اتوار، 26 جنوری، 2020

ڪوهستان جي وادي Qayoom Sarohi

Qayoom Sarohi Feature




Sep 18, 2014 at 11:16 AM

ڪوهستان جي وادي
ڪوهستان جو نظارو هر دل تي اثر ڪري ٿو، ڪوهستان جا جبل ۽ ريگستاني علائقو ڄڻ نيڻ جو محبوب هجي، جن کي جيترو گهري نظر سان ڏسجي ٿو اوترو دل تي گهرا اثر ڇڏي ٿو، ڪوهستان ۾ جڏهن برسات پوي ٿي ته چئوطرف ساوڪ ئي ساوڪ جا دلڪش نظارا نظرا ايند آهن پر برسات نه پوڻ ڪري ڪوهستان جي وادي ويران ۽ اجڙيل لڳندي آهي، واديِ ڪوهستان ۾ جتي ماڻهن جي پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو آهي اتي جبلن ۾ رهندڙ ناياب نسل جي جانورن جي جياپي جو پڻ وڏو مسئلو پيدا ٿئي ٿو، جيڪي گرمي جي جهولن ۾ پاڻي جي ڍڪ لاءِ جبلن ۾ ڊوڙون پائن ٿا، ڪوهستان ۾ هرڻ، چراغ، بگهڙ، ايبڪس، چيٽو ۽ اريال سميت 30 کان 35 هزار کان وڌيڪ ناياب نسل جا جانور رهن ٿا، جن جي کاڌ خوراڪ جبلن ۾ ڦٽندڙ گاهه هوندو آهي، پيئن لاءِ ندين ۾ گڏ ٿيندڙ برسات جو پاڻي، جبلن ۾ رهندڙ ناياب نسل جا جانور شڪارين کان ته لڪي حياتيون بچائي سگهن ٿا پر پاڻي جي تڙپ کين ماريو ڇڏي، جانورن کي پهاڙن ۽ جبلن اندر پاڻي پهچائڻ مشڪل ضرور آهي، پر ناممڪن ناهي، جهڙي طرح وائلڊ لائيف کاتي ڪوهستان جي ٽڪري تي 50 چيڪ ڊيم قائم ڪيا آهن، جن ۾ برسات جو پاڻي گڏ ٿئي ٿو ۽ جانور اتان پاڻي واپرائن ٿا، ان جو دارو مدار به برسات تي ٿئي ٿو، جيڪڏهن سٺي برسات پوي ٿي ته جانورن کي هڪ ڊيم مان 20 کان 25 ڏينهن تائين پاڻي مليو وڃي، نه ته سڄو سال جانورن لاءِ پيئڻ جي پاڻي سميت کاڌ خوراڪ هڪ ديواني جو خواب بڻيل رهي ٿي، گذريل ٽن سالن کان برسات به ڪوهستان ڪان ڪاوڙجي وئي آهي، جبلن تان ساوڪ جا خوبصورت نظارا به ساڳيا ناهن رهيا، پهاڙن ۾ قائم جانورن جا چيڪ ڊيم مڪمل طور سڪي چڪا آهن، جنهنڪري هن وقت هزارين ناياب نسل جي جانورن جو جياپو مشڪل بڻيل آهي، شڪاري جي نظر هميشه پنهنجي پيٽ تي رهي آهي، جيڪڏهن هو جانورن جي پيٽ ڏانهن نهارين ته شايد سندن تير جو نشانو مٽجي وڃي، پر افسوس، ڪوهستان جي جانورن جي دانهن ۽ درد کي ڪو ٻڌڻ وارو ئي ناهي، انسانيت جي ناتي اهو سڀني جو فرض ٿئي ٿو ته ڪنهن جانور کي اڃ ۽ بک وگهي مرڻ کان بچايو وڃي، وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن کي به هاڻي اکيون کولڻ گهرجن نه ته 30 کان 35 هزار ناياب نسل جا جانور اڃ ۽ بک ۾ ئي مري ويندا، وائلڊ لائيف کاتي جي گاڏين ۾ ڊرمن ذريعي جانورن کي پاڻ بچائڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته واديِ ڪوهستان جو ناياب نسل موڪلائي ويندو..
The writing skill work was carried under supervision of SIr Sohail Sangi, at Department of Mass Communication University of Sindh

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں