by Atharulddin Abro
Mar 6, 2015 at 9:25 PM
فيچر
شڪار پور.... هڪ تاريخي
شهر
اطهر الدين ابڙو
2k13/MC/22
هونءُ ته سنڌ جا ڪافي شهر پنهنجي تاريخ رکن ٿا
ساڳي ريت شڪارپور شهر به پنهنجي اندر هڪ تاريخ رکي ٿو.
شڪارپور شهر جي تاريخ اڄ کان چار سو سال پراڻي
آهي. سنڌ جي اترين پاسي شڪارپور اڄ کان چار سو سال پهريان هڪ شڪار گاهه هئي جنهن
هنڌ ماڻهو شڪار ڪرڻ ايندا هئا ۽ ان کان پوءِ آهستي آهستي ان جاءِ جو نالو شڪارپور
پئجي ويو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ پهرين شڪارپور شهر کي پئرس سڏيو ويندو هو، شڪارپور
سنڌ جو اهو واحد شهر هيو جنهن ۾ ٻاهرين ملڪن جا واپاري ايران، افغانستان ۽ ٻين
ملڪن مان ماڻهو واپار ڪرڻ ايندا هئا ۽ شڪارپور شهر کي واپار جي لحاظ کان وڏي اهميت
هئي. شڪارپور ضلعو چار تعلقن تي مشتمل آهي جنهن ۾ ڳڙهي ياسين، خانپور، لکي ۽
شڪارپور شهر شامل آهن.
شڪارپور ضلعو هڪ قديمي شهر ليکيو وڃي ٿو،
شڪارپور شهر سنڌ کي ادب، ڪلا جا انيڪ موتي بخشيا آهن جن ۾ شيخ اياز، بيدل مسرور،
انور افگار هڪڙو، اشفاق آذر ۽ ٻيا کوڙ دانشور، تاريخدان سنڌ کي سپرد ڪيا آهن.
شڪارپور ضلعي ۾ 1735 پرائمري اسڪول آهن، 268
مڊل اسڪول آهن، 93 هاءِ اسڪول آهن، 5 ڊگري ڪاليج، 5 ووڪيشنل سينٽر ۽ شاهه عبداللطيف
يونيورسٽي ڪئمپس جيڪو 5 شعبن تي مشتمل آهي جنهن ۾ بي بي اي، ڪمپيوٽر سائنس،
انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪامرس ۽ انگلش شامل آهن. ڪئمپس ۾ شڪارپور جا باشعور شهري
تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. شڪارپور ضلعي ۾ 16 اسپتالون آهن، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي
انگريزن جي دور ۾ اڏيون ويون هيون جنهن ۾ آر بي يو ٽي راءُ بهادر اُڌن داس تلريجا
جي نالي سان سول اسپتال آهي، ان کان علاوه هيرانند گنگا ڀائي پڻ شامل
آهن.
شڪارپور شهر ۾ به تاريخي شهرن جيان چوطرف مکيه
در اڏيل آهن، پوري شهر جي اطراف 7 در ۽ هڪ دري اڏيل آهي، سندن نالا لکيدر، هاٿيدر،
هزاريدر، واڳڻو در، سوي در، ڪرن در، خانپوري در جڏهن ته دري جو نالو صديق ماڙي
آهي.
شڪار پور شهر جي سوغاتن ۾ اتان جي مختلف قسمن
جا آچار ۽ ديوان جو قلفي فالودو مشهور آهن جڏهن ته ماڻهو پري پري کان ڪهي اچار،
چٽڻيون وٺڻ ايندا آهن. شڪارپور شهر جي مشهور آچار سڄي سنڌ ۽ ڏوران ڏور پسند ڪئي
وڃي ٿي، ان جي منفرد ذائقي ڪارڻي ماڻهن ۾ عام جام کاڌي وڃي ٿي.
شڪارپور ۾ ديوان جو قلفي فالودو جيڪو سوين
سالن کان لکي در وٽ موجود آهي سو به ماڻهو، مسافر تمام گهڻو پسند ڪن ٿا.
شڪارپور ۾ ٽي بازاريون آهن جن ۾ ڌڪ بازار،
چوڙي بازار ۽ بوٽ بازار جي نالي سان منسوب آهن. ڌڪ بازار انگريزن جي دور جي فن
تعمير جو شاهڪار آهي، سڄي بازار تقريبن 6 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي جيڪا سڄي ڪاٺ جي
دلفريب ڊزائين سان مٿان بند آهي.
شڪارپور ضلعو اٽڪل ٻه لک آبادي تي مشتمل آهن
جنهن ۾ مختلف ٻولين جا ماڻهو جنهن ۾ سنڌي، سرائيڪي، بلوچي، براهوي، پنجابي وغيره
شامل آهن.
شڪارپور شهر ۾ هندن جي به گهڻي ڀاڱي آبادي رهي
ٿي، اڄ به هندن جا گهر پنهنجي مخصوص ڪاٺي نقش و نگار سان سنگاريل نظر اچن ٿا جيڪي
اسان کي پراڻي دور ۾ ڌڪيو ڇڏين، انهن جي گهرن مٿان خوبصورت گيلريون ٺهيل آهن جنهن
سان عمارت جي سونهن ۾ واڌارو ٿي پوي ٿو انهن عمارتن وسيلي ئي شهر به دلڪش ڏيک ڏئي
ٿو. انهن عمارت جي سونهن ۽ صفتن ڪارڻي گهڻا سفير ۽ فن تعمير ۽ انٽيڪ ڪليڪشن جا شوق
رکندڙ وڏي چاهه سان ڪاٺي جي ڪاريگري کي پيا پرکندا آهن.
شڪارپور جيڪو پنهنجي اوج کي هاڻي زوال ڏانهن
جهڪندي مسلسل پنهنجي سڃاڻپ وڃائي رهيو آهي، شڪارپور شهر جي تاريخي طور وڏي اهميت
آهي پر افسوس ته شهرين کي به اتان جي تاريخ جي وڌيڪ خبر ناهي، ضرورت ان ڳالهه جي
آهي ته شڪارپور شهر جا رهواسي ۽ اختيار رکندڙ شڪارپور جي تاريخي اهميت موٽائي سنڌ
جو پيرس بڻائن ۽ شهر جي تاريخي پسمنظر کي گهڻي ڀاڱي اجاگر ڪن.
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں