Sep 18, 2014 at 11:16 AM
ظالم سماج ۾ وڪوڙيل
عورت
وقت جي لهر ۽ رونق سان
هر شي تبديل نظر اچي ٿي ڪيتريون ئي قومون آهن جن جهالت واري زندگي گذاري ۽ اڄ اهي
مهذب ۽ سڌريل قومون ۾ ڳڻيون وڃن ٿيون، هر دور ۾ جنهن به عورت پنهنجن حقن لاءِ آواز
اٿاريو آهي ته انهي کي طاقت جي زور تي خاموش ڪيو ويو آهي.
عورت هر روز ۾ سماج،
ظلم ۽ ستم ڪيا آهن تاريخن جي ورقن کي ورائيندي پتو پوي ٿو ته مختلف قومن عورت مٿان
جبر ۽ ڏاڌ ڪيا، بابل جي تهذيب ۽ عورتن مٿان ڪيڏو نه ظلم هوندو هو، اسلام انهي
مظلوم عورت کي سندس وڃايل حق واپس وٺي ڏنا، اڄ سماج ۾ چوڌاري باهه ٻري پئي آهي،
انسان نه چاهيندي نه لالچ دولت شهرت حسد ۽ تڪبر ڏي ڪاهي پيو آهي، سندس ڪاوڙ جو
نشانو وري مظلوم نياڻيون بڻجن ٿيون. ڇا
اسان وٽ ڪي اهڙا ادارا نه آهن جيڪي سندن تحفظ ۽ عصمت جي تحفظ جا ذميوار بڻجن رڳو
پيا مٿن ظلم ٿيندا رهندا.
جيڪڏهن سماج ۾ اڳتي
وڌڻو آهي ته پوءِ انهي لاءِ مرد ۽ عورت کي ڪلهو ڪلهي جو ملائي ملڪ ۽ قوم لاءِ جستجو
ڪرڻي پوندي. هن سماج جي ڌڪاريل عورت کي ۽ اوباش ماڻهن جي چهرن کان بچائڻ وارو ڪير
ڪونهي ڇا؟ اسان جي معاشري ۾ هاڻي ته ظلم جي انتها ٿي وئي آهي بس ڪنهن حوا جي ڌيءُ
کي ڏٺو ۽ حوس جي نشانو بڻايو، پر افسوس در افسوس اسان عورت جي عصمت ۽ ڀاڪنرگي کي
ڪنهن سمجهندا يا بس دل جو دل ۾ ٿڌا ساهه کڻي خاموش ويهي رهنداسين انهن ظالمن کي
سنگسار ڪيو وڃي ٻئي حالت ۾ سندن سزا موت هئڻ گهرجي انهي حوالي سان ڪيترائي بل پاس
ته ڪيا وڃن ٿا پر انهي خوني درندن جي ڪاررواين ۾ ڪا به گهٽتائي نه ٿي اچي رهندو
انهن جون دليون وڏيون ٿين ٿيون..
Incomplete. try again
The writing skill work was carried under supervision of SIr Sohail Sangi, at Department of Mass Communication University of Sindh
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں