اتوار، 26 جنوری، 2020

ميرپورخاص ۾ ٽانگا سواري Raza Muhammad Laghari

 travelling in Tangas in Mirpurkhas
 By Raza Muhammad Laghari

فيچر                                                          
ميرپورخاص ۾ ٽانگا سواري
صبح جي وقت جڏهن ڪو شخص انهي ٽڪ ٽڪ جي آواز واري ٽانگي ۾ سفر ڪندو آهي ته ٽانگي سوار کي اها آواز ايتري قدر ته ڀائندي آهي جو هن جو ٽانگي مان لهڻ جو دل ئي نه ڪندو آهي، پر اڄ ڪلهه آلودگي جي هن ماحول ۾ اهو مزو نه رهيو آهي،
ٽانگا سواري اها قديم سواري آهي، جيڪا شاهي سواري طور اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي، آمريڪا، برطانيا ۽ چين ۾ اڄ به گهڻائي ماڻهو پنهنجي ماحول کي آلودگي کان بچائڻ لاءِ ٽانگن ۾ سفر ڪن ٿا، سنڌ جي ٻهراڙي ۾ پڻ هن سواري کي  تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو،
اڳئين زماني جا راجا مها راجا ۽ ان وقت جا امير ترين ماڻهو شاهي سواري ۾ ئي سفر ڪرڻ پسند ڪندا هئا، انهن جي شاهي سواري لاءِ وري 8-8 گهوڙا گڏ جوٽيا ويندا هئا، جنهن کي ٻگهيون چيو ويندو آهي، اهي ٻگهيون شادين ۾ وري گهوٽ جي سواري طور پڻ مشهور آهن، اها ٻگهي ٻين سوارين کان ايتري ته منفرد هوندي آهي جو ماڻهن کي نه چاهيندي به پنهنجي طرف مائل ڪندي آهي، ٽانگي گاڏي جو مٿانهون حصو سخت چمڙي جو ٺهيل هوندو آهي ۽ ان کي مٿان وري نرم ڪپڙي جي چادر سان ڍڪيو ويندو آهي، اندر وري ويهڻ لاءِ اهڙي طرح سيٽون ٺاهيون وينديون آهن جو ويهڻ واري کي اهڙو ته سڪون ملندو آهي، جنهن جو لطف شايد ئي ڪنهن ٻي سواري ۾ هوندو هجي، تڏهن ئي ته هي شاهي سواري دنيا ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي،
ميرپورخاص جيڪو انبن باغن ۽ قديم جڳهن جي ڪري هڪ خوبصورت شهر جو ڏيک ڏيندو هو، اتي شاهي سواري جي هلڻ ڪري شهر جي خوبصورتي کي چار چنڊ لڳي ويندا هئا، پر اڄڪلهه ان شاهي سواري جي جڳهه آٽو رڪشا ، چنگچي ۽ ٻين جديد گاڏين والاري ورتي آهي، ميرپورخاص ۾ ڪافي عرصو پهرين سول اسپتال سامهون هڪ وڏو ٽانگا اسٽينڊ هوندو هو، جتي شهر کان علاوه ٻهراڙي مان ڪيترائي ٽانگا اچي بيهندا هئا، جڏهن ٽانگا مالڪ پنهنجي شاهي گاڏي کي سنواري اسٽاپ تي اچي بيهاريندا هئا ته ائين لڳندو هو ڄڻ ڪنهن بادشاهه جي ڪا خاص گاڏي هجي، پر افسوس جو هُن وقت  جي ميونسپل اداري ٽانگا اسٽاپ کي ڀڳڙن جي مٺ ۾ وڪرو ڪري وڏي مارڪيٽ ٺاهي ڇڏي آهي، جيڪا هُن وقت جي لاڳت سان 5 ڪروڙ کان به مٿي جي ملڪيت هئي،
ميرپورخاص ۾ اڃا تائين ٽانگا سواري هلي پئي، هن وقت غريب طبقي جا ماڻهو ئي هن شاهي گاڏي ۾ سفر ڪرڻ پسند ڪن ٿا، هن وقت شهر ۾ ٽانگا صرف ٻه جڳهن تي ئي هلن پيا ، هڪ شاهي مارڪيٽ کان کپرو اسٽاپ جي طرف ۽ ٻيو وري شاهي مارڪيٽ کان ٽنڊو آدم روڊ تائين، هنن جو ڪرايو وري ايتري مهنگائي هجڻ باوجود 5 رپيا هوندو آهي، هن جديد دور ۾ هر انسان پنهنجي وقت بچائڻ لاءِ اڪثر آٽو رڪشا، چنگچي ۽ ٻين گاڏين ۾ سفر ڪندو آهي، تنهن ڪري هن شاهي سواري ۾ ڏينهنون ڏينهن گهٽتائي اچي رهي آهي،  اڄ کان ڏهاڪو سال پهرين ميرپورخاص ۾ ٽانگن جو تعداد 4 سئو تائين هوندو هو، جيڪو هن وقت تائين 15 کان 20 وڃي بچيو آهي، جيڪي هڪ ڏينهن ۾ 4 کان 5 سئو تائين ڪمائين ٿا جنهن ۾ 150 تائين جو گهوڙي کي کاڌو کارائن ٿا، اڄ کان ڪجهه سال پهرين جڏهن ٽانگا  ميرپورخاص جي عوامي سواري طور مشهور هوندا هئا، تڏهن انهن جا ڪيترائي شعر ۽ هوڪا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، جڏهن هر وقت ”او ادا، او ڀائو، او امان،“جون سدائون پيا ڏيندا هئا ته اتي وري ماڻهو خوشي مان ويهي پر لطف مزو ماڻي پنهنجي منزل تائين وڃي پهچندا هئا، پر هن وقت ته ماڻهو ٽانگي ۾ ويهڻ ئي پنهنجي گهٽتائي ۽ شرم محسوس ڪندا آهن، اڃا تائين غريب ماڻهن لاءِ اها سواري وڏي ڪارآمد آهي جيڪا ٻين گاڏين کان گهٽ اگهه ۾ ماڻهن کي پنهنجي منزل تائين پهچائي ٿي،
ٽانگو جتي ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ هڪ اهم سواري طور استعمال ٿيندو هو، اتي ٻارن جي لاءِ وري اسڪولي بس طور پڻ ڪارائتو ثابت ٿيندو هو، جنهن جي جڳهه هن وقت ٻين گاڏين والاري ورتي آهي، هن وقت ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ آلودگي جي ڪري پيٽرول ۽ سي اين جي و گاڏين تي پابندي هڻڻ جي باوجود هلايو پيو وڃي، اتي ٽانگا گاڏي کي وڏن روٽن تي سلو اسپيڊ جي ڪري نٿو هلايو وڃي پر ان شاهي گاڏي جي بدولت عوام دونهن جي ڪيترن ئي بيمارين کان بچي سگهي ٿو ۽ اسان جي ملڪ ۾ جيڪا پئٽرول ۽ سي اين جي جي کوٽ آهي ان مان به گهڻي حد تائين بچت ڪري سگهجي ٿي.
ٽانگا جيڪي اڃا به ٻهراڙي جي سونهن بڻيل آهن ته اتي شهرن ۾ وري زوال جي طرف وڃي رهيا آهن، اڳي ميرپورخاص جي ڀر پاسي جي علائقن ۾ مان ٽانگا گاڏي سواري کڻي شهر ايندا هئا پر هن وقت ٽانگا مالڪ صرف سامان جي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين رسائي طور ڪم ڪري رهيا آهن، گهٽ ڪمائي، مهانگائي ۽ ٻين گاڏين جي اچڻ سبب اڄڪلهه ٽانگا مالڪ ٻيو ڪاروبار ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، تنهن ڪري پڻ ٽانگي گاڏي جو رجحان گهٽجي ويو آهي،
ميرپورخاص کپرو اسٽاپ تي ٽانگي واري بابو بهائي ٻڌائيندي چيو ته اڄ ڪلهه ٽانگا سواري تمام گهٽ ٿي وئي آهي، هن وقت شهر ۾ ٽانگي گاڏي جو ڪو به سامان نٿو ملي، آٽو رڪشا ۽ چنگچي جي اچڻ ڪري اسان کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي، اجڪلهه ماڻهو پنهنجو وقت بچائڻ خاطر ٻين گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا، پر جيڪي غريب طبقي جا ماڻهو آهن، اهي اڪثر شاهي گاڏي ۾ سفر ڪرڻ پسند ڪن ٿا، ڇو ته ٽانگي جو ڪرايو تمام گهٽ هجڻ ڪري غريب ماڻهو ڪرايو آساني سان ادا ڪري سگهي ٿو، اتي هڪ ٻئي ٽانگي مالڪ چيو ته اسان هڪ ڏينهن ۾ 4 کان 5 سئو تائين ڪمايون ٿا، گورنمينٽ طرفان ٽانگا اسٽاپ نه هجڻ ڪري پوليس وارن کي ٽانگا بيهارڻ جا پئسا پڻ ڏيڻا پون ٿا،هن وقت ٽانگي مان گهڻي ڪمائي نه هئڻ ڪري اسان جا اڪثر ساٿي ٻيو ڪاروبار ڪرڻ تي مجبور آهن، 
سنڌ جي شهرن حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ ٽانگي گاڏي ٺاهڻ جو هڪ بيشمار هنر هوندو هو، جنهن ۾ ڪاريگر طرح طرح کان سجاوٽ ڪري وڪري لاءِ پيش ڪندا هئا، پر اڄ ڪلهه ته ٽانگي جو سامان ملڻ به تمام مشڪل بڻيل آهي ۽ ٽانگي مالڪ به بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، اگر ٽانگي گاڏي جو حال ائين ئي رهيو ته ٽانگن جو نالو نشان ئي ختم ٿي ويندو ۽ اچڻ وارن ڪجهه سالن ۾ اسان ان کي ڪتابن جي ڪهاڻين تائين ئي محدود رکي سگهنداسين.






کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں