هنن جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي.پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين سماجي تنظيم جو بنياد اختر حميد خان 1947ع وڌو، پاڪستان ٺَهي کانپوءِ ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون ملڪ ۾ ڪري رهيون آهن، جنهن جو تعداد 1980ع کانپوءِ تمام گهڻو وڌي ويو آهي، هن وقت پاڪستان ۾ 40.000 کان وڌيڪ سماجي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن، جنهن ۾ ننڍي تبڪي کان وٺي انٽرنيشنل ليول تائين جون سماجي تنظيمون آهن، جيڪي مختلف وقتن تي پنهنجا ڪم سر انجام ڏئي رهيون آهن، جنهن ۾ ايڌي سينٽر، سيلاني سروس، ڇيپا، اين آر ايس پي، يوسيڊ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي آهن.
       ايڌي سروس جيڪا سڄي دنيا ۾ پهريون نمبر وڏي سماجي تنظيم جو اعزار رکي ٿي، جنهن جو سنڌ توڙي پوري پاڪستان ۾ هڪ وڏو ڪردار رهيو آهي، عبدالستار ايڌي جي نگراني ۾ هن وقت ڪيترائي اسپتال، يتيم خانا، سرد خانا ۽ ٻيا فلاحي ڪم هلن پيا، جيڪي بغير ڪنهن معاوضي جي غريبن ۽ مسڪينن کي ڪيتريون ئي سهولتون ڏئي رهي آهي، لاوارث ۽ غريب ٻارن جي پرورش لاءِ ايڌي سينٽر پاران ڪراچي ۾ وڏا هوسٽل پڻ ٺاهيا ويا آهن، جنهن ۾ لاوارث ٻارن جي پالنا ڪئي وڃي ٿي، انهن سان گڏو گڏ ايڌي سينٽر پاران صحت لاءِ به ڪيتريون ئي سهولتون مهيا ڪيون آهن، جيڪي بيمارن کي اسپتال پهچائڻ ۽ انهن جو فري ۾ اعلاج ڪرائيڻ وغيره شامل آهن.
       ايڌي سروس کان علاوه رمضان ويلفيئر، ڇيپا سروس ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فلاحي تنظيمون پڻ غريب ماڻهن جي اعلاج لاءِ اسپتالون قائم ڪيون آهن، هنن طرفان زخمي ۽ بيمار ماڻهن کي اسپتال تائين پهچائڻ لاءِ ايمبولينس جي سهولت پڻ ڏني وئي آهي.
       سيلاني ويلفيئر جيڪي پوري پاڪستان سان گڏ ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ پنهنجا سينٽر قائم ڪيا آهن، جتي وڏي تعداد ۾ انهن غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي مفت ۾ کاڌو فراهم ڪيو ويندو آهي، جيڪي هڪ وقت جي ويَلي جيترو به ڪمائي نه سگهندا آهن.
       اڄڪلهه سنڌ جي تعليم جيڪا روز بروز پٺتي ٿيندي پئي وڃي، جن ۾ اڪثريت ٻهراڙي جي اسڪولن جي آهي، جتي اسڪولن جون عمارتون وڏيرن جو اوطاقون ته ڪٿي وري مرڻي پرڻي لاءِ شادي حال طور ڪم ڏين پيون، تنهن ڪري سماجي تنظيمون ٻهراڙين ۾ عارضي اسڪولون جوڙي انهن ۾ غريب ٻارن کي تعليم ڏئي رهيون آهن، جنهن ۾ نياڻين جو پڻ گهڻو تعداد آهي، هي اهي ئي ٻار آهن، جيڪي آئيندي جي سنڌ جو مستقبل هوندا ۽ اڄ انهي سنڌ جي مستقبل کي اسان جا وڏيرا ۽ ڀوتار پنهنجي مُٺي ۾ بند ڪيو ويٺا آهن.
       هن وقت جڏهن 40 سيڪڙو کان به وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، اتي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪيترن ئي بيروني ملڪن جون فلاحي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي غربت جي شرح گهٽائڻ لاءِ سٺي تعليم صحت ۽ کاڌي پيتي کان علاوه ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏئي رهيون آهن ۽ نئي نسل ۾ نئون جذبو ۽ ولولو پيد ڪن پيون ته جيئن اهي اچڻ واري ڪنهن به مصيبت کي آساني سان منهن ڏئي سگهن.
       1985ع جي ٻوڏ هجي يا 2011ع جون طوفاني برساتون، پر سنڌي ماروئڙن جا اڄ به سور ساڳيا آهن، انهن ٻوڏن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجون جانيون وڃايون، پر سنڌ حڪومت طرفان انهن کي ڪو به معاوضو نه ڏنو ويو، ۽ نه وري انهن جي صحت، کاڌي پيتي ۽ رهائش لاءِ ڪو خاص بندوبست ڪيو ويو، تڏهن سماجي تنظيمن پنهنجو پاڻ کي مڃايو ۽ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو هو، جيڪو هڪ گورنمينٽ جي اداري کي ڪرڻ گهرجي ها، انهي کانپوءِ سنڌ جي عوام جو لاڙو شايد سماجي تنظيمن جي طرف وڌي ويو آهي، جيڪي هن وقت هر فيلڊ ۾ پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي رهيون آهن.
       سماجي تنظيمون جيڪي سنڌ جي سڌارن لاءِ هڪ اهم زريعو بڻيل آهن، اتي وري ڪجهه هٿ ٺوڪي اين جي او به سنڌ جي عوام کي کوکلو بڻائڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي، ۽ اهي پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ مان ايندڙ فنڊ کي غريبن تائين پهچائڻ کان اڳ ئي هڙپ ڪيو ڇڏين ۽ انهن جي ڪري ويچارو غربت عوام در در جون ٺوڪرون کائي بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پيو آهي.
       هر ملڪ ۽ ان جي گورنمينٽ جو اهو فرض هوندوآهي ته اها عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري، بيروني ملڪن ۾ ته حڪومتون بنيادي سهولتون ڏيڻ کانپوءِ پنهنجي عوام ۾ جديد Technology متعارف ڪرائي رهيون آهن، پر افسوس اسان وٽ اهو بلڪل به نه آهي، گورنمينٽ کي گهرجي ته اهي ڪجهه سماجي تنظيمن سان گڏجي هڪ اهڙو پيلٽ فارم ٺاهين جنهن تي سنڌ جي عوام جا بنياد مسئلا هل ٿي سگهن ته جيئن سڀاڻي جي سنڌ جي مستقبل هي نئي نسل پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن.


کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں