اتوار، 26 جنوری، 2020

ميرپورخاص جي صحافت



 May 11, 2014 at 10:03 PM







سهڪار

ايڪناليجمنٽ

ميرپور خاص جي صحافتي تاريخ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ جن سڄڻن سهڪار ڪيو تن ۾ سهيل سانگي، قائم سولنگي، اياز احمد لغاري، شاهد خاصخيلي، خيام عرف ثاقب ڀرڳڙي، قمرالدين، امير بخش مري، عبدالرحمان رند، سليم رند، شامل آهن....




ميرپورخاص گروپ


بلاول سومرو 128

رضا محمد لغاري 84

شعيب راجپوت 103

عائشه سليم __
ميرپورخاص جي صحافت

ميرپورخاص ۾ صحافت جو بنياد ان وقت پيو جڏهن ملڪ ۾ انگريز سامراج جو راڄ هو، جڏهن ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر هڪ ئي ضلعو هوندو هو، ان وقت 1916ع ۾ ميرپورخاص شهر مان ٿر گزٽ اخبار شايع ٿي جنهن جو ايڊيٽر ۽ مالڪ سر گرنومل هو، اها اخبار نيوٽاون واري علائقي مان پبلش ٿيندي هئي، ٿوڙي عرصي کان پوءِ ان اخبار جو نالو تبديل ڪري ميرپورخاص گزٽ رکيو ويو.

1924ع ۾ محمد هاشم مخلص، عثمان ڏيپلائي ۽ محمد خان غني گڏجي ڍولڻ آباد ميرپورخاص ۾ پرنٽنگ پريس لڳائي ۽ مسلمان اخبار شايع ڪئي ۽ مخلص رسالو ڪڍيو. جنهن جو ايڊيٽر محمد خان غني هو انهي پرنٽنگ پريس مان عثمان ڏيپلائي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا.

1931ع ۾ ميرپوخاص شهر مان هندن جون هي اخبارون شايع ٿيون،
پهرين جنم ڀومي اخبار نڪتي جنهن جو ايڊيٽر ۽ مالڪ هرداس
واسواني هو. ان کان پوءِ جي ڀارت اخبار شايع ٿي جنهن جو ايڊيٽر ۽ مالڪ هوتچند اسناني هو، ۽ پوءِ ڪرانتي نالي هڪ اخبار شايع ٿي جنهن جو مالڪ ۽ ايڊيٽر مولن ٽي ماڻڪ هو

1941ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ناراويلي هاڻوڪو عمرڪوٽ مان زندگي نالي اخبار شايع ٿي جنهن جو ايڊيٽر ۽ مالڪ سيد گُل حسن شاهه هو.

1942ع ۾ حاجي محمود هالائي اسٽيشن چوڪ تان همدرد پرنٽنگ پريس قائم ڪئي ۽ اُتان هفتيوار اخبار همدرد شايع ڪيائين، جنهن جو ايڊيٽر  به پاڻ ئي هو، جيڪا هيل تائين به ساڳي پريس تان شايع ٿيندي پئي اچي.

پاڪستان جي آزادي کان پوءِ غلام محمد ڀرڳِڙي جنهن جي نالي سان هن وقت ميرپورخاص ۾ تعلقو ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي آهي ان زميندار اخبار جي اشاعت جي شروعات ڪئي ان اخبار شايع ڪرڻ جو اصل مقصد هارين کي زراعت بابت نيون تجويزون ڏيڻ هو ۽ ٻج ۽ ڀاڻ لاءِ قرض پڻ ڏيڻ هوته جيئن ننڍا ننڍا آبادگار پنهنجون زمينون آباد ڪري بهتر روزگار ڪمائي سگهن.

1951ع ڌاري لطف علي دل، خادمِ وطن اخبار شايع ڪئي جنهن جو ايڊيٽر ۽ مالڪ به پاڻ هو جڏهن ته ان ساڳي ئي خاندان مان اڄ به اقبال دل هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر آهي.

1954ع ۾ غلام رسول شاهه اسٽيشن چوڪ تان غازي نالي اخبار شايع ڪيائين جن جو ايڊيٽر پاڻ هو اخبار کي رجسٽر ڪرائڻ کان پوءِ نالو تبديل ڪري سرتاج رکيو ويو.

1960ع واري ڏهاڪي ۾ کاٻي ڌُر جي نامياري سياستدان ڪامريڊ غلام محمد لغاري ميرپورخاص ۾ سچائي منزل تان سچائي پريس قائم ڪئي جتان هن هفتيوار اخبار سچائي شايع ڪئي جنهن جو ايڊيٽر ڪامريڊ پاڻ هو، ڪجهه عرصي کان پوءِ اها اخبار بند ٿي وئي ۽ 1969ع ۾ وري بيداري نالي هڪ اخبار شايع ڪئي. جنهن جو پهريون ايڊيٽر عمردين بيداري هو، جيڪو هلال پاڪستان جو ايڊيٽر پڻ هو اها اخبار ڪئي لوڏن جي باوجود ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جاري رهي، ان اخبار ۾ گهڻي قدر مواد سياسي، ثقافتي ۽ هارين جي حقن جي باري ۾ هوندو هو اها اخبار پڻ سچائي منزل مان شروع ٿي، 1970ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لاءِ لڳي ۽ ذولفقار علي ڀٽو کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي بعد ۾ ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ احتجاج ٿيو ۽ پريس تي به پابنديون لڳيون ۽ بيداري اخبار جي ڊڪليئر يشن رد ٿي وئي پوءِ ڪامريڊ غلام محمد بيداري جا ڊڪليئريشن دوستن کي ڏنا جيئن اهي عوام جو آواز اُٿاريندا رهن، 1973ع ۾ بيداري علي حسن ۽ سهيل سانگي جا حوالي ڪئي پنهجي اڻٿڪ محنت ۽ جاکوڙ سان اخبار جا 7 پرچا شايع ڪيا هئا ته حيدرآباد واري رابطه آفيس تي پوليس چڙهائي ڪئي ۽ سمورا سامان ضبط ڪري بيداري جو ڊڪليئريشن رد ڪرڻ جو نوٽيفيڪيشين جاري ڪيو،

1990ع ۾ مهر ڪاڇيلوي جي ڌيءَ روزينه مهر اسٽيشن چوڪ تان عورت اخبار شايع ڪئي جيڪا عورتن جي حقن بابت هئي هن اخبار جو ايڊيٽر مهرڪا ڇيلوي پاڻ هو.

1992ع ڌاري لالا تعمير، تعمير نالي اخبار شايع ڪئي، جيڪا اردو ۽ سنڌي ۾ گڏيل طور پبلش ٿيندي هئي جنهن جو ايڊيٽر لالا پاڻ هو،

1996ع ۾ کري ڪوارٽر ميرپورخاص مان ٿر ٽائيم پبلش ٿي جنهن جو مالڪ غلام رسول ڀرڳڙي ۽ ايڊيٽر صديق علي هو،

1997ع ۾ اسٽيشن چوڪ تان دوست علي ڀٽي اخبار شايع ڪئي جنهن جو نالو پيغامِ سنڌ هو، ان اخبار جو ايڊيٽر دوست علي ڀٽي هو جيڪو عبرت اخبار جو رپورٽر پڻ هو ساڳي وقت ۾ مارڪيٽ مان اخبارِ عالم پڻ شايع جنهن جو مالڪ ابراهيم آريسر ۽ ايڊيٽر قائم سولنگي هو.

1997ع جي آخر ۾ چنگاري اخبار پڻ شايع ٿي جنهن جو ايڊيٽر ڪامريڊ عبدالله سمون هو، ان وقت هلالِ وطن پڻ شايع جن جو مالڪ ۽ ايڊيٽر ڪامريڊ ابراهيم آريسر هو،

ترجمان اخبار مولانا گرامي حيدرآباد مان شايع ڪئي جن جون ڪاپيون ميرپورخاص ۾ کڻي ايندو هو جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو شيخ نفيس احمد نوشاد رکيو جيڪو هن وقت سنڌ ٽيسڪٽ بورڊ ۽ مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر آهي، نفيس تاريخِ ريگستان جي ليکڪ رائچند راٺوڙ جو پٽ آهي،





ميرپورخاص جي صحافت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتون

ڪامريڊ غلام محمد لغاري
ڪامريڊ غلام محمد لغاري اصل ڊگري ويجهو ڳوٺ فقير غلام علي لغاري جو رهاڪو هو پوءِ نبي سر روڊ ويجهو اچي رهيو، هن نوجواني ۾ خاڪسار تحريڪن ۾ حصو ورتو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ هاري تحريڪ ۾ پڻ گهڻو رهيو، هارين جي حقن لاءِ حيدر بخش جتوِئي سان گڏ پڻ رهيو، مائي بختاور سندس نياڻي هئي جنهن والد جيان هارين لاءِ جاکوڙيندي رهي، ڪامريڊ گهڻو وقت گذاريو، ميرپورخاص ۾ سچائي پريس قائم ڪيائين ۽ بيداري اخبار شايع ڪيائين، سندس خاندان مان هن وقت ايڊووڪيٽ يوسف لغاري ۽ هاشم لغاري آهن.

دوست علي ڀٽي
دوست علي ڀٽي اصل ٽنڊوالهيار هو ۽ انفارميشن ڊيپارٽمنٽ ۾ ملازم هو، اها ملازمت ڇڏي ميرپورخاص ۾ ڀٽي پرنٽنگ پريس قائم ڪئي. جتان هن پيغامِ سنڌ اخبار شايع ڪئي پاڻ گهڻو وقت ميرپورخاص ۾ ئي رهيو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين.

حاجي محمد هالائي
حاجي محمد هالائي اصل ۾ هالا جو رهندڙ هو سندن پئي جو نالو اسحاق ميمڻ هو ميرپورخاص ۾ لڏي اچڻ کان پوءِ همدرد پرنٽنگ پريس قائم ڪئي جتان همدرد ۽ غالب اخبار شايع ڪيائين جنهن کي هن وقت تائين سندس پُٽ حبيب لله ۽ رياض ميمڻ هلائيندا پيا اچن، حاجي محمد هالائي 1983ع وفات ڪيائين،

سيد غلام رسول شاهه
پاڻ ميرپورخاص جي کري ڪوارٽر جو رهواسي هو، سيد مظفر شاهه جي والد غلام حيدر شاهه مرحوم سان مائٽي هئڻ ڪري سندس هڪ دفعي قائدِاعظم محمد علي جناح ۽ سائين جي ايم سيد گڏ آيا هئا، هن سرتاج اخبار شايع ڪئي، پاڻ بيماري جي حالت ۾ اها اخبار سنڌ يونيورسٽي جي صحافت شعبي جي چيئرمين خان محمد پنهور جي حوالي ڪئي، هن به ڪافي عرصي تائين جاري رکيو،

حنيف مهر ڪاڇيلوي
اصل پنجاب جو رهواسي هو، پوءِ ميرپورخاص ۾ ڪاڇيلوي اسٽيشن ويجهو ڳوٺ محمد مهر بوٽا ۾ اچي رهيو. پنهنجي زال جي قتل واري ڪيس ۾ 13 سال جيل ۾ گذاريا،  آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڌيءَ روبينه مهر سان گڏجي عورت اخبار شايع ڪيائين، هن تاريخِ ميرپرخاص پڻ لکيو جنهن تي پابندي لڳي جڏهن ته هن ميرن بابت تاريخي ڪتاب تاريخِ ماڻڪاڻي پڻ لکي.

محمد هاشم مخلص
اصل ضلعي ٿرپارڪر ويجهو ڳوٺ ٺڪڙ جو رهواسي هو هن 1928ع ۾ ميرپورخاص مان مسلمان اخبار شايع ڪئي، انگريز سامراجن خلاف جنگ ۾ رهيو ۽ انهن خلاف نفرت جو اعلان ڪيو، جنهن ڪري ڪافي عرصو جيل رهيو، 1931ع ۾ وفات ڪيائين.



محمد خان غني
هن جي ڏاڏي جو نالو قاضي محمد دائود هو، جيڪو ٺڪڙ جو رهواسي هو، محمد خان تپيداري جي ملازمت ڇڏي ميرپورخاص ۾ مسلمان  اخبار جو ايڊيٽر ٿيو، 1979 ۾ وفات ڪيائين. پاڻ محمد هاشم مخلص جو ڀاڻيجو هو،

لطف علي دل
هي اصل. جهلوري جو رهواسي هو، لطف زميندار خاندان سان تعلق رکندو هو، ميرپورخاص مان خادمِ وطن اخبار شايع ڪيائين، جيڪا حيدرآباد مان هيل تائين جاري آهي، پاڻ ڪافي عرصو اڳ وفات ڪري چڪا آهن،

گرنومل
مهاشي گرنومل جو تعلق آرياس سماج سان هو جنهن جو ڪم مسلمانن کي هندن ٺاهڻ هو پر ان جي باوجود به مسلمانن جون هن سان همدرديون هيون ڇو ته اخلاقي طور تي صاف نيت شخص هيو، هن نيو ٽاون مان گزٽ پريس جو قيام عمل ۾ آندو، جتان مسلمان گزٽ جي نالي سان اخبار شايع هئي پاڻ هن جو ايڊيٽر هو.

روبينه مهر
روبينه مهر ڪاڇيلوي جي ڌيءَ هئي جيڪا 1967ع پيدا ٿئي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1990ع ۾ عورت نالي اخبار شايع ڪئي جنهن ۾ هن عورتن سان ٿيندڙ ظلم بابت لکيو، صحافت سان گهرو لڳاءُ هئس هي ضلعي ٿر پارڪر جي پهرين عورت هئي جيڪا عورتن جي حقن بابت اخبار ڪڍي ۽ تاريخ ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو.

سهيل سانگي
سهيل سانگي جو اصل وطن ضلعو ٿرپارڪر تعلقو ڇاڇرو ڳوٺ جهنجهي جو رهاڪو آهي، پاڻ مشهور سياستدان ڄام ساقي جا ويجها عزيز آهن، ڪالم نگار جي حيثيت ۾ هن هتان جي علائقي جي ڏکن ۽ سورن بابت لکيو، ميرپورخاص ۾ بيداري اخبار لاءِ سرگرم رهيا،

امان الله سومرو
ميرپورخاص ۾ ڪافي عرصي کان کليو سچ لکڻ جي ڪري ادارن مان ٿيندڙ ڪرپشن ۽ ڪامورا شاهي جي آڙهه زورائي جي خلاف بي باڪي سان ڪنهن وڌيڪ لکيو آهي ته اهو امان الله سومرو آهي، امان الله گهڻا ئي ڪتاب لکيا ۽ جيل به ويو پر سندس جدوجهد هزارين هارين ۽ مزدورن کي قيد ڪندڙ زميندارن کان نجات ڏياري، پاڻ هيئنر اسٽامپ وينڊر جو ڪم ڪري ٿو،

ضياٰء جو دور
ضياء جي دور ۾ خاص ڪري اردو پريس يڪطرفو ڪردار ادا ڪيو، ٻين لفظن ۾ اهي ضياء جي حمايت ۾ شامل هئي، ۽ ان جي ڪم کي جائز ۽ سٺو ڪري پيش ڪندي هئي، پر سنڌي پريس جنهن مختلف اخبارن پنهنجي پنهنجي پاليسي مطابق هلندا هئا انهن گهڻو ڪري سنڌ جي اصل رهواسين سان ٿيندڙ اقوبتن ۽ ڏاڍاين خالف لکيو، خاص ڪري ڪالم نگار هئا، انهن جي آزادانه ليکن سان انهن کي روپوش ٿيڻو پيو ۽ جيل به وڃڻو پيو هو، ان وقت مجرم لغاري، هوت علي، ڪامريڊ ابراهيم آريسر، معصوم ٿري قائم سولنگي، جي ايم ڀڳت مالهي، پيارو خان شر ڪالم لکي ضياء دور ۾ جمهوريت لاءِ خاصو ڪردار ادا ڪيو،

ميرپور خاص ۾ پريس ڪلب

ميرپورخاص هن وقت ٻه پريس ڪلب موجود آهن
ميرپورخاص پريس ڪلب ۽ نيشنل پريس ڪلب

ميرپورخاص پريس ڪلب
هي پريس ڪلب 1971ع ۾ قائم ٿيو، ان وقت پريس ڪلب جو صدر حاجي محمود هالائي ۽ نائب صدر ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ جنرل سيڪريٽري دوست علي ڀٽي هو،
هر سال پريس ڪلب ۾ اليڪشن ڪوٺائي ويندي آهي، هن پريس ڪلب ۾ مختلف صحافين عهدن تي رهي پنهنجون ذميواريون سٺي نموني انجام ڏنيون آهن، انهن ۾ الله بچايو مڱريو سڀني کان وڌيڪ 15 سال پريس سيڪريٽري جي عهدي تي فائض رهيو، موجوده پريس ڪلب جي بلڊنگ جي بنياد ان پقت جي وزيرِاعلي سنڌ سيد عبدالله شاهه 1996 ۾ رکي ان وقت پريس ڪلب جو صدر دوست علي ڀٽي، جنرل سيڪريٽري صديق ساگر ۽ خزانچي عاشق علي ميمڻ هو، موجوده بلڊنگ حيدرآباد روڊ ميرپورخاص تي واقع آهي، 2008 ۾ بلنڊنگ جي نئي سر تعمير ڪيو ويو جنهن جي افتتاح غلام دستگير خان جمالي ڪئي، هن وقت اهو سٽي ناظم تحصيل ميونسپل ايڊمنسٽريٽر هيو، هن وقت ميرپورخاص ڪلب جو صدر راشد سليم ۽ نائب صدر واحد حسين پهلواني، جنرل سيڪريٽري صالح اوٿو، جوائنٽ سيڪريٽري اطهر ڪريم جيلاني ۽ پريس سيڪريٽري آفتاب قادري آهي.



ميرپورخاص پريس ڪلب جي مالي مدد ڪندڙ شخصيتون
20 فيبروري 2010 تي وزيرِاعلي سيد قائم علي شاهه ميرپورخاص پريس ڪلب جي 2 لک روپين جي مالي مدد ڪئي، ميرمنور ٽالپر 50،000 ۽ سيد عنايت علي شاهه 26000 روپيا پريس ڪلب جي تعميروترقي لاءِ ڏنا جڏهن ته مختلف وقتن تي سياسي ۽ سماجي شخصيتن پريس ڪلب جي مدد ڪندا پيا اچن.

نيشنل پريس ڪلب
نيشنل پريس جو افتتاح 2006ع ۾ ٿيو، اهو پريس ڪلب مين مارڪيٽ چوڪ تي، بلديا شاپنگ سينٽر جي سامهون واقع آهي، هي پريس ڪلب  جيڪا پرائويٽ پراپرٽي آهي، هن پريس ڪلب جو پهريون صدر قمرالدين هيو جيڪو انهي پريس ڪلب جو جوڙيندڙ هيو، هن پريس ڪلب جا 18 ميمبر آهن، ڪجهه ڪارڻن ڪري 2012 ۾ نيشنل پريس ڪلب جي باڊي ٽوڙي پاڻ به استفعي ڏئي ڇڏي. محمد هاشم جنرل سيڪريٽري 7 ميمبرن تي مشتمل هڪڙي ڪميٽي ٺاهي جنهن جو صدر بتخيار شاهه هيو تنهن بعد ان ڪميٽي 2014 تائين پنهنجي نگراني ۾ رکيو، 2014 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ٿيا ۽ قمرالدين ٻيهر صدر چونڊيو ويو، نئين باڊي ۾ جنرل سيڪريٽري سجاد رند آهي، هن پريس ڪلب جي ٺهڻ جو ڪارڻ قمرالدين ۽ ٻين ڪجهه صحافين جي ميرپورخاص ڪلب مان نڪالي هو،

  

ميرپور خاص ۾ موجوده سينئر صحافين جي فهرست

 سليم آزاد جنهن جو تعلق جنگ اخبار سان آهي
راشد سليم جنهن جو تعلق اُمت اخبار سان آهي
 ظهير شاهه جنهن جو تعلق هلالِ پاڪستان اخبار سان آهي
  قمرالدين جنهن جو تعلق ڊان اخبار سان آهي
سعيد قائم خاني جنهن جو تعلق نوائي وقت اخبار سان آهي
 قائم سولنگي جيڪو ڪالم نگار آهي
 ابوبڪر جنهن جو تعلق عوامي اخبار سان آهي
عاشق ميمڻ جنهن جو تعلق همدرد اخبار سان
آهي

پرنٽ ميڊيا جي رپورٽن جي فهرست
شاهد خاصخيلي،روزاني ڪاوش  
سليم آزاد، روزاني جنگ اخبار
حبيب الله، روزاني جيجل اخبار
شوڪت پنهور، روزاني سنڌ ايڪسپريس
قمرالدين، ڊيلي ڊان
عاشق شيخ، روزاني جهان پاڪستان
راشد سليم، روزاني اُمت
آفاق احمد، دي نيشن





اليڪٽرانڪ ميڊيا جا بيوروچيف ۽ رپورٽر

شاهد خاصخيلي، بيوروچيف ۽ رپورٽر ڪي ٽي اين
خالد، بيوروچيف ۽ رپورٽر جيو نيوز
رضا خان بيوروچيف ۽ رپورٽر سماءَ
نظير پنهور بيوروچيف ۽ رپورٽر سنڌ ٽي وي
ذولفقار لاکو بيوروچيف ۽ رپورٽر مهراڻ ٽي وي
هاشم شاهه بيوروچيف ۽ رپورٽر آج ٽي وي
وارث خاصخيلي بيوروچيف ۽ رپورٽر روئل ٽي وي
سيد ظهير شاهه بيوروچيف ۽ رپورٽر ڌرتي ٽي وي
شهزاد بيوروچيف ۽ رپورٽر ميٽرو چينل
بيوروچيف ۽ رپورٽر پي ٽي وي

هن وقت ميرپورخاص ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا 100 کان وڌيڪ رپورٽر آهن پر افسوس ڪنهن وٽ به صحافت جي ڊگري ناهي ۽ هڪ به عورت صحافي ميرپورخاص ۾ نه آهي.




ميرپورخاص جا مشهور صحافي جيڪي ٻين شهرن ۾ مقيم آهن

امر سنڌو
امرسنڌو جو اصل نالو سلمي لغاري آهي جنهن جو تعلق ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي خاندان سان آهي، هن وقت امر سنڌو سنڌ يونيورسٽي جي شعبي فلاسافي جي چيئرپرسن آهي، هن جي پيدائش ميرپورخاص جي تعلقي ڪوٽ غلام محمد ٿي، ۽ ابتدائي تعليم به اتان ئي حاصل ڪيائين، امر سنڌو عورتن جي حقن لاءِ شروع کان وٺي جاکوڙيو آهي، ۽ ڪجهه دوستن سان گڏجي آدرش ميگزين ڪڍي رهي آهي، جيڪو سياسي، سماجي ۽ ثقافتي مسلئن تي مبني آهي.   

 ميرپورخاص ۾ ريڊيو جو آغاز
پاڪستان ۾ ريڊيو جو افتتاح 15 آگسٽ 1947ع تي ٿيو هو، جنهن جو نالو پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس آهي جنهن جو هيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ آهي، جڏهن ته ايف ايم جي شروعات 23 مارچ 1995 ۾ ٿي.
ميرپورخاص ۾ ٻه ايف ايم اسٽيشن آهن، جن ۾ سولر ايف ايم 98 ۽ جئي ايف ايم 88 شامل آهن، سولر ايف ايم 2009 قائم ٿيو جڏهن ته جيئي ايف اي ايم 2013 تي قيام پذير ٿيو،

سولر ايف ايم 98 ميرپورخاص
سولر ايف ايم 98 ميرپورخاص جي بنياد 2009 ۾ رکي وئي ان اسٽيشن کي مالي ڪفالت هم ٽي وي ڪري رهيو آهي، ان اسٽيشن جو ميئنيجر اختر حسين آهي، 2009 ۾ ايف ايم جي ٽيسٽ ٽرانسميشن هلندي رهي ۽  2010 کان مختلف پروگرامن جي شروعات ٿي، آرجي خيام هن ايف ايم جو پهريون آر جي هيو، هن ايف ايم جي رينج 70 ااسڪوائر ڪلوميٽر آهي.
98 ايف ايم جي پاليسي ۾ تعليم، سماجي مسئلا سان گڏ سُڌ سما شامل آهي، هي ايف ايم ڪنهن به سياسي پارٽي جي ترجماني نٿو ڪري ۽ نه ئي ڪنهن تي تنقيد ڪري ٿو، البته اليڪشن واري وقت پئسن سان تشهير ڪري ٿو، 2009 کام 2010 ان جو وقت شام 6 بجي کان وٺي 10 بجي تائين هو، پر ماڻهن پاران مثبت موٽ ملڻ بعد ايف ايم جي وقت ۾ اضافو ڪيو ويو جيڪو صبح 6 بجي کان وٺي رات 12 بجي تائين آهي، ايف ايم مختلف پروگرامن جي شروعات به ڪئي وئي جيئن گڊ مارننگ شو ۽ نيوز جو سيڪشن به رکيو ويو، جيڪا مختلف نيوز چينل جي توسط سان فرڪوئنسي وسيلي خبرون پيش ڪيون وينديون آهن.
ايف ايم 98 جا ٻه مشهور آر جي هارون بلوچ ۽ مجتبي آهن انهن 2010 جي آخر ۾ سولر ايف ايم 98 کي جوائن ڪيو ۽ هيل تائين مختلف پروگرام ڪري رهيا آهن، ان کان علاوه ابتدائي وقتن تي هيٺ ڏنل آر جي به ان ايف ايم جو حصو رهيا
خيام
گُل ناز
امير بخش مري
علي منور
سولر ايف ايم جي عمارت پهريان پراني ميرپور ۾ هئي پر 2014 ۾ اها عمارت پير شاهه ڪالوني شفٽ ٿي چڪي آهي



جيئي ايف ايم 88 مير پور خاص
جيئي ايف ايم جي شروعات 14 مارچ 2013 ۾ ٿي ان جو ڊاريڪٽر ۽ مالڪ ايڊووڪيٽ يوسف لغاري آهي، اسٽيشن مينيجر سرواڻ لغاري، پروگرام مينيجر گُل ناز، ريزيڊنٽ ڊاريڪٽر دلاور خان ۽ اسٽيشن مينيجر امير بخش مري آهي، جئي ايف ايم جا مشهور آر جي هي آهن
امير بخش مري، گُل ناز، علي منور ۽ جان محمد آهن، امير بخش اسپيشل امير پروگرام ڪري ٿو، گُل ناز خوشبوءِ سخن پروگرام، علي منور گُڊ مارننگ ۽ جان محمد سنڌي ڪلچرل پروگرام ڪري ٿو، جئي ايف ايم جي پاليسي آهي ته ڪو به آر جي ڪنهن به سياسي ۽ سماجي ڌر تي ڪنهن به قسم جي تنقيد نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ان کي ظاهر ڪري سگهي، ان اسٽيشن تي مزاحيه، معلوماتي، سنڌي ڪچهري، ثقافتي ۽ مذهبي نوعيت جا پروگرام هلايا وڃن ٿا، جڏهن ته نجي چينل جي توسط سان هر ڪلاڪ ۾ خبرون پڻ نشر ڪيون وينديون آهن تن ۾ دونيا ٽي وي ۽ بي بي سي اردو شامل آهن،

ايڊووڪيٽ يوسف لغاري
ايڊووڪيٽ يوسف لغاري جو تعلق ڳوٺ فقير غلام علي لغاري تعلقو ڊينگاڻ سان آهي، 1962 ۾ ميٽرڪ ۽ 1967 ۾ بي اي آنر فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪئي تنهن بعد ايم اي آنرس جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين انهي سال سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد اتحاد جو صدر پڻ چُنڊيو ويو، 1969 ۾ ايل ايل بي پاس ڪري ميرپورخاص کان  وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين، جڏهن ڀٽو صاحب اقتدار ۾ آيا تڏهن يوسف لغاري کي لاهور ۾ آفيسر طور مقرر ڪيائين، 1974 يوسف لغاري ٿرپارڪر بار ايسوسيئشن جا صدر منتخب ٿيا، 1979 کان 1989 تائين مسلسل سنڌ بار ڪونسل جا ميمبر منتخب ٿيندا رهيا، سنڌ يونيورسٽي جي شعبي سنڌالاجي ۾ پنهنجي تصوير پڻ لڳايائين ڇاڪاڻ هي پهريون سنڌي هيو جنهن کي ڊاريڪٽوريٽ جي اعزازي ڊگري حاصل ڪئي. يوسف لغاري ضلعي جو مشهور ايڊووڪيٽ آهي، يوسف لغاري ميرپورخاص ۾ جئي ايف ايم 88 جو بنياد وڌو ۽ ماڻهو کيس چاهه منجهان ماما پڻ سڏين ٿا،


ميرپورخاص ۾ صحافين سان ٿيندڙ ظلم و قتل و غارت
زُبير احمد مجاهد
صحافين سان ته پوري دُنيا ۾ ئي ويڌن آهي، خاص ڪري پاڪستان ۾ به صحافين کي هميشه جان جا خطرا رهيا آهن، ساڳي نموني ميرپورخاص ۾ به صحافين مٿان گهڻا حملا ٿيا ۽ ڪجهه اجل جو شڪار پڻ ٿيا آهن، مير پورخاص ۾ پهرين صحافي زبير احمد مجاهد جو قتل 2007 ۾ ٿيو جنهن جو تعلق جنگ سان هو، مجاهد صحافت ۾ 20 کان 25 سال گذاريا ۽ پاڻ جنگ جو بيوروچيف پڻ رهيو،

سلطان محمود چانڊيو
سلطان محمود جو تعلق دادو کان هو، جتي پوليس سروس ۾ هيو جڏهن جئي سنڌ ۾ شموليت بعد نوڪري ڇڏڻي پئي جنهن بعد هو ميرپورخاص اچي ويو ۽ روزنامي تعميرِ سنڌ جو رپورٽر تنهن بعد سنڌ ٽي وي ۽ ان بعد آواز ٽي وي جو بيوروچيف ٿي ويو،
سلطان محمود چانڊيو ميرپورخاص پريس ڪلب جو صدر ۽ آواز ٽي وي جو بيوروچيف ۽ سينئر صحافي به هو، سلطان محمود کي 5 ڊسمبر 2010 ۾ گهر جي سامهون ئي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، هن 1999 ۾ صحافت ۾قدم رکيو ان وقت هو هڪ نجي سنڌي چينل جو رپورٽر هيو،سندس 1999 کان پهرين جئي سنڌ قومي محاذ سان تعلق هو
سلطان محمود چانڊيو مير پورخاص جو ٽي ڀيرا صدر چونڊيو ويو، سلطان محمود چانڊيو جي قتل جي خلاف سمورن صحافين احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي،


اشرف پنهور
اشرف پنهور پنهنجي ڀائٽي جي شادي ۾ وڃي رهيو هو ته کيس ڪجهه هٿياربند ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو، اشرف جي عمر 45 سال هئي ڪاوش جي ايڊٽر مطابق 9 مئي 2011 واري ڏينهن اهڙو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اشرف پنهور روزاني ڪاوش جو رپورٽر هيو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس واقعي ۾ شامل هڪ مجرم کي به گرفتار پڻ ڪيو پر ان کي بي گناهه قرار ڏئي ڇڏي ڏنو ويو.

صحافين جو اتحاد
صحافين جو اتحاد ميرپورخاص توڙي پوري دنيا ۾ وجود رکي ٿو جيڪي مختلف تنظيمن وسيلي اهي اتحاد ۾ مضبوطي آندي وڃي ٿي جيئن آل  پاڪستان نيوزپيپرز ايسوسيئشن وغيره شامل آهن، ميرپورخاص به صحافين جون ٻه يونينون ڪم ڪري رهيون آهن، جتي صحافي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن،  هڪ صحافي يونين جو نالو اعوانِ سنڌ ۽ ٻي يونين آف جنرلسٽ آهي، هڪ ميرپورخاص پريس ڪلب تي واقع آهي ۽ ٻيو نيشنل پريس ڪلب تي واقع آهي،


فوٽوگرافر
ميرپورخاص ۾ ٻه ئي ناميارا ۽ مشهور فوٽو گرافر آهن، هڪ شيخ عاشق ۽ ٻيو منصور آهي جيڪو ميڊيا لاءِ 15 کان 20 سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي، ڪجهه صحافي ميرپورخاص جي پراڻي ۽ مشهور فوٽو گرافر ڪندڙ نشاط اسٽوڊيو مان ڪجهه فوٽو گرافر پاڻ سان گڏ کڻي وڃن ٿا


اخبار ايجنٽس ۽ ايجنسيون ا
ميرپورخاص ۾ مختلف اخبار ٻين شهرن مان هتي پهچن ٿا ڪجهه مشهور اخبارن جا نالا هي آهن

روزاني ڪاوش حيدرآباد
روزنامه جنگ ڪراچي
روزاني شام حيدرآباد
روزاني مهراڻ ڪراچي
روزاني عوامي آواز حيدرآباد
روزاني ايڪسپريس ڪراچي
روزنامه جرات ڪراچي
روزاني سوڀ حيدرآباد
روزاني ڪوشش حيدرآباد
ڊيلي ڊان ڪراچي
روزنامه اُمت ڪراچي
روزاني عبرت حيدرآباد
روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد
روزاني جيجل حيدرآباد  وغيره شامل آهن
اهي اخبارون پوري ضلعي ۾ مختلف ايجنٽ ورهائيندا آهن، انهن ۾ سڀني کان پهرين حاجي اقبال احمد ٿيڻ گهرجي جيڪو 20 سالن کان ايجنٽ جو ڪم ڪري رهيا آهن، هن 20 سال اڳ اسٽيشن روڊ تي هڪ ايجنسي قائم ڪئي جيڪو ٻين ايجنٽن وسيلي پوري شهر ۾ اخبارون ورهائيندو آهي، ان بعد ٻيو نالو مشتاق نالي ايجنٽ آهي جيڪو پڻ گهڻن سالن کان اخبارن جي ايجنسي جي ڪم سان سلهاڙيل آهي، ان سان گڏو گڏ قلندري نيوز ۽ سلطان نيوز ايجنٽ پڻ مشهور آهن،

This work is done under supervision of Sir Sohail Sangi 

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں