Travel لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
Travel لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں

ہفتہ، 8 فروری، 2020

ريل جو يادگار سفرڄامشوري کان دادو


Asad Bhutto


Feb 20, 2013 at 9:07 PM

ريل جو يادگار سفرڄامشوري کان دادو
           ننڍي هوندي کان ئي وڏڙن کان ٻڍندو آيس تہ ريل جو سفر ڏاڍو مزيدار ٿيندو آهي. سفر ۾ ڪو بہ ٿڪ نہ ٿيندو آهي.اهي ڳالهيون ٻڌي دل چوندي هئي تہ ريل جو سفر بہ ڪرڻ گھرجي. هاڻي تہ اسان بسون ۽ وينون اچي چڪي آهن جن تي ماڻهون بنا ڪنهن انتطار جي هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ پهچي وڃي ٿو. جڏهن تہ ريل جي لا۽ ڪافي انتطار ڪرڻو پوندو هئو. ۽ اسيشن تي بہ ماڻهن جو ميلو لڳل هوندو هو. پرهاڻي جو ريل جي سفر ڏانهن  رجهان گھٽجي رهيو آهي.                                           
هڪ ڏينهن  اسان دوستن گڏجي صلاح ڪئي تہ هن ڀيري ڳوٺ ريل تي هلبو ۽ ريل جي سفر جو مزو وٺجي.هڪ ڏينهن يونيورسٽي جي موڪل ٿي تہ اسين سڀ گڏجي رات جو 10 وڳي گھران پنڌ نڪتاسين هر هڪ کا ڪُلهي تي ٿيلها هئا ۽ ڪچهري ڪندا اسٽيشن تي  پهتاسين. ان وقت اسان کي عجيب لڳي رهيو هوُ ڇو تہ پهرين دفعي اسٽيشن تي آيا هئاسين اسٽيشن تي مُڪمل خاموشي هئي . اسين بہ ٿيلها رکا ويهي رهياسين ۽ ٽڪيٽ وٺڻ واري جا۽  ڳولڻ لڳاسين اتي اسان کي هڪ پوليس وارو نطر آيو اسان ان کان  ٽڪيٽ جي باري ۽ پڇا ڪئي. اُهو اسان کي ڪاؤنٽر تي وٺي ويو اسان ٽڪيٽون خريد ڪيون. ۽ هاڻي ريل جو انتطار ڪرڻ لڳاسين بس اجها ريل آئي. ۽ هر هڪ جو اکيون پٽڙي ڏي هيون ائين ڪلاڪ ٻہ ٿي ويا پر ريل نہ آهي ۽ سڀ سستُت تي ويهي رهيا. رات جا ٻہ ٿيا تہ ريل جو هاروُن وڳو. سڀ وري سڄاڳ ٿي ويا. اُها ويجهي ايندي رهي سڀ وڌيڪ پراميد ٿيندا ويا. آخر ريل اچي اسٽيشن تي بيٺي. ان کي ڏسي حيرت ٿي ڇاڪاڻ تہ ان ۽ مڪمل اونداه هئي. مسافرن جا چهرا نطر نہ ٿي آيا. دل ۾ خيال آيو تہ هل ڙي پاڪستان ريل ۾ بہ لوڊشيٽنگ. گھڻن کي هٿن ٽارچون هيون ڇو تہ اهي ريل جي  سفر کان واقف هئا. اسان بہ پنهنجون ٽارچ واڙيون موبائلون ڪڍيون (ٽي ٽِي)جي هٿ ۾ بہ ٽارچ هئي.هُو ان جي مدد سان ٽڪيٽون ڏسي رهيو هو. اُتي بلبن جا نشان تہ هئا پر بلب نہ هئا. پکن جا هُڪ تہ هئا پر پکا نہ هئا. دريون  ته هيون پر انهن کي ڄڻ ڪنهن ايلفي هئي هجي بند نہ ٿي رهيون هيون. جنهن ڪري ٿڍ بُہ گھڻي لگي رهي هئي. اُتي باٿروم  تہ هئا پر انهن  ۾ پاڻي نہ هُئو جنهن ڪري فيملي  وارن کي گھڻي ڏکيائي ٿي رهي هئي. اندر ڪا بہ صفائي نہ ٿيل هُئي تمام گھڻي بدبوُ اچي رهي هئي.                                                                                                                               
بوگي کٽارا بس محسوس ٿي رهي هئي. جنهن جي باڊي جا چاپڙ لٿل هئا ۽ فرش ۾ کڏا ۽ سيٽون بہ ڦاٽل هيون ۽ هوا جي زور تي پينگھي وانگر لُڏي رهي هئي. ان ۾ مسافر سيٽن تي  قبضوڪري  ويٺا هئا. ڪنهن کي ويهارڻ لا۽ راضي نہ هئا. اُتي اسان کي هڪ پوڙهو ماڻهون مليو جيڪو اسان کي سڄي واٽ وندرائيندو رهيو ۽ اسان کي سفر جو احساس نہ رهيو ۽ ڳالهين ڳالهين ۾ سفر ڪٽُجي ويو. ريل لڪي ڪراس ڪيو. جبلن جي وچان هلندي رهي  ۽ اسان جبل ڏسندا رهيا سين جيڪي پهريان پرتي کان ڏٺا ۽ نيٺُ سِيوهڻ پهتاسين ۽ اُتهان کائڻ لا۽ ڪجھ ورتو. آخرڪار فجر جو دادو اسٽيشن تي لٿاسين.                                                                                                                           
اها راتُ ڏاڍي ياد ايندي آهي. پنهنجي ريل جي موجوده حالت تي گهڻو افسوس ٿيندو آهي تہ ريل ۾ سفر ڪرڻ وارن کي ڪيتري تڪليف ٿيندي آهي. حڪومت ان طرف ڪا توجہ نہ ڏئي رهي آهي.هر ماڻهون پنهنجي مرضي مطابق ان کي لٽُي رهيو آهي.اڄ تائين اسان وٽ ساڳيون ريلون هلي رهيون آهن جيڪي انگريز سوءَ سال اڳي ڇڏي ويا هئا. انهن تي ڪو بہ مرمتي ڪم نہ ٿيو آهي.حڪومت کي گھرجي تہ انهن جي چڱي طرح سار لهي . ان ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي روڪي هر ڪرپٽ ماڻهون جي  خلاف سخت قدم کڻي. تہ جيئن ريلن جو ساڳيو معيار وري بهال ٿي سگھي . ۽ اسٽيشن واريون ساڳيون رونقون  وري موٽي اچن.                                                                                                                





اتوار، 26 جنوری، 2020

ڪوهستان جي وادي Qayoom Sarohi

Qayoom Sarohi Feature




Sep 18, 2014 at 11:16 AM

ڪوهستان جي وادي
ڪوهستان جو نظارو هر دل تي اثر ڪري ٿو، ڪوهستان جا جبل ۽ ريگستاني علائقو ڄڻ نيڻ جو محبوب هجي، جن کي جيترو گهري نظر سان ڏسجي ٿو اوترو دل تي گهرا اثر ڇڏي ٿو، ڪوهستان ۾ جڏهن برسات پوي ٿي ته چئوطرف ساوڪ ئي ساوڪ جا دلڪش نظارا نظرا ايند آهن پر برسات نه پوڻ ڪري ڪوهستان جي وادي ويران ۽ اجڙيل لڳندي آهي، واديِ ڪوهستان ۾ جتي ماڻهن جي پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو آهي اتي جبلن ۾ رهندڙ ناياب نسل جي جانورن جي جياپي جو پڻ وڏو مسئلو پيدا ٿئي ٿو، جيڪي گرمي جي جهولن ۾ پاڻي جي ڍڪ لاءِ جبلن ۾ ڊوڙون پائن ٿا، ڪوهستان ۾ هرڻ، چراغ، بگهڙ، ايبڪس، چيٽو ۽ اريال سميت 30 کان 35 هزار کان وڌيڪ ناياب نسل جا جانور رهن ٿا، جن جي کاڌ خوراڪ جبلن ۾ ڦٽندڙ گاهه هوندو آهي، پيئن لاءِ ندين ۾ گڏ ٿيندڙ برسات جو پاڻي، جبلن ۾ رهندڙ ناياب نسل جا جانور شڪارين کان ته لڪي حياتيون بچائي سگهن ٿا پر پاڻي جي تڙپ کين ماريو ڇڏي، جانورن کي پهاڙن ۽ جبلن اندر پاڻي پهچائڻ مشڪل ضرور آهي، پر ناممڪن ناهي، جهڙي طرح وائلڊ لائيف کاتي ڪوهستان جي ٽڪري تي 50 چيڪ ڊيم قائم ڪيا آهن، جن ۾ برسات جو پاڻي گڏ ٿئي ٿو ۽ جانور اتان پاڻي واپرائن ٿا، ان جو دارو مدار به برسات تي ٿئي ٿو، جيڪڏهن سٺي برسات پوي ٿي ته جانورن کي هڪ ڊيم مان 20 کان 25 ڏينهن تائين پاڻي مليو وڃي، نه ته سڄو سال جانورن لاءِ پيئڻ جي پاڻي سميت کاڌ خوراڪ هڪ ديواني جو خواب بڻيل رهي ٿي، گذريل ٽن سالن کان برسات به ڪوهستان ڪان ڪاوڙجي وئي آهي، جبلن تان ساوڪ جا خوبصورت نظارا به ساڳيا ناهن رهيا، پهاڙن ۾ قائم جانورن جا چيڪ ڊيم مڪمل طور سڪي چڪا آهن، جنهنڪري هن وقت هزارين ناياب نسل جي جانورن جو جياپو مشڪل بڻيل آهي، شڪاري جي نظر هميشه پنهنجي پيٽ تي رهي آهي، جيڪڏهن هو جانورن جي پيٽ ڏانهن نهارين ته شايد سندن تير جو نشانو مٽجي وڃي، پر افسوس، ڪوهستان جي جانورن جي دانهن ۽ درد کي ڪو ٻڌڻ وارو ئي ناهي، انسانيت جي ناتي اهو سڀني جو فرض ٿئي ٿو ته ڪنهن جانور کي اڃ ۽ بک وگهي مرڻ کان بچايو وڃي، وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن کي به هاڻي اکيون کولڻ گهرجن نه ته 30 کان 35 هزار ناياب نسل جا جانور اڃ ۽ بک ۾ ئي مري ويندا، وائلڊ لائيف کاتي جي گاڏين ۾ ڊرمن ذريعي جانورن کي پاڻ بچائڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته واديِ ڪوهستان جو ناياب نسل موڪلائي ويندو..
The writing skill work was carried under supervision of SIr Sohail Sangi, at Department of Mass Communication University of Sindh