Atharulddin Abro لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
Atharulddin Abro لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں

ہفتہ، 8 فروری، 2020

Shahi Bagh Shikarpur by Athar Abro





شڪارپور جو شاهي باغ
                                                                                                                                                 اطهر الدين ابڙوFeature by ;
2k13/mc/22                                                                                                                                                  

سنڌ جي سونهن جي نالي سان ڃاتو سڃاتو ويندڙ منهنجو اباڻو شهر شڪارپور پنهنجي سونهن شاهي باغ جي اڄوڪي اجڙيل عڪس تي زارون زار روعيندو هوندو. شهر کان پرڀرو شڪارپور جي وجود کانپوءِ 40 ميل چورس ايراضي تي مشتمل ان باغ کي وجود ڏئي پنهنجي اکڙين کي رونق بخشڻ واسطي ٻوٽن ۽ گلن سان سندس زمين کي سائي چادر اوڍرائي واقعي ناز ڪرڻ جهڙو کيس بڻايو. ڪجھ سالن صدين تائين پنهنجي اوج ۽ تاب سان شڪارپور سميت سنڌ جي ماڻهن جي نگاهن جو مرڪز رهيو.
جڏهن منجهس جانور به رهندا هئا، تڏهن پوري سنڌ کان ماڻهو اچي شاهي باغ جو سير ڪري سرها ٿي ويندا هئا،ان وقت شايد توجھ ۽ خاص ڌيان سبب سڀني جي دلين تي شاهي باغ جو راڄ هو،اڄ اهوشاهي باغ اجڙي چڪو آهي نه منجهس ڪا رونق رهي آهي نه ئي سندس صفائي ٿي رهي آهي.غير ضروري ڪمرن اڏائڻ واري اسڪيم به رولڙي جو شڪار ٿي ته چار ديواريءَ واري جاءِ به گندگي سان ڀرجي وئي.اهو شاهي باغ واقعي شاهي باغ هوندو هو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سندس منجھ گلن جي هٻڪار ماڻهوءَ جي من کي واسي ڇڏيندي هئي،پر هاڻي ته قدم قدم تي گندگي جاڍير ۽ ڌپ ارواھ ئي کڄائي ڇڏيو آهي.
جيئن شڪارپور شهر اجڙي ويو، سم ۽ ڪلر شهر جي بربادي ڪئي، اهڙيءَ طرح بي ڌيانيءَ سبب شاهي باغ به اجڙي ويو اڄ اتي ماڻهن جي رش ناهي، جي اچن ٿا ته فقط نوجوان ڪرڪيٽ کيڏي هليا ٿا وڃن،جتي هر روز شيخ اياز ، نعيم وجدي لعل محمد لعل، ٽئي هڪ هڪ غزل هڪٻئي کي ٻڌائيندا هئا،اتي اڄ ڪا ادبي محفل نٿي ٿئي. رونق مٿان خاموشي جو تيزاب هاريو پيو آهي،ان ۾ ڪنهن جو ڏوھ آهي اهو ته وقت ئي طئي ڪندو مگر دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ اهو چوڻ فقط چوڻ جي حد تائين ڪافي ٿيندو ته هي باغ اهو واحد مرڪز هو جتي هر روز عيد هوندي هئي،هوائون سندس وڻن جي ٽارين کي لوڏي سڀ جي روح کي ريجهائي ڇڏينديون هيون۽ هرڪو اياز جي ڪويتا جهڙا خيال اندر ۾ سمائي گهمندو هو.
سرتا شاهي باغ ۾ انبن جي هيٺيان
او شل مان ٻڌا ٽپ ٽپ سانوڻ مينهن جي.
هن وقت شڪارپور جي شاهي باغ م ڪاٺ جو بنگلو ئي سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي تنهن کي ميرپويدر پويلين به چيو ويندو آهي،اها ڪاٺ جي عمارت هتان جي مشهور بابلاڻي ڪاريگر تيار ڪئي هئي،عمارت جي پيڙ جو پٿر 24 مئي 1871ع تي رکيو ويوجڏهن ته عمارت سيپتمبر  ۾ مڪمل ٿي.
ماضي جي هن باغ اندر ميلا ملاکڙا به لڳي چڪا آحن تاريخ جا ورق اها به ساک ٿا ڀرين ته شاھ شجاع جي وڏي پٽ تيمور شاھ جي ولادت به 1221ھ ۾ هتي ئي ٿي،جنهن جي خوشيءَ ۾ ٽي ڏينهن شهر اندر نوبت نوازي ۽ چراغبندي ٿيندي رهي.
ورهاڱي کانپوءِ هن باغ جو نالو شهيد الله بخش سومرو جي نالي سان رکيو ويو،جيڪو اڄ تائين قائم آهي.ماضيءَ ۾ باغ اندر قسمين قسمين جا ميوا ء۽ گل هوندا هئاپر هاڻي اهو تاريخي باغ اڄ پنهنجي عروج واري منزل تان زوال ڏي اچي چڪو آهي.ان طرف ڌيان نه ڏنو ويو ته اهو باغ پنهنجي حالت جيان تاريخي حيثيت به وڃائي ويهندو.

Yasir Qazi Profile by Athar Abro


Yasir Qazi Profile by Athar Abro May 18, 2016 at 2:17 AM

        اطهر الدين ابڙوProfile by ;
2k13/mc/22
·        ياسر قاضي فن ۽ ادب جو ناميارو نانءُ
 چهري تي مرڪ، واه جو انداز بيان، ڳالهائي ته فصاحت سان، سوچي ته عملي قدم لاءِ جلد تيار ٿي بيهي، سچو ۽ کرو، سگهاري سوچن سان قلم جي ترار کي هلائي ٿو، قدرت طرفان ڏات جا کيس ورثي ۾ ملي آهي سا به مٿس راضي آهي، هر روز شعر سرجي سماج ۾ ٿيندڙ چڱاين ۽ براين کي وائکو ٿو ڪري. هو سنڌي ادب کي اڄ تائين ٽي ڪتاب پيش ڪري چڪو آهي پر سندس سڃاڻپ جو حوالو صرف شاعر يا نثر نويس ئي ناهي هو سٺو ڪمپيئر ۽ هاٽ ايف ايم سان سلهاڙيل آهي، ياسر قاضي سندس نانءُ آهي ۽ پاڻ سنڌي ادب جي ڀلوڙ ڪوي سائين مقصود گل جو فرزند آهي. سنڌي ادب ۾ سائين مقصود گل يا سندن والد قاضي عبدالحي قائل جي ادبي پورهئي کان ڪير اڻ واقف هوندو ٻنهي پنهنجي شهر رتيديري ۾ رهي سموري سنڌ کي پنهنجي شعري گلڙن جيِ مهڪ سان مهڪايو. ياسر قاضي به ان ڌڳ تي هليو ۽ لکندو رهيو. اهابه وٽس هڪ خوبي ورثي مان مليل ئي نظر ٿي اچي ته هو صرف لکي ئي نه ٿو پر پينسل ۽ برشن جي مدد سان اسڪيچ به ڻاهي ٿو. زندگي جي هر موڙ تي پنهنجو پاڻ ڪهڙي نموني سنوارجي ۽ سڌارجي سو ياسر خوب سمجهي پنهنجو قدم اڳتي وڌايو آهي ۽ هو ان ڏس ۾ ڪامياب به ويو آهي. ياسر قاضي رتوديرو سان تعلق رکي ٿو سندس تربيت ۽ تعليم اتان ئي شروع ٿي، ميرپور خاص ۽ خيرپور مان تعليمي سندون حاصل ڪري چُڪو آهي. هو سٺو ڪمپيئر به آهي. هن جي اسٽيج تي چڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيندو آهي ته اسٽيج ۽ ياسر ٻئي ساٿي آهن. لفظن جي ساٿ سان خوش بياني وارو عنصر سندس ڪردار کي وائکو ٿو ڪري. ياسر قاضي سنڌي ٽي وي چينلز جي پروگرامن ۽ شاهه لطيف هجي يا قلندر شهباز ۽ سچل سائين جي سالياني عرسن جي موقعي تي به ڪمپيئرنگ ڪري پان مڃرائي چُڪو آهي. 1995ع کان مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان سندس آواز گهٽي گهٽي ۽ گهر گهر ۾ گونجيو آهي. سندس ندا جا پڙاڏا ان قدر مشهور ٿيا آهن جو وٽس اهو ڏانءُ اول کان ئي موجود آهي ته پنهنجو آواز ڪهڙي نموني اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو. اڄ تائين سوين اهڙا ريڊيو پروگرام سندس ڪاوش ۽ ڪوشش جو نتيجو آهن جن ۾ پاڻ مختلف شخصيتن جا انٽرويو ڪيا اٿس يا شاعري جا مچ ٻاري سلسلي کي جاري رکندو آيو آهي. ڪي ٽي اين تان سندس مشهور پروگرام شهر شهر جي تاريخ جي حوالي سان گهڻو مشهور ٿيو، جنهن ۾ پاڻ تاريخ کي تحقيقي حوالي سان پيش ڪندي نظر آيو. ان کان علاوه سندس ٻئي پروگرام ۾ ملاقاتن واري سلسلي کي به خوب پزيرائي حاصل ٿي.ياسر قاضي هن وقت هاٽ ايف ايم 105 سان وابسته آهي ۽ ان جي مختلف اسٽيشنس تان سندس آواز گونججي ٿو. مدهر يادين سميت ٻيا پروگرام سندس شخصيت کي وائکو ڪن ٿا. ياسر قاضي نثر نويس به آهي ته سٺو شاعر به آهي. 100 کان مٿي سندس ڪالم ۽ مضمون مقالا سندس ڏاهپ کي ظاهر ڪن ٿا، ايترائي ڪالم اردو ٻولي ۾ به ڇپجي چُڪا اٿس. سندس سفر نامو پئسفڪ جي پاڙي ۾ پڻ پڙهندڙن وٽ پسند پيو آهي. 1988ع کان شاعري لکڻ شروع ڪئي اٿائين جنهن جو سلسلو پڻ اڄ تائين هلندڙ آهي. ان حوالي سان “ٻيڙي ۾ چنڊ” ۽ “اٺ ماما گوگڙو” ٻارن لاءِ سندس لکيل شعري ڪتاب آهن جيڪي پڻ پنهنجي جاءِ والاري چُڪا آهن. ان کان علاوه پنهنجي والد مقصود گل جي حوالي سان “گل ڇنو گرنار جو” ترتيب ڏئي ڇپرائي چُڪو آهي. هن هيٺ سندس شعر سان اها دعا ٿي ڪجي ته هو ادب ساب گڏ ريڊيو تان ٻولي جي خدمت ڪندو رهي ۽ ڪاميابيون ماڻي.
اسان جي دل جي ڪنهن خاني ۾ هرگز ڪوئي جذبو رکيو جعلي ته ناهي ڌڪاري ڪو اچي دل مان اڻاسِي مُحبت مفت جِي مالِي ته ناهي..
·        

جمعرات، 6 فروری، 2020

شڪار پور.... هڪ تاريخي شهر Shikarpur

by Atharulddin Abro 


Mar 6, 2015 at 9:25 PM
فيچر
شڪار پور.... هڪ تاريخي شهر
اطهر الدين ابڙو
2k13/MC/22
هونءُ ته سنڌ جا ڪافي شهر پنهنجي تاريخ رکن ٿا ساڳي ريت شڪارپور شهر به پنهنجي اندر هڪ تاريخ رکي ٿو.
شڪارپور شهر جي تاريخ اڄ کان چار سو سال پراڻي آهي. سنڌ جي اترين پاسي شڪارپور اڄ کان چار سو سال پهريان هڪ شڪار گاهه هئي جنهن هنڌ ماڻهو شڪار ڪرڻ ايندا هئا ۽ ان کان پوءِ آهستي آهستي ان جاءِ جو نالو شڪارپور پئجي ويو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ پهرين شڪارپور شهر کي پئرس سڏيو ويندو هو، شڪارپور سنڌ جو اهو واحد شهر هيو جنهن ۾ ٻاهرين ملڪن جا واپاري ايران، افغانستان ۽ ٻين ملڪن مان ماڻهو واپار ڪرڻ ايندا هئا ۽ شڪارپور شهر کي واپار جي لحاظ کان وڏي اهميت هئي. شڪارپور ضلعو چار تعلقن تي مشتمل آهي جنهن ۾ ڳڙهي ياسين، خانپور، لکي ۽ شڪارپور شهر شامل آهن.
شڪارپور ضلعو هڪ قديمي شهر ليکيو وڃي ٿو، شڪارپور شهر سنڌ کي ادب، ڪلا جا انيڪ موتي بخشيا آهن جن ۾ شيخ اياز، بيدل مسرور، انور افگار هڪڙو، اشفاق آذر ۽ ٻيا کوڙ دانشور، تاريخدان سنڌ کي سپرد ڪيا آهن.
شڪارپور ضلعي ۾ 1735 پرائمري اسڪول آهن، 268 مڊل اسڪول آهن، 93 هاءِ اسڪول آهن، 5 ڊگري ڪاليج، 5 ووڪيشنل سينٽر ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ڪئمپس جيڪو 5 شعبن تي مشتمل آهي جنهن ۾ بي بي اي، ڪمپيوٽر سائنس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪامرس ۽ انگلش شامل آهن. ڪئمپس ۾ شڪارپور جا باشعور شهري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. شڪارپور ضلعي ۾ 16 اسپتالون آهن، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي انگريزن جي دور ۾ اڏيون ويون هيون جنهن ۾ آر بي يو ٽي راءُ بهادر اُڌن داس تلريجا جي نالي سان سول اسپتال آهي، ان کان علاوه هيرانند گنگا ڀائي پڻ شامل
آهن.
شڪارپور شهر ۾ به تاريخي شهرن جيان چوطرف مکيه در اڏيل آهن، پوري شهر جي اطراف 7 در ۽ هڪ دري اڏيل آهي، سندن نالا لکيدر، هاٿيدر، هزاريدر، واڳڻو در، سوي در، ڪرن در، خانپوري در جڏهن ته دري جو نالو صديق ماڙي آهي.
شڪار پور شهر جي سوغاتن ۾ اتان جي مختلف قسمن جا آچار ۽ ديوان جو قلفي فالودو مشهور آهن جڏهن ته ماڻهو پري پري کان ڪهي اچار، چٽڻيون وٺڻ ايندا آهن. شڪارپور شهر جي مشهور آچار سڄي سنڌ ۽ ڏوران ڏور پسند ڪئي وڃي ٿي، ان جي منفرد ذائقي ڪارڻي ماڻهن ۾ عام جام کاڌي وڃي ٿي.
شڪارپور ۾ ديوان جو قلفي فالودو جيڪو سوين سالن کان لکي در وٽ موجود آهي سو به ماڻهو، مسافر تمام گهڻو پسند ڪن ٿا.
شڪارپور ۾ ٽي بازاريون آهن جن ۾ ڌڪ بازار، چوڙي بازار ۽ بوٽ بازار جي نالي سان منسوب آهن. ڌڪ بازار انگريزن جي دور جي فن تعمير جو شاهڪار آهي، سڄي بازار تقريبن 6 ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي جيڪا سڄي ڪاٺ جي دلفريب ڊزائين سان مٿان بند آهي.
شڪارپور ضلعو اٽڪل ٻه لک آبادي تي مشتمل آهن جنهن ۾ مختلف ٻولين جا ماڻهو جنهن ۾ سنڌي، سرائيڪي، بلوچي، براهوي، پنجابي وغيره شامل آهن.
شڪارپور شهر ۾ هندن جي به گهڻي ڀاڱي آبادي رهي ٿي، اڄ به هندن جا گهر پنهنجي مخصوص ڪاٺي نقش و نگار سان سنگاريل نظر اچن ٿا جيڪي اسان کي پراڻي دور ۾ ڌڪيو ڇڏين، انهن جي گهرن مٿان خوبصورت گيلريون ٺهيل آهن جنهن سان عمارت جي سونهن ۾ واڌارو ٿي پوي ٿو انهن عمارتن وسيلي ئي شهر به دلڪش ڏيک ڏئي ٿو. انهن عمارت جي سونهن ۽ صفتن ڪارڻي گهڻا سفير ۽ فن تعمير ۽ انٽيڪ ڪليڪشن جا شوق رکندڙ وڏي چاهه سان ڪاٺي جي ڪاريگري کي پيا پرکندا آهن.
شڪارپور جيڪو پنهنجي اوج کي هاڻي زوال ڏانهن جهڪندي مسلسل پنهنجي سڃاڻپ وڃائي رهيو آهي، شڪارپور شهر جي تاريخي طور وڏي اهميت آهي پر افسوس ته شهرين کي به اتان جي تاريخ جي وڌيڪ خبر ناهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شڪارپور شهر جا رهواسي ۽ اختيار رکندڙ شڪارپور جي تاريخي اهميت موٽائي سنڌ جو پيرس بڻائن ۽ شهر جي تاريخي پسمنظر کي گهڻي ڀاڱي اجاگر ڪن.