جمعرات، 6 فروری، 2020

مانجهي فقير جو انٽرويو . رسول بخش بوداڻي






Jan 21, 2015 at 5:25 PM


جي هَور خُدا نه سمجهه سگهين ته فطرت دا نام خدا هي؛ مانجهي فقير
انٽرويو . رسول بخش بوداڻي
رول نمبر.91
تعارف. مانجهي فقير جو جنم 1965ع ۾ سانگهڙ جي ننڍڙي شهر ٻرهون ۾ ٿيو،غربت سبب پنهنجي تعليم پوري نه ڪري سگهيا  ۽ غازي فقير سومرو کان راڳ جي سکيا ورتائون، ۽ باقائدي ڳائڻ جي شروعات ڪيائون ، ڳائڻ کان صوفي شاعري پڻ ڪندا هئا، شاعري کي نئين رک سان لکيائون تنهن ڪري هاڻ هِڪ اعليٰ ۽ ناميارو شاعر طور مڃيا وڃن ٿا.
سوال.1 تصوف اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
جواب. اسان وٽ جيڪو صوفي فِڪر آهي، اهو ذات پات، رنگ نسل جي متڀيد کي غلط ٿو سمجهي ۽ ان تي يقين نه ٿو رکي، جيڪو صرف ئي صرف اِنسانيت ۽ ڪائناتيت تي يقين رکي ٿو، ڪنهن به خاص علائقي ۽ رنگ نسل جي متڀيد کان مٿانهون ٿي سوچي ٿو ۽ هن وٽ سڀ انسان، قومون، ملڪ، مذهب ۽ سڀ ٻوليون برابر آهن، هُو سڀ کي انسانيت جي روپ ۾ ڏسي ٿو . پنهنجي پاڻ کي سڃاڻي  ۽ خلقء خدا کي سڃاڻي ، اُنهن جي ڀلائي لاء ڪم ڪري، پنهنجي اندر کي اُجارڻ ۽ مالِڪ هقيقي سان جئَ جوڙڻ کي ئي تصوم چئبو آهي.
سوال2. اڄ ڪلهه جيڪو درگاهي ڪلچر، ڌاڳا ڦيڻا يا تعويذن جي باري ۾ اوهان جو خيال ڇا آهي؟
جواب.منهنجي خيال ۾ اِهي سڀ جهالاڻي قسم جون رسمون آهن، صوفي فِڪر اُهو قطعي ناهي ۽ اسان انهن شين جا سخت مخالف آهيان، آئون سمجهان ٿو ته صوفي فڪر کي هڪ نظرئي طور کڻڻ کپي ۽ اُهو نظريو سائنسي عِلمن سان گڏوگڏ ڪُلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ڪنهن سچي صوفي کي هن قسم جي بدعتن کان پاسو ڪرڻ گهرجي اهي شيون غير علمي، جهالاڻيون ۽ عقيدي ۾ ڦاٿل ماڻهن جو پيدا ڪيل آهن، اِن سوچ سان صوفي فِڪر سان ڪو به واسطو ناهي.

سوال.3 اوهانجي نظر ۾ سائنسي عِلم ۽ صوفي فڪر  ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
جواب. منهنجي نظر ۾ سائنس تصوف ۽ تصوف سائنس کان جدا ناهي، سون هزارن سالن صوفي فڪر ۾ جيڪو تسلسل هلندو پيو اچي هاڻي اهي شيون فلسفي ۽ سائنس ۾ ثابت ٿين پيون، سائنس ۾ ڪافي ساريون اهڙيون شيون آهن جيڪي خود صوفي فِڪر کي ثابِت ڪن ٿيون، صوفي فِڪر بذات خود هِڪ سائنسي شاخ آهي. پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان وٽ انهن شين کي عِلمي حوالن سان نه لکيو ويو آهي، اگر پڙ هيل لکيل دوست هن کي نثر ۾ لِکن ته هي هِڪ وڏي سائنس يا فلسفو ثابِت ٿيندو پر صوفي اِزم ۾ اِن ڳالهه کي سمجهندڙ ايڪڙ ٻيڪڙ ڌرُيون آهن.
سوال.4. صوفي اِزم ۾ موسيقي جي ڪيتري اهميت آهي ؟
جواب. ننڍي کنڊ ۾ هميشه کان وٺي فنونِ لطيفه ان ۾ خاص ڪري موسيقي، ناچ ۽ مجسمه سازي جو هِڪ تمام وڏو تهذيبي اثر رهيو آهي تنهن ڪري هِتان جي ماڻهن لاءِ موسيقي هِڪ محبوب مشعلو رهيو آهي، هي موسيقي کي تمام گھڻو پسند ڪن ٿا. سنڌ ۾ جيڪو صوفي فِڪر آهي اھو گھڻو ڪري 90 فيصد شاعري ۾ يا موسيقي جي اِردگِرد آهي، ننڍي کنڊ ۾ موسيقي جي تمام گھڻي اهميت آهي، اگر هِن فِڪر کان موسيقي جُدا ڪيون ته شاهد هي سڄو مانڊاڻ ڊهي پوندو
سوال.5. هِڪ صوفي جي زميواري ڪهڙي آهي؟
جواب. آئون سمجهان ٿو ته صوفي فقير  پنهنجي قوم،ملڪ ۽ پنهنجي آسپاس جي عوام ڏانهن اوترو ئي زميوار  آهي جيترو ڪو ٻيو ٿي سگهي ٿو. صوفين کي به اِن سماج ۾ رهندي عوام جي مسئلن ۽مشڪلاتن کي حل ڪري ۽ سڀِن مسئلن تي انهن سان گڏ ويهڻ کپي جئين ٻيا سياسي سماجي ۽ نظرياتي تحريڪن جو حصو آهن ائين هي به سمورين شين ڏانهن زميوار آهي.
سوال.6. هِن قدرت ۽ فطرت کي اوهان ڪئين بيان ڪندئو؟
جواب. منهنجي خيال ۾ انسان ذات لاءِ فطرت هِڪ معجزو رهيو آهي ۽ سدائين کان پُر اِسرار جهان رهيو آهي توڙي اِنسان ڪافي ساري ترقي ڪري ٻين سيارن ستارن تي وڃي پهتو آهي پر اڄ به هي سڄو مانڊاڻ هن لاءِ پُرڪشش ۽ حيرت انگيز آهي ، سڀ عِلم ۽ سائنس ان کي سمجهڻ لاءِ ڪوششون رهيا آهن،جئين هڪ شعرآهي 
"جي هَور خُدا نه سمجهه سگهين ته فطرت دا نام خُدا هي،
خالِق تي مخلوق دي اوڍهيل راز رِدا هي،
نه اِنهه ڪون انهه چون جدا ڪر ڄاڻين نه اُنهه ڪون اِنهه تون جدا هي،
هِن هِڪ ٻئي دي تخليق ڏونهين اِنهه دا مانجهي سائين گواه هي.ـ

سوال.7. پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ واري رمز اوهان ڇا ٿا سمجهو؟
جواب. موجوده دور عِلمن ۽ سائنس جو دور آهي تفڪر  تدبُر ۽ غور فِڪر سان آسپاس جي علمن مان فائدو وٺندي پنهنجو پاڻ کي سنوارڻ کپي ۽  عام سوچ کان مٿانهون ٿي سوچڻ گهرجي ته جئين ان مان لاب حاصل ڪري.
"جنهن جي ڳولا ٿو ڪرين اُهو ئي پاڻ تون آهين،
جئين داڻي اندر سمايل وڻ آ سڄو،
ائين ئي تنهنجي اندر  آهي وڻڪار وڏو،
جهاتي جي جيءِ ۾ پائين اهو ئي پاڻ تون آهين.
مانجهي سنسار سڄي جو خودمختيار تون آ
مِٽي، پاڻي، باهه ، حوا اتي حسوار تون آ
پردو پاڻ جو لاهين اهو ئي پاڻ تون آهين.
جنهن جي ڳولا ٿو ڪرين اهو ئي پاڻ تون آهين.

سوال8. توهان نوجوانن جي لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندئو؟؟
جواب. وڌ کان وڌ پنهنجي تعليم ڏانهن توجهه ڏين ۽ پنهنجي آسپاس، گھروارن ۽ والدين سان اِنتهائي زميوار رويو رکڻ کپين، پنهنجي تعليم مڪمل ڪري هِن قوم ۽ ڌرتي جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن.   

   

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں