جمعرات، 6 فروری، 2020

لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ ٽريفڪ Zaffarullah Soomro



لاڙڪاڻي ۾ وڌندڙ ٽريفڪ شهرين لاء مسلو بڻيل
 Zaffarullah Soomro 

Jan 21, 2015 at 9:11 AM


لاڙڪاڻو شهر جيڪو ماضي کان پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، هن شهر کي شهيدن جو 
شهر سڏيو ويندو آهي، لاڙڪاڻو جيڪو ڪيترن ئي مسئلن جي وَر چڙهيل آهي، جهڙوڪ بجلي جو بهران، ڦر لُٽ ۽ ٽريفڪ جهڙا سنگين مسئلا پِڻ آهن، جنهن سان شهرين کي تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش آهن.
لاڙڪاڻو ضلعو ٽوٽل 7423 اِسڪوائر ڪلوميٽر تي پکڙيل آهي جنهن جي آبادي اٽڪل 15 لک آهي، شهر جا 25 سال پُراڻا ٺهيل ويڪرا روڊ رستا ۽ هڪ ئي فِلائي اور آهي جيڪي شهر جي اڄ جي آبادي جي حساب سان نه هُجڻ جي برابر آهن، 2010ع ۾ سنڌ۾جيڪا مَها ٻوڏ آئي اُنهي ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻهراڙي۽ ٻين ضلعن جا ڪافي ساري آبادي مُتاثِر ٿي جنهن ۾ قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد جا مُتاثر ماڻهن لاڙڪاڻي شهر ۾ خالي پيل گورنمينٽ ميدانن ۽ اسڪولن ۾ پنهنجا جهوپڙا اڏيا، جنهن سان شهر جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿيو، آبادي ۾ اضافي سان گڏوگڏ ٽريفڪ ۾ به تيزي سان واڌهه ٿي جنهن سان شهرين ۽ ڪاروباري ماڻهن  کي تمام گھڻين مُشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.
شهر ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ ۽ روڊ حادثن جو وڏو سبب اُهو آهي ته شهر ۾ هلندڙ سوارين جي انگ ۾ تمام گھڻي واڌ ٿي آهي، شهر اندر هلندڙ 1200 کان 1500 يونين طور رجسٽرڊ چنگچيون، هزار کان وڏيڪ رڪشا، 5 هزار کان 7 هزار ڪارون، اٽڪل هڪ لک کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون آهن، ان کان سواءِ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جي مختلف روڊن تي هلندڙ وين،بسن ۽ ڪوچن جو تعداد پڻ 1500 تائين آهي، انهن سڀن سوارين جي اچ وڃ الله واري پُل، چاندڪا پُل، شيخ زيد موڙ ۽ لاهوري مُحلا جهڙن مصروف روڊن تان ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري اهي روڊ ٽريفڪ سان ڀريل رهن ٿا، جنهن سان عام شهرين، ڪاروباري ماڻهن ۽ شاگردن کي تمام گھڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ انهي وقت شهرين جو روڊ ڪِراس ڪرڻ به هڪ اِمتحان جي برابر هُوندو آهي.
لاڙڪاڻي ۾ 200 کان وڌيڪ رائيس ۽ فلور مِل آهن اُن کانسواءِ شهر ۾ اِمپورٽ وغيره جهڙا ڪيترائي ڪاروبار ٿيندا آهِن جنهن لاءِ اناج ۽ ٻين سامانن سان ڀريل ٽرڪ، ٽرالا ۽ ٽريڪٽر به شهر جي انهن مين روڊن تان گذرندا آهن انهن جو تعداد 1500 کان 2000 تائين آهي انهن ڀريل گاڏين جي ڪري روڊ تباهه ٿيو وڃن اڪثر انهن روڊن تي ٽريفِڪ جام رهي ٿي، شهر ۾ ٽريفڪ وڌڻ جو اهم سبب اُهو به آهي ته  اُتي هڪ به ٽريفڪ سنگنل ناهي، انهي ڪري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي موڪل جي وقت شهر جي اڪثر روڊن جهڙوڪ بئنڪ اسڪوائر، پاڪستاني چوڪ ۽ رائيس ڪئنال واري پُل کان لاهري مُحلا تائين رڪشا، چنگچين، موٽرسائيڪلن ۽ ڪارُڻ جو ڄڻ ته ميلو لڳل هوندو آهي، جنهن جي وجهه سان روز بيشُمار حادثا درپيش اچن ٿا.
  حُڪومت کي گهرجي ته مُلڪ جي ٻين وڏن شهرن ڪراچي، لاهور ۽ حيدرآباد وانگُر لاڙڪاڻي جي وڌندڙ ٽريفڪ کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ شهر جي ڀڳل ٽُٽل روڊن کي ٻيهر ٺاهيو وڃي، شهر جي سڀني روڊن تي ٽريفڪ سنگنل قائم ڪيا وڃن ۽ پڻ ضرورت آهر فلائي اور ٺاهيا وڃن، جنهن سان شهر جي وڌندڙ ٽريفِڪ جي مسئلا حل ٿي وڃن، ته جئين عام شهري ۽ ڪاروباري ماڻهو مقرر وقت تي پنهنجا ڪم سرانجام ڏئي سگهن.   

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں