Qayoom Sarohi لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
Qayoom Sarohi لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں

اتوار، 26 جنوری، 2020

ڪوهستان جي وادي Qayoom Sarohi

Qayoom Sarohi Feature




Sep 18, 2014 at 11:16 AM

ڪوهستان جي وادي
ڪوهستان جو نظارو هر دل تي اثر ڪري ٿو، ڪوهستان جا جبل ۽ ريگستاني علائقو ڄڻ نيڻ جو محبوب هجي، جن کي جيترو گهري نظر سان ڏسجي ٿو اوترو دل تي گهرا اثر ڇڏي ٿو، ڪوهستان ۾ جڏهن برسات پوي ٿي ته چئوطرف ساوڪ ئي ساوڪ جا دلڪش نظارا نظرا ايند آهن پر برسات نه پوڻ ڪري ڪوهستان جي وادي ويران ۽ اجڙيل لڳندي آهي، واديِ ڪوهستان ۾ جتي ماڻهن جي پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو آهي اتي جبلن ۾ رهندڙ ناياب نسل جي جانورن جي جياپي جو پڻ وڏو مسئلو پيدا ٿئي ٿو، جيڪي گرمي جي جهولن ۾ پاڻي جي ڍڪ لاءِ جبلن ۾ ڊوڙون پائن ٿا، ڪوهستان ۾ هرڻ، چراغ، بگهڙ، ايبڪس، چيٽو ۽ اريال سميت 30 کان 35 هزار کان وڌيڪ ناياب نسل جا جانور رهن ٿا، جن جي کاڌ خوراڪ جبلن ۾ ڦٽندڙ گاهه هوندو آهي، پيئن لاءِ ندين ۾ گڏ ٿيندڙ برسات جو پاڻي، جبلن ۾ رهندڙ ناياب نسل جا جانور شڪارين کان ته لڪي حياتيون بچائي سگهن ٿا پر پاڻي جي تڙپ کين ماريو ڇڏي، جانورن کي پهاڙن ۽ جبلن اندر پاڻي پهچائڻ مشڪل ضرور آهي، پر ناممڪن ناهي، جهڙي طرح وائلڊ لائيف کاتي ڪوهستان جي ٽڪري تي 50 چيڪ ڊيم قائم ڪيا آهن، جن ۾ برسات جو پاڻي گڏ ٿئي ٿو ۽ جانور اتان پاڻي واپرائن ٿا، ان جو دارو مدار به برسات تي ٿئي ٿو، جيڪڏهن سٺي برسات پوي ٿي ته جانورن کي هڪ ڊيم مان 20 کان 25 ڏينهن تائين پاڻي مليو وڃي، نه ته سڄو سال جانورن لاءِ پيئڻ جي پاڻي سميت کاڌ خوراڪ هڪ ديواني جو خواب بڻيل رهي ٿي، گذريل ٽن سالن کان برسات به ڪوهستان ڪان ڪاوڙجي وئي آهي، جبلن تان ساوڪ جا خوبصورت نظارا به ساڳيا ناهن رهيا، پهاڙن ۾ قائم جانورن جا چيڪ ڊيم مڪمل طور سڪي چڪا آهن، جنهنڪري هن وقت هزارين ناياب نسل جي جانورن جو جياپو مشڪل بڻيل آهي، شڪاري جي نظر هميشه پنهنجي پيٽ تي رهي آهي، جيڪڏهن هو جانورن جي پيٽ ڏانهن نهارين ته شايد سندن تير جو نشانو مٽجي وڃي، پر افسوس، ڪوهستان جي جانورن جي دانهن ۽ درد کي ڪو ٻڌڻ وارو ئي ناهي، انسانيت جي ناتي اهو سڀني جو فرض ٿئي ٿو ته ڪنهن جانور کي اڃ ۽ بک وگهي مرڻ کان بچايو وڃي، وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن کي به هاڻي اکيون کولڻ گهرجن نه ته 30 کان 35 هزار ناياب نسل جا جانور اڃ ۽ بک ۾ ئي مري ويندا، وائلڊ لائيف کاتي جي گاڏين ۾ ڊرمن ذريعي جانورن کي پاڻ بچائڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته واديِ ڪوهستان جو ناياب نسل موڪلائي ويندو..
The writing skill work was carried under supervision of SIr Sohail Sangi, at Department of Mass Communication University of Sindh

Article by Qayoom Sarohi


   Sep 18, 2014 at 11:16 AM





   Article by Qayoom Sarohi
ظالم سماج ۾ وڪوڙيل عورت
وقت جي لهر ۽ رونق سان هر شي تبديل نظر اچي ٿي ڪيتريون ئي قومون آهن جن جهالت واري زندگي گذاري ۽ اڄ اهي مهذب ۽ سڌريل قومون ۾ ڳڻيون وڃن ٿيون، هر دور ۾ جنهن به عورت پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي ته انهي کي طاقت جي زور تي خاموش ڪيو ويو آهي.
عورت هر روز ۾ سماج، ظلم ۽ ستم ڪيا آهن تاريخن جي ورقن کي ورائيندي پتو پوي ٿو ته مختلف قومن عورت مٿان جبر ۽ ڏاڌ ڪيا، بابل جي تهذيب ۽ عورتن مٿان ڪيڏو نه ظلم هوندو هو، اسلام انهي مظلوم عورت کي سندس وڃايل حق واپس وٺي ڏنا، اڄ سماج ۾ چوڌاري باهه ٻري پئي آهي، انسان نه چاهيندي نه لالچ دولت شهرت حسد ۽ تڪبر ڏي ڪاهي پيو آهي، سندس ڪاوڙ جو نشانو وري  مظلوم نياڻيون بڻجن ٿيون. ڇا اسان وٽ ڪي اهڙا ادارا نه آهن جيڪي سندن تحفظ ۽ عصمت جي تحفظ جا ذميوار بڻجن رڳو پيا مٿن ظلم ٿيندا رهندا.
جيڪڏهن سماج ۾ اڳتي وڌڻو آهي ته پوءِ انهي لاءِ مرد ۽ عورت کي ڪلهو ڪلهي جو ملائي ملڪ ۽ قوم لاءِ جستجو ڪرڻي پوندي. هن سماج جي ڌڪاريل عورت کي ۽ اوباش ماڻهن جي چهرن کان بچائڻ وارو ڪير ڪونهي ڇا؟ اسان جي معاشري ۾ هاڻي ته ظلم جي انتها ٿي وئي آهي بس ڪنهن حوا جي ڌيءُ کي ڏٺو ۽ حوس جي نشانو بڻايو، پر افسوس در افسوس اسان عورت جي عصمت ۽ ڀاڪنرگي کي ڪنهن سمجهندا يا بس دل جو دل ۾ ٿڌا ساهه کڻي خاموش ويهي رهنداسين انهن ظالمن کي سنگسار ڪيو وڃي ٻئي حالت ۾ سندن سزا موت هئڻ گهرجي انهي حوالي سان ڪيترائي بل پاس ته ڪيا وڃن ٿا پر انهي خوني درندن جي ڪاررواين ۾ ڪا به گهٽتائي نه ٿي اچي رهندو انهن جون دليون وڏيون ٿين ٿيون..
Incomplete. try again

The writing skill work was carried under supervision of SIr Sohail Sangi, at Department of Mass Communication University of Sindh

اردو شاعر شاهد عرف ڪشور ڪمار پروفائل

Urdu Poet Shahid Alias Kishwar Kumar Profile by Qayoom Sarohi




Sep 18, 2014 at 11:16 AM

پروفائل
هڪ ڇوڪري تي 15 ڪتاب سرجيندڙ 
اردو شاعر شاهد عرف ڪشور ڪمار
سنڌو ماٿري جي سرزمين عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن علم، ادب، سياست توڙي دنيا جي هر شعبي ۾ پاڻ مڃايو آهي، ڪجهه گهڻ رخيون شخصيتون هونديون آهن، جيڪي پنهنجي سموري ڄمار جاکوڙ ۾ گذارڻ کي ئي زندگي جو اصل مقصد سمجهنديون آهن، اهڙين شخصيتن ۾ شاهد عرف ڪشور ڪمار جو پڻ شمار ٿئي ٿو، اصل نالو شاهد قريشي ۽ ادب جي حوالي سان شاهد عرف ڪشور ڪمار طور سڃاتو وڃي ٿو، شاهد قريشي حيدرآباد جي چتڙي چاڙهي واري علائقي ۾ اردو افسانه نگار فقير محمد قريشي جي گهر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم پرائڻ بعد انٽر سچل ڪاليج تلڪ چاڙهي مان ڪيائون، جنهن کانپوءِ اعليٰ تعليم پڻ ورتي، شاهد قريشي پڙهيل لکيل ۽ ادبي گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري پرائمري جي دور ۾ شاعري لکڻ شروع ڪئي، شاعري کي ادب ۽ قانون جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ مير دانش ۽ نصير مرزا کان شاعري جي باقائده سکيا ورتي، جنهن کانپوءِ هن مشاعرا پڙهڻ سان گڏ ڪتاب به لکيا، شاهد قريشي شاگردي جي دور ۾ بهاولپور ۾ مشاعرو پڙهڻ ويو، جتي هڪ نوشي نالي شاعره سان سندس دل جو پيچ پئجي ويو ۽ دل جي لڳي کي هن پنهنجي زندگي سان منسوب ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ ادبي دنيا ۾ هن سندس نالي تي لکڻ شروع ڪيو، هن وقت اردو ادب کي نوشي جي نالي تي شاعري جا 15 ڪتاب ڏئي چڪو آهي، شايد هڪ شخص تي ايترا ڪتاب اردو ادب ۾ اڳ ڪنهن نه لکيا هجن، سندس خواهش آهي ته گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ سندس نالو لکيو وڃي، پاڻ اردو شاعرن ۾ مرزا غالب، غلام مصطفيٰ زيدي، پروين شاڪر، جڏهن ته سنڌي جي شيخ اياز ۽ استاد بخاري کان متاثر آهن، سنگيت ۾ ڪلاسيڪل ميوزڪ سندن پسنديده آهي، شاهد قريشي هن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ پروڊيوسر طور ڪم ڪري رهيو آهي، شاهد قريشي سٺي شاعر سان گڏ بهترين اداڪار، ڊرامه نويس ۽ ڪالم نگار پڻ آهي، هن اردو زبان هجڻ باوجود سنڌي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، پي ٽي وي جي ناٽڪ رنگ ۾ بهترين ڪردار نڀايائون..


The writing skill work was carried under supervision of SIr Sohail Sangi, at Department of Mass Communication University of Sindh


Interview Qalandar Shah Lakiyari By Qayoom Sarohi

Interview Qalandar Shah Lakiyari By Qayoom Sarohi




Sep 18, 2014 at 8:53 PM


سنڌ جي ناليواري تعليمدان قلندر شاهه لڪياري کان
 انٽرو انٽرويو.
انٽرويو ڪندڙ..... عبدالقيوم سروهي

سوال: لڪياري صاحب، اوهان جڏهن جواني ۾ هوش سنڀاليو ته وقت جا ڪهڙا چئلينجز سامهون هئا؟
جواب: سجاول جي تعلقي ميرپور بٺوري ۾ 1940ع ۾ جنم ورتو، 1957ع ۾ جواني جو عروج هيو، اُن دور ۾ معاشي حالتون بهتر نه هونديون هيون، غربت جو زمانو هوندو هو، ماڻهن جو گذران معشيت هئي پر سکر بئراج جي تازي تعمير سبب پاڻي جي سپلاءِ شروع نه ٿئي هئي، فصل نه ٿيڻ ڪري معاشي طور سنگين حالتن کي منهن ڏيڻو پيو.
سوال: لڪياري صاحب، اوهان پنهنجي بنيادي تعليم ڪٿان حاصل ڪئي؟
جواب: بنيادي تعليم ميرپور بٺوري جي اسڪول مان ئي حاصل ڪيم، ماضي ۾ تعليم جو سسٽم مختلف هوندو هيو، اڳ ۾ پرائمري جا 7 درجا ۽ انگريزي جا سيون اسٽينڊرز ٿيندا هئا. 4 درجا سنڌي جا پاس ڪرڻ کانپوءِ انگريزي پڙهي سگهبي هئي، خوش قسمتي سان ساڳي ئي اسڪول ۾ اسانکي انگريزي جي سهولت به ميسر هئي، جيڪا ٻئي هنڌ ايڏي سولي نه هوندي هئي.
سوال: لڪياري صاحب، اوهانجو پهريون استاد ڪير هو ۽ کيس اڄ ڪهڙن لفظن سان اڄ ياد ڪندئو؟
جواب: اسانجي علائقي ۾ پهريون اسڪول استاد مولوي محمد عثمان پروا کولرايو، جنهن وٽ مون پهريون درجو پڙهيو، استاد وڏو قابل انسان هو، کيس اديب ۽ شاعر جون خوبيون به حاصل هيون، سندس رهنمائي اڄ به ياد آهي.
سوال: لڪياري صاحب، اوهانجو ننڍپڻ ۾ تعليم سان ڪيترو چاهه هوندو هو؟
سوال: تنهن زماني ۾ اڄ وانگر ٽي وي، ڊش، ڪيبل يا ٻيون سهولتون نه هونديون هيون، سڄو وقت تعليم کي ڏيندا هئاسين، منهنجي تعليم سان ذاتي گهڻي دلچسپي هوندي هئي.
سوال:  لڪياري صاحب، ڪتابن کي اوهان پڙهڻ تائين محدود رکيو يا وڌيڪ دلچسپي هوندي هئي؟
جواب: ننڍپڻ کان ڪتابن سان دوستي رهي آهي، ميهر شاهه جي ميلي تي ڪتابن جو اسٽال لڳايو ويندو هو، جتان پنهنجي خرچي مان 4 آنن، 6 آنن ۽ 8 آنن ۾ ڪتاب خريد ڪري پڙهندو هئس، درسي ڪتابن کان علاوه چار درويش، جان عالمن انجمن ۽ ٻيا ڪتاب ان زماني ۾ پڙهڻ لاءِ وٺندا هئاسين..
سوال: لڪياري صاحب، اوهان باقائده پنهنجي پروفيشن جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟
جواب: شروعات ۾ ميٽرڪ کانپوءِ پرائمري ماستري ملي، جيئن ئي ايم اي انگلش 1969ع ۾ پاس ڪيم ته جنوري 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليچرشپ جي نوڪري ملي وئي، جتي زندگي جا 30 سال تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندي گذاريا.
سوال: لڪياري صاحب،اوهان اڄ سنڌ جا ناليوارا تعليمدان آهيو، پنهنجي پورهئي مان ڪيترو مطمئن آهيو؟
جواب: ماڻهن جي محبت آهي جن نالو ڏنو آهي، پنهنجي پورهئي مان مطمئن ناهيان، تعليم لاءِ هر قرباني ڏيڻ چاهيان پيو، پر اسانجي بدقسمتي آهي ته تعليم هميشه حڪومتن جي ڪنٽرول ۾ رهي آهي ۽ پاڪستان جي قيام کان اڄ تائين مون ايماندار حڪومت ناهي ڏٺي.
سوال: لڪياري صاحب، اوهان ڪيترا ۽ ڪهڙا ايوارڊ ماڻيا آهن.؟
جواب: مارچ 2014ع ۾ صدارتي ايوارڊ تمراءِ امتياز سان نوازيو ويو، قلندر لال شهباز، سچل سائين جي سالياني ميلن ۽ ٻين مختلف ادبي انجمن پاران ڪيترائي ايواڊ ڏنا ويا آهن، ماڻهن جون محبتون ڏسي ايوارڊ وٺندو آهيان باقي ايوارڊن جي منهنجي نظر ۾ ڪا خاص اهميت ناهي، انسان جو ڪردار ئي ان لاءِ سڀ کان وڏو ايوارڊ آهي.
سوال: لڪياري صاحب، اوهانجو آئيڊل ڪير آهي؟
جواب: منهنجو ڪوبه آئيڊل نه آهي، اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا اُن ۾ اهڙي ڪا شخصيت نظر نٿي اچي جنهن جي پوئواري ڪجي، هر شخص ۾ ڪا نه ڪا خوبي ضرور هوندي آهي پر آئيڊل لاءِ خوبين جي مجموعي واري ڪردار جي ڳولا هميشه ڳولا ئي رهي آهي.
سوال: لڪياري صاحب، اوهانجي ڪا اهڙي خواهش جيڪا پوري نه ٿي؟
جواب: زندگي ۾ ڪابه خواهش ناهي رکي، فقيراڻي مزاج ۾ وقت گذارڻ چاهيندو آهيان، ٻن ويلن جي ماني ملي ٿي روح ان ۾ ئي راضي آهي.
سوال: لڪياري صاحب، زندگي جو ڪو اهڙو واقعو اسان سان شيئر ڪجو جيڪو اوهانکي ڪڏهن به نه وسرندو هجي؟
جواب: واقعن جو نالو ئي زندگي آهي، ڪٿي محبتون ته ڪٿي نفرتون مليون آهن، ڌڪا به مليا هوندا ته اُنهن کي معاف ڪري ڇڏيندو آهيان، دل ۾ بغض ناهيان رکندو تنهنڪري اڄ ڪو خاص يادگار واقعو به ناهي.
سوال: لڪياري صاحب، ڪا خوشي جيڪا اوهان اڄ به ياد ڪريو ته اوتري ئي محسوس ٿئي؟
جواب: غريب خاندان سان لاڳاپيل هئس، 1970ع ۾ جڏهن ليڪچرشپ ملي ته تمام وڏي خوشي ٿئي، جيڪا هميشه ياد رهندي آهي، ساڍا 3 سئو رپيا پگهار شروع ٿي، جيڪا ان زماني جي وڏي رقم هئي..
سوال: لڪياري صاحب، زندگي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: زندگي موت کان وڌيڪ بهتر آهي، دوستي کي زندگي سمجهندو آهيان، جڏهن پراڻا دوست ملندا آهن ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ نئين زندگي ملي وئي آهي.
سوال: لڪياري صاحب، اوهان ڪڏهن محبت ڪئي؟
جواب: سڄي ڄمار محبتون ورهايون آهن، ٻارن، شاگردن ۽ دوستن سان گهڻي محبت ڪئي اٿم، 75 سالن جي زندگي دوران نفرتن کي پري رکي محبت کي ترجيع ڏني آهي.
سوال: لڪياري صاحب، ڇا محبت ڪرڻ ضروري آهي؟
جواب: جي ها، انسان محبت ڪاڻ ئي پيدا ٿيو آهي، جيڪو محبت نه ڪندو اُهو صرف ذاتيات ۽ دولت ڪاڻ ئي وڃي جيئي ٿو، صرف انسانن سان نه پر جانورن، پکين ۽ ٻوٽن سان به پيار ڪرڻ گهرجي.
سوال: لڪياري صاحب، پيار، محبت ۽ عشق ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
جواب: شاعر اسد الله غالب جو شعر آهي ته، ڪهتي هين جسي عشق کلل هي دماغ ڪا، پيار هندستاني ۽ محبت عربي ٻولي جو لفظ آهي، عشق محبت کان اعليٰ درجو آهي. ننڍپڻ ۾ مقعالو پڙهيو ته عشق نارن، يعني عشق باهه آهي، جيڪو الله کانسواءِ هر شئي کي ساڙهي ڇڏي ٿو. علم نفسيات وارن به ان تي مختلف قسمن جي ريسرچ ڪئي آهي، مطلب انهن ۾ فرق ضرور آهي.
سوال: لڪياري صاحب، اوهانکي تنهائي پسند آهي يا ميڙاڪن ۾ رهڻ چاهيندا آهيو؟
جواب: هجون سان دلچسپي ناهي هوندي، ادبي ميڙاڪن ۾ صرف ڪجهه سکڻ لاءِ شرڪت ڪندو آهيان، اڪثر اڪيلائي ۾ وقت گذاريندو آهيان، جنهن دوران ڪتاب ئي منهنجو بهترين ساٿي هوندو آهي.
سوال: لڪياري صاحب، اوهين ڪهڙا شهر گهميا آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ مزو ڪٿي آيو؟
جواب: ٻاهريان ملڪ ته ناهن گهميا پر تقريبن پاڪستان سڄو گهمي ڏٺو آهي، سنڌ جهڙي خوبصورت ڌرتي ڪٿي نه ملي، اهو ئي سبب آهي جيڪو سنڌ ۾ رهي ٿو اُن کي ٻيا ملڪ گهمڻ جي اُڪير گهٽ رهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪوهستان، ٿر ۽ لاڙ جهڙا من موهيندڙ هنڌ ڪنهن وٽ به ناهن.
سوال: لڪياري صاحب، اوهانجي شاعري سان دلچسپي آهي؟
جواب: مان پاڻ شاعري ڪئي آهي، 1956ع ۾ پهريون نظم لکيو، پنهنجي شاعري شايع ناهيان ڪرائيندو، شاهه عبدالطيف ڀٽائي کي گهڻو پڙهندو آهيان، استاد بخاري جي شاعري کان متاثر آهيان، احمد ملاح، محمد بخش ۽ علي محمد مجروح وڏا شاعر آهن، جن جو اڄ ذڪر ئي ناهي، جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي.
سوال: لڪياري صاحب، موسيقي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: موسيقي انسان جي ڏکندڙ رڳ آهي، ڳوٺن ۾ يڪتاري ۽ چپڙي تي صوفياڻه ڪلام شوق سان ٻڌندا هئاسين، ڪلاسيڪل ميوزڪ وڌيڪ پسند آهي، استاد منطور علي خان، استاد اميد علي، وحيد علي ۽ استاد الهه ڏنو نوناري کي دل سان ٻڌندو آهيان، وقت گذرڻ سان رنگين فلمي موسيقي آئي جنهن پڻ متاثر ڪيو.
سوال: لڪياري صاحب، آخر ۾ ڪو پيغام ۽ خاص طور سنڌ يونيورسٽي جي شاگرن لاءِ ڪهڙو مسيج ڏيڻ چاهيندا؟
جواب: منهنجو هميشه نعرو رهيو آهي ته سي ٽو، ڪامپيٽينٽ ۽ ڪريڪٽر، اسانجي تعليمي نظام ۾ ڪردار جو ڪو ذڪر ئي ناهي، ڪاميٽينٽ به ماضي جي ڀيٽ ۾ نظر نٿو اچي، دنيا گوبل وليج آهي، شاگردن کي ڪامپيٽينٽ ۽ ڪريڪٽر کي فالو ڪرڻ گهرجي، انسانيت سان محبت ڪريو، ننڍ وڏائي جو فرق ختم ڪريو، ماڻهو ننڍو وڏو ناهي ٿيندو، ڪردار ئي ماڻهن کي اوچو ۽ وڏو ڪري سگهي ٿو.

The writing skill work was carried under supervision of SIr Sohail Sangi, at Department of Mass Communication University of Sindh