جمعرات، 6 فروری، 2020

خيرپور جي مشهور کجيءَ

Asghar Narejo,  Khairpur dates
Jan 25, 2015 at 5:28 PM


فيچر؛ اصغر ناريجو...رولء نمبر 40( سنڌي.)

خيرپور جي مشهور کجيءَ
سنڌ جي نقشي تي جڏهن نظر وجهبي ته مختلف علائقا مختلف شين سان سڃاتا
وڃن ٿا، جيئن ميرپور خاص جا انب، شڪارپور جي کٽاڻ، گهوٽڪي جا پيڙا، ميهڙ جي مهندي، هالا جو اجرڪ، حيدرآباد جون چوڙيون، لاڙڪاڻي جا زيتون مشهور آهن، اهڙي ريت خيرپور به کارڪن جي ڪري مشهور آهي،
خيرپور جي علائقن ۾ بيشمار کجيءَ جا باغ موجود آهن زرعي ماهرن مطابق کجيءَ جو وڻ 80 سال تائين پنهنجي زندگي برقرار رکي سگهي ٿو، کجيءَ جو وڻ پوکڻ کان پوءَ پنجن سالن کان پوءِ ميوو ڏيندو آهي، کجيءَ جي وڻ جي قيمت 25 سئو کان 4 هزار رپين تائين هوندي آهي، کجيءَ جوهڪ وڻ اٽڪل 2 يا 3 مڻ پيداوار ڏيندو آهي، کجين جي پيداوار جي شروعات جولاءِ مهيني کان سيپٽمبر مهيني تائين هلندي آهي، جنهن۾ مختلف کجين جا قسم جهڙوڪ گجر،مٺڙي، ڪڙهه رڪن، ڪيڙو، ڏيڊي، ڪربلائڻ، کوري، مهراڻ، ٽوٽو ۽اسيل کجيون مشهور آهن، سڀ کان پهريان گجر واري کجيءَ يعني ڳاڙهي پچي تيار ٿي ويندي آهي، جنهن کي باغائي لوڻ هڻي مارڪيٽ ڏانهن وڪرو ڪندا آهن، ان کانپوءِ اسيل کجيءَ پچي ويندي آهي، ان وقت ۾ مختلف ضلعن کان مزدور ڪهي اچي باغائين وٽ مزدوري ڪندا آهن، کجين جي ميوي کي سهڙڻ لاءِ هڪ وڏي اس واري ميدان تي ڇڙيون وڇائي مٿان تڏا ۽توريون وڇائيندا آهن، جيئن مينهن وسي ته نقصان نه ٿئي، ان مرحلي کانپوءِ باغائي پنهنجي باغن جي ڪٽائي دوران کجيءَ جي ٻهارن يعني گوڇن مان تمام گهڻيون پڪل کارڪون (ڏنگ) الڳ چونڊڻ کان پوءِ رهيل کارڪن کي لوهه جي تئي ۾ وجهي باهه ٻاري پچائڻ کانپوءِ ٽوڪرن ۾ وجهي مزور پنهنجي ڪلهن تي کڻي تڏن ۽ تورين تي وڇائي هڪ ڏينهن کانپوءِ هٿن سان اٿلائيندا آهن، اهو سلسلو هفتو جاري رکڻ کانپوءِ ان مان سڪل ۽ داڳيل ڇونهارا الڳ ڪيا ويندا آهن، سڄا ڇونهارا ٻورين ۾ ڀري مارڪيٽ ۾ موڪليا ويندا آهن، سنڌ ۾ کارڪن جو ٻه وڏيون مارڪيٽون خيرپور ۽ سکر آهن، هنن مارڪيٽن ۾ ٻاهرين ملڪن جا واپاري اچي کارڪون خريد ڪن ٿا، جن ۾ انڊيا، افغانستان، آمريڪا، بنگلاديش، ايران، عراق ۽ ڪويت جا واپاري خريد ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا، کارڪن جي رقم 4 هزار کان شروع ٿي 8 هزار رپين تائين پهچندي آهي، خيرپور جون کارڪون سنڌ سميت بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ تحفي طور موڪليون ويندون آهن ۽ کارڪون کائڻ سان خيرپور ضلعي جي ياد اچي ويندي آهي.
  

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں