Habib Jamali لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
Habib Jamali لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں

اتوار، 26 جنوری، 2020

مٽياري ۾ صحافت مختصر جائزو



مٽياري ضلعي ۾ صحافت جي اوسر ۽ ارتقا جو مختصر جائزو
تحقيق ۽ تحرير:
مريد حسين ”احسن“ ٻگهيو
حبيب الرحمان جمالي

مٽياري ضلعو سنڌ اندر تاريخي، ثقافتي، ادبي ۽ سياسي حوالي سان منفرد سڃاڻپ رکندڙ خطو رهيو آهي. هن خطي جي شهر هالا  لاءِ چيو ويندو آهي ته موئن جي دڙي کان بعد ٻيو نمبر جهونو شهر هالا (يا هالا ڪنڊي) آهي ۽ هي شهر مهاڀارت جي دور ۾ وجود ۾ آيو.[1] انهيءَ کان علاوه مٽياري ۽ ڀٽ شاهه جي به تاريخي طور تي الڳ سڃاڻپ آهي.
ماضيءَ ۾ مٽياري انتظامي طور تي حيدرآباد ضلعي جو حصو رهندو آيو هو ۽ 2005ع ۾ انتظامي طور کيس حيدرآباد ضلعي کان ڌار ڪري، الڳ ضلعي جي حيثيت ڏني وئي. مٽياري ضلعو ٽن تعلقن مٽياري، هالا ۽ سعيدآباد تي مشتمل آهي. 1417 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل هن ضلعي جي آبادي 2010ع جي آدمشماري مطابق 6 لک 15 هزار 320 آهي.[2] مٽياري ضلعو اولياءَ الله، صوفين ۽ بزرگن جي ڌرتي هئڻ سان گڏ سياست، ادب ۽ صحافت سميت هٿ جي هنرن جي حوالي سان به ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. ضلعي جا مکيه وڏا شهر هالا، ڀٽ شاهه، مٽياري ۽ سعيدآباد آهن. مجموعي طور تي هي ضلعو 18 يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي.

مٽياري ضلعي  ۾ صحافت جي تاريخ:
مٽياري ضلعي اندر صحافت ورهاڱي کان اڳ شروع ٿي وئي هئي. محمود هالائي جي هالا مان شايع ٿيل  هفيتوار ”همدرد“(1934ع) اخبار هالا مان شايع ٿيندڙ پهرين اخبار هئي. ٿوري عرصي بعد محمود هالائي اها اخبار هالا کان ميرپور خاص منتقل ڪئي ۽ ڊگهي عرصي تائين هالن مان ٻيهر ڪا اخبار ۽ رسالو شايع نه  ٿي سگهيو.
پاڪستان جي آزادي کان بعد  مٽياري ضلعي جي صحافت جو ٻيو دور شروع ٿئي ٿو. هن دور ۾ هالا، ڀٽ شاهه، سعيدآباد ۽ مٽياري ۾ ڪجهه صحافي پنهنجيون پيشه وراڻيون خدمتون سرانجام ڏيندا هئا. جن ۾ هالا جو محمود هالائي، جهامن داس، انور هالائي، عرفان مهدي، سليم هالائي، محبوب علي چنا، اختر هالائي،  ڀٽ شاهه مان محمد وڪيل سمون، سيد ذوالقرنين شاهه، نبي بخش ٻگهيو، علي اڪبر ساند، علي محمد چنه، سعيدآباد مان گل حسن سمون، عبدالحميد لاکو، غلام حسين ميمڻ، مٽياري مان علي نواز سمون، خير محمد ملاح، غلام حسين هاجاڻي سميت ٻيا ڪجهه صحافي  سنڌ جي مختلف علائقن مان نڪرندڙ اخبارن ۽ رسالن لاءِ پنهنجي علائقي جي عوام جي نمائندگي  ڪندي صحافت جي منچ تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا هئا. 1975ع ڌاري ڀٽ شاهه جي صحافين يونين آف جرنلسٽس جوڙي جنهن جو صدر محمد وڪيل سمون ۽ جنرل سيڪريٽري سيد ذوالقرنين شاهه کي چونڊيو ويو.
ملڪ اندر سياسي هلچل واري دور يعني ايم آر ڊي  (Movement For Restoration Of Democracy) واري وقت ۾ مٽياري ضلعي جي صحافت پنهنجي ٻالڪپڻي مان نڪري جواني ڏانهن وکون  وڌايون. اهو مٽياري ضلعي جي صحافت جو ٽيون (پر غيرمعمولي) دور هيو. ايم آر ڊي تحريڪ 1981ع کان شروع ٿي ۽ سموري سنڌ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اهڙي دور ۾ هالا انهيءَ سموري تحريڪ ۾ مرڪزي حيثيت جو حامل رهيو ڇاڪاڻ ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت مخدوم طالب الموليٰ جو شهر هئڻ سبب هي شهر اهم هو ۽ انهيءَ ڪري جنرل ضياءَ الحق جي آمريت خلاف هلايل تحريڪ ۾ هالا جو ڪردار به اهميت جو حامل هو. انهيءَ زماني ۾ هالا جي صحافت وڌيڪ منظم ٿي. استاد بخاري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ هالا جي ڪارڪنن۽ سندن جدوجهد کي ڀيٽا ڏيندي چيو:
جلوس ۽ هالا، لازم ۽ ملزوم ٿيا،
آگريون  اولانبيون، بازو ها ڀالا،
جوڌا جيالا، قومي جنگ ڪندا رهيا.

انهيءَ دور ۾ نوجوان صحافين هالا جي صحافت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جن ۾  عبدالڪريم ميمڻ، اڪرم قائمخاني، مشتاق ميمڻ، اطهر شاهه جيلاني، عرفان مهدي، سعيد آباد جي گل حسن سمون ۽ ڀٽ شاهه جي سيد ذوالقرنين شاهه، علي اڪبر ساند، محمد وڪيل سمون، نبي بخش ٻگهيو جهڙن سينئير صحافين سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ڪجهه نوجوانن به باقائده عملي صحافت ۾ پير پاتو ۽ انهن پنهنجي پنهنجي شهرن سان گڏ هالا کي پنهنجي سرگرمين جو مرڪز بڻايو.
انهيءَ گهٽ ۽ ٻوسٽ واري دور  ۾ مٽياري جا نوجوان صحافي پيشا وراڻي تربيت حاصل ڪيل ته نه هئا پر هو پرعزم هئا ۽ وڏي بهادري ۽ قابليت سان انهيءَ دور جي ظلم ۽ ستم تي عوام جو آواز بڻجي گونجندا رهيا. ايم آر ڊي تحريڪ دوران صحافت ڪندڙ اهي جهونا صحافي ٻڌائين ٿا ته سينسر شپ جي ڪري اخبارون ڪؤريون شايع ٿينديون هيون. اهو وقت صحافيءَ ۽صحافت لاءِ تمام ڏکيو هو. هر واقعو رپورٽ ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهي، وڏي ڏکيائين کي منهن ڏيندي صحافي پنهنجون خبرون ادارن تائين پهچائيندا هئا. پر انهن منجهان گهڻيون خبرون شايع ئي نه ٿي سگهنديون هيون. ڇو جو ملٽري انهن خبرن کي سينسر ڪرائي ڇڏيندي هئي. اهڙي صورتحال ۾ به صحافين همت نه هاري ۽ هنن لاکاٽ ۾ پاڪ فوج جي ڪيل خون ريزي سميت سندن ظلم و ستم جون سموريون ڪهاڻيون پنهنجن ادارن سان گڏ بي بي سي، سي اين اين، گارجين ۽ وائيس آف امريڪا سميت  ٻين انٽرنيشنل نيوز جي ادارن کي ڏيڻ شروع ڪيون. مخدوم امين فهيم خصوصي طور تي بين الاقوامي صحافين سان مسلسل رابطي ۾ رهندو هو ۽ کين حالتن کان باخبر رکڻ لاءِ  هالا ۾ گهرائيندو هو. انهيءَ عرصي دوران هالا، ڀٽ شاهه، مٽياري، سعيدآباد جي صحافين مٿان ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ مختلف وقتن تي کين تشدد جو نشانو پڻ بڻايو ويندو رهيو. پر انهيءَ سختيءَ باوجود  به هو ثابت قدم رهيا ۽ پير پوئتي نه ڪيائون. 80ع واري ڏهاڪي ۾ هالا اندر مخدوم طالب الموليٰ جي مدد سان پريس ڪلب جو بنياد پيو. مخدوم طالب الموليٰ هالا جي صحافين کي پريس ڪلب جي لاءِ هالا سبزي مارڪيٽ ڀرسان (موجوده اعظم بڪ ڊيپو جي ڀر ۾) هڪ ڪمرو ڏنو ۽ صحافين اتان کان صحافت جي ڪم کي جاري رکيو.
مٽياري ضلعي مان معروف صحافي ۽ ڪالم نگار جي اين مغل، ناليواري اداڪار، صحافي ۽ ليکڪ سيد يار محمد شاهه، سميت ٻين پنهنجي صحافتي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. سنڌي صحافت جي دنيا ۾ شوبز جرنلزم جو تصور موجود نه هو. پر مٽياري کان سيد فدا حسين شاهه شوبز جرنلزم کي اپنايو ۽ هن سنڌي صحافت ۾ اهو لاڙو متعارف ڪرايو. 1988ع ڌاري اخبار جہاں لاءِ بمبئی کی فلمی سرگرمیاں  جي عنوان سان شوبز جرنلزم لاءِ لکڻ جو آغاز ڪندڙ سيد فدا حسين شاهه ماهوار سهڻي کان هندستاني فلمن تي لکڻ شروع ڪري سنڌي ميڊيا ۾ شوبز جرنلزم کي متعارف ڪرايو. بعد ۾ عبرت ميگزين، ڪاوش ميگزين ، وومين ورلڊ، اخبار جهان، فاصلا ۽ ڊان لاءِ پڻ لکندو رهيو.
1990 کان هيل تائين نشر و اشاعت جا سوين ادارا کلي وڃڻ بعد نوجوانن جو وڏو انگ صحافت سان لاڳاپجي ويو آهي. هن وقت صحافت هڪ ڪاروبار بڻجي چڪي آهي. ڪرپشن پڻ صحافتي حلقن ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪري ورتا آهن. سرڪاري  ملازمن به صحافت جو پيشو اختيار ڪري رکيو آهي جنهن سان پڻ صحافتي پيشو متاثر ٿيو آهي. انهيءَ جي باوجود  ضلعي اندر ڪجهه اهڙا صحافي به پيدا ٿيا آهن جن کي علائقي جو عوام عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي. اڄ به صحافت کي عبادت سمجهڻ وارا صحافي مٽياري ضلعي اندر موجود آهن جيڪي عوامي جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن ۽ سماجي اڻبرابري، بنيادي انساني حقن جي لتاڙ، ۽ ظلم خلاف آواز بلند رکڻ کي پنهنجو اولين فرض سمجهن ٿا.
هن وقت مٽياري، هالا ڀٽ شاهه ۽ سعيدآباد سميت سموري ضلعي ۾ پريس ڪلب موجود آهن. عبرت، ڪاوش، هلال پاڪستان، عوامي آواز، جيجل، انجام، جنگ، ايڪسپريس، امن، شام، ڪوشش، سنڌو ريجنل ٽائم سميت سنڌي ۽ اردو توڙي انگريزيءَ ۾ شايع ٿيندڙ ننڍين وڏين اخبارن جا نمائندا پڻ موجود آهن. ان کان علاوه اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اي آر وائي نيوز، ڪي ٽي اين نيوز، سنڌ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي، آواز ٽي وي، ڌوم ٽي وي، دنيا ٽي وي ۽ ميٽرو 1 نيوز سميت ٻين سنڌي اردو نيوز چينلن جا نمائنده پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.

اخبارون ۽ رسالا:
اخبارون ۽ رسالا جيڪي هالا مان نڪرندا هئا تن ۾ هفتيوار ”همدرد“ (1934ع)،  هفتيوار ”الزام“، هفتيوار ”پاسبان“، ”الزمان“ (ايڊيٽر حاجي علي محمد)، ”فردوس“ روح ادب“ وغيره شامل آهن. ان کان علاوه ڀٽ شاهه مان  خورشيد ٻگهيو ماهوار فڪر لطيف ميگزين  شايع ڪيو پر مالي معاملن سبب اهو ميگزين ٽي ماهي، پوءِ 6 ماهي ٿيو ۽ هاڻ اهو ميگزين سلسليوار شايع ٿيندو آهي. سعيدآباد منجهان عبدالواحد عمراڻي ”نيو سعيدآباد ميگزين“ جا ڪجهه شماره شايع ڪيا. ۽ سعيدآباد مان ئي ڪجهه وقت لاءِ حزب الله سمون 15 روزه اخبار ”سنڌ سرهاڻ“ شايع ڪئي. مٽياري مان رحمته الله ترڪ پاران  2002 کان 2004ع تائين 15 روزه ”وير“ ۽ 2004 ۾ ”نيو ورلڊ“  اخبار شايع ڪئي. موجوده وقت ارشاد شاهه جي ايڊيٽرشپ ۾ 15 روزه ”الهاشمي“ اخبار مٽياري مان نڪري رهي آهي.

مخدوم محمد صالح ڀٽي1887 کان 1953ع تائين:
مخدوم محمد صالح ڀٽي پرائمري جا چار درجا پنهنجي ڳوٺ هالا پراڻا مان پاس ڪري انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ۾ داخل ٿيو. جتان 1908ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان ۽ 1909ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1910ع ۾ کيس پوني جي زرعي ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالر شپ ملي پر هن سنڌ مدرسي جي پرنسپل ٽي ايڇ وائنس جي آڇيل نوڪري قبول ڪري درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪيو.
مخدوم صالح ڀٽي ڇاڪاڻ جو مذهبي گهراڻي ۾ جنم ورتو هو ان ڪري سندس لاڙو دين اسلام ڏانهن گهڻو هو. ۽ شاگردي واري زماني کان ئي علم ادب سان وڏو چاهه رکندو هو. ان وقت ۾ مدرسه ميگزين ۾ مضمون لکندو هو ۽ جڏهن سنڌ مدرسي ۾ استاد بڻجي آيو ته ”الاسلام“ ماهوار رسالي جو ايڊيٽر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. مخدوم صاحب ڪهنهءِ مشق اديب هو . دينيات ۽ اسلاميات سندس محبوب موضوع هئا پاڻ 15 کن ڪتاب پنهنجي نالي تي ڇڏيا. مخدوم محمد صالح ڀٽي 27 ڊسمبر 1953ع تي وفات ڪئي.[3]

مـحـــــمــود هـــالائـــي1908ع کان 1983ع تائين:
هفتيوار ”همدرد“ اخبار جو باني محمود هالائي تاريخ 8 مارچ 1908ع تي هالان نوان ۾ مشهور شاعر حاجي محمد اسحاق ميمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو جيڪو هوٽل هلائيندو هو. پرائمري تعليم پنج درجا سرڪاري اسڪول مان حاصل ڪيائين. 1921ع ۾ خلافت تحريڪ ۽ ڪانگريس طرفان انگريزن خلاف هلايل قطع تعلقات جي هلچل دوران هن اسڪول جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ خانگي مدرسن ۾ عربي، پارسي، هندي ۽ گرمکي تعليم حاصل ڪيائين ۽ گڏوگڏ هو ڪپڙو اڻڻ ۽ درزڪو ڪم سکيو، خلافت تحريڪ جي جلسن ۾ حصو ورتائين ۽ تُرڪن جي مدد لاءِ چندا گڏ ڪندو رهيو.
1927ع ۾ صحافت جي لائين اختيار ڪيائين. هفتيوار ”الحنيف“ شڪارپور ۽ بعد ۾ هفتيوار ”سنڌ گزيٽ“ جيڪب آباد جو ايڊيٽر ٿيو. محمود هالائي ”الوحيد“ پريس ڪراچي ۾ به ملازمت ڪئي. سندس صحافتي استاد شيخ عبدالمجيد سنڌي هو. ڪجهه عرصي بعد هالائي ميرپور خاص ۾ ”مسلمان“ اخبار ۾ اچي ملازمت ڪئي ۽ انهيءَ عرصي دوران هڪ ماهوار رسالو ”غالب“ شايع ڪيائين. 1930ع متحده هندوستان اندر ڪانگريس طرفان ملڪ کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ جي سلسلي ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿي جنهن ۾ غير قانوني لوڻ ٺاهڻ جو ستياگره ۽  ولايتي ڪپڙن جا ڊيپو ۽ شراب جا گتا سيل مهر ڪرڻ ۽ مظاهرا ڪرڻ جي ڪارواين ۾ هالائي ڀرپور حصو ورتو. 1931ع ۾ عمر ڪوٽ ۾ انگريزن خلاف بغاوتي تقرير ڪرڻ جي الزام ۾ کيس هڪ سال جي سزا ڏني وئي. جيل مان آزاد ٿيڻ بعد 1934ع ۾ حاجي محمود هالائيءَ هالا نوان مان هفتيوار اخبار ”همدرد“ شايع ڪئي ۽ پرنٽنگ پريس قائم ڪئي. (بعد ۾ هالا جي تعليمي ادارن  ۾ ٿيندڙ  بي واجبين بابت ايڊيٽوريل شايع ڪرڻ جي پاداش ۾ بااثرن پاران شهر نيڪال ڪيو ويو ۽ هُن اخبار ميرپور خاص شفٽ ڪري اتان شايع ڪرڻ شروع ڪئي.· ) 1942ع ۾  ميرپورخاص ۾ پريس ۽ اخبار پڻ قائم ڪئي.
حاجي محمود هالائي انهيءَ عرصي دوران پاڪستان مسلم ليگ، خاڪسار تحريڪ ۽ سنڌ ۾ هارين جي حقن لاءِ هلندڙ تحريڪ ”سنڌ هاري ڪميٽي جو پڻ ساٿ ڏنو.[4]
ميرپور خاص  ۾ رهڻ واري عرصي دوران هالائي، مسڪين جهان خان کوسي سان گڏجي ٿر جي لاءِ آواز بلند ڪيو ۽ دنيا کي ٿر جي ڏکن ۽ سورن کان آگاهه ڪيو.  هن سموري زندگي غريبن مسڪينن جي حقن ۽ سنڌي ماڻهن جي حق خود اراديت لاءِ جاکوڙيو ۽ سنڌ اندر تعليمي اداران لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. هالا اندر قائم اسڪولن جي قديم عمارتن کي جوڙائڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. حاجي  محمود هالائي 30 آڪٽوبر 1983ع تي وفات ڪئي. محمود هالائي پاران شروع ڪيل هفتيوار همدرد اخبار هينئر تائين سندس فرزند عاشق علي ميمڻ جي ايڊيٽرشپ ۾ ميرپورخاص مان نڪري رهي آهي.

مـخـــدوم طالــــب الـمـــولـــيٰ1919ع کان 1993ع تائين:
مخدوم طالب المولى جي شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. هو هڪ پير گادي نشين ته هو ئي پر ان سان گڏو گڏ شاعر اديب ۽ ادب نواز انسان ۽ برک سياستدان هو. سنڌي ادب لاءِ سندس خدمتون ڪنهن کان به لڪل نه آهن. هن تعليمي ميدان ۾ پڻ وڏو جاکوڙيو جنهن جا  مثال هالا ڪاليج ۾ سنڌ جي شاگردن لاءِ هاسٽل جو قيام دادو ۾ ڪاليج جو قيام ان کان علاوه لاتعداد پرائمري ۽ هاءِ اسڪول سموري سنڌ ۾ مخدوم طالب المولى جي محنتن جو نتيجو آهن. هو غريبن مسڪينن جو هڏ ڏوکي هو. مخدوم طالب الموليٰ هالا ۾ صحافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 1940ع واري دور ۾ ”الزمان“ نالي پريس قائم ڪئي ۽ سندس سرپرستيءَ ۾ ئي  ڪو وقت هالا مان ”الزام“ ۽ ”پاسبان“ نالي سان هفتيوار اخبارون نڪرنديون رهيون.[5] 1948ع دوران، هالا مان ماهوار ”فرودس“ جاري ٿيو. ”فردوس“ جو سرپرست مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هو ۽ اعزازي ايڊيٽر مرحوم محبوب علي چنه ۽ سليم هالائي هئا. ۽ هالا مان ئي ”روح ادب“ به شايع ٿيندو هو جنهن جو ايڊيٽر محمد خان غني هو.

انــــور هـــالائـــي:
نامور صحافي انور علي هالائي پنهنجي صحافت جو آغاز هالا مان ڪيو. اڳتي هلي  ماهوار گل ڦل حيدرآباد جو ايڊيٽر ٿيو.

عــــرفــان مـــهـــــدي 1966ع کان 1991ع تائين:
هالا پراڻا سان تعلق رکندڙ نوجوان عرفان مهدي جيئي سنڌ اسٽوڊينٽ فيڊريشن جو هڪ سرگرم اڳواڻ هئڻ سان گڏ شاعر ليکڪ ۽ صحافي هو. هن 1979ع ۾ هالا پراڻا مان وک وڌايو جي نالي سان اشاعتي ادارو قائم ڪيو ۽ ان تحت ڪتاب شايع ڪرايا.  عرفان جاکوڙي نوجوان هو. وسيلن جي کوٽ هوندي به، بس ڪري نه ويٺو ۽ هن 1985ع کان 87ع تائين هفتيوار اخبار ”جاڳو“ ڪڍڻ شروع ڪئي. جيڪا اخبار هٿ سان لکي، هالا مان ڇپرائي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ وڪرو ڪندو هو . عرفان انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر، پبلشر، پرنٽر ۽ ايتري قدر جو هاڪر به پاڻ هوندو هو. هن ٻه سال اها اخبار لاڳيتو هلائي.¨

مــشـــتــاق عــلــــي مـــيــمــــڻ 1958 کان :
مشتاق ميمڻ هالا سان تعلق رکندڙ معروف صحافي حاجي محمود هالائي جي گهر ۾ جن ورتو. 1976ع ۾ انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪيائين. صحافت جو شوق کيس والد کان ورثي ۾ مليو ۽ هن MRD تحريڪ واري دور ۾ صحافت جي ميدان ۾ عملي پير پاتو. مشتاق هلال پاڪستان کان پنهنجي صحافت جو آغاز ڪيو ۽ هيل تائين هلال پاڪستان سان لاڳاپيل آهي. ان کان علاوه هن اردو اخبار امن لاءِ به گهڻو عرصو ڪم ڪيو. ايم آر ڊي جي دور ۾ هالا ۾ ٿيندڙ احتجاجن جي ڪوريج جي پاداش ۾ کيس پوليس ۽ فوج جو گهڻيون سختيون سهڻيون پيون. سندن گهرن ۽ دڪانن ۾ هٿرادو چوريون ڪرايون ويون ۽ مٿس هڪ ڀيرو حملو به ٿيو جنهن ۾ هو خوش قسمتيءَ سان بچي ويو هو. هُو پنهنجي صحافتي زندگيءَ بابت چوي ٿو ته ”مونکي فخر آهي ته صحافتي ميدان ۾ پنهجو ڪردار فرض شناسيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ادا ڪيو“ هن وقت هو هلال پاڪستان جو هالا مان نمائندو آهي ۽ پنهنجي ڀائرن سان گڏ سندس والد پاران قائم ڪيل پريس ”هالا پرنٽنگ پريس“ سنڀالي رهيو آهي. مشتاق علي ميمڻ پريس ڪلب هالا جو بنياد وجهندڙصحافين منجهان هڪ آهي.

عـبـــدالـڪــــريــم مـــيــمــــڻ1961ع کان:
هالا پراڻا سان تعلق رکندڙ عبدالڪريم ميمڻ جو ڳاڻيٽو هالا جي سينئر صحافين ۾ ٿئي ٿو. عبدالڪريم ميمڻ پنهنجي هڪ دوست ۽ صحافي، خيبر جي رهواسي محرم علي مجاهد کان متاثر ٿي صحافت جي دنيا ۾ آيو. هو چوندو آهي ته ”محرم علي مجاهد سندس استاد آهي ان جي رهنمائي کان سواءِ هو صحافت جي ميدان ۾ پير نه پائي سگهي ها“.
ايم آر ڊي تحريڪ واري دور ۾ جڏهن هالا ويجهو لاکاٽ ڳوٺ تي فوجين چڙهائي ڪري ظلم جي تاريخ رقم ڪئي ان وقت بي بي بي سي جو رپورٽر (شايد اين هور) مخدوم طالب الموليٰ وٽ آيو ۽ هن انهيءَ جڳهه تي پهچڻ لاءِ سندس مددگهري. مخدوم طالب الموليٰ، عبدالڪريم ميمڻ ۽  (سعيدآباد جي صحافي) گل حسن سمون کي پاڻ ڏانهن سڏايو ۽ کين صحافي دوست سان گڏجي واقعي واري هنڌ وڃڻ لاءِ چيو. جنهن تي هو ٻئي ڄڻا تيار ٿيا. جيئن ئي هو بي بي سي جي نمائندي سان گڏ گاڏي ۾ ويٺا ته هڪ پوليس اهلڪار اچي بي بي سي جي نمائندي کي ٻانهن کان جهليو ۽ کيس چيو ته ”ڊي ايس پي صاحب توهان کي سڏي ٿو“. پوليس اهلڪار هن کي پاڻ سان گڏ وٺي هليو ويو. 4 ڪلاڪن کان بعد کيس ڇڏيو ويو ۽ هو ٻيهر مخدوم وٽ آيو. مخدوم طالب الموليٰ ٻيهر ٻنهي صحافين (عبدالڪريم ۽ گل حسن) کي سڏائي هن سان گڏ روانو ڪيو. ٻئي ڄڻا کيس مهروف ڀنڀرا ڳوٺ کان لاکاٽ وٺي وڃڻ لڳا. مهروف ڀنڀرو ڳوٺ ۾ فوجي خندقون کوٽي ويٺل هئا اهو سمورو حال کيس ڏيکاريو ويو. پوءِ لاکاٽ پهتا جتي آرمي سموري ڳوٺ کي گهيرو ڪري ويٺل هئي. صحافين کي رستي ۾ روڪي کين ڳوٺ تائين پهچڻ نه ڏنو ويو ۽ نه ئي ڪنهن ڳوٺاڻي سان ڳالهائڻ جي کين اجازت ملي. ان کان بعد ٽئي همراهه قاضي احمد ۾ علي نواز انڙ (علائقي جي بااثر) جي اوطاق تي ويا ۽ ساڻس حالي احوالي ٿيا. کيس چيائون ته هو ڪنهن نموني سان ڳوٺاڻن سان ملاقات جو بندوبست ڪرائي ڏئي. هن چانڊين جي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ مختلف رستن کان پنهنجا همراهه روانا ڪيا. جيڪي ڪجهه دير کان بعد ڪجهه ڳوٺاڻن کي پاڻ سان گڏ وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ بي بي سي جي نمائندي کانئن انٽرويو ڪيا. ٻئي ڏينهن تي بي بي سي تي رپورٽ نشر ٿي جنهن ۾ سمورو اکين ڏٺو احوال ۽ ڳوٺاڻن جا تاثرات نشر ٿيا. جنهن کان بعد فوجي ۽ پوليس  عملدار مڇرجي پيا ۽ صحافين لاءِ رڻ ٻاري ڏنائون. بي بي سي حوالو ڏنو هو ته ٻن علاقائي صحافين ان سلسلي ۾ مدد ڪئي هئي. اهڙي خبر تي قاضي احمد جي ٻن صحافين کي گرفتار ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. مخدوم طالب الموليٰ عبدالڪريم ۽ گل حسن کي منظر تان هٽائي لڪائي ڇڏيو. عبدالڪريم ۽ سندس ساٿي اهڙين سختين باوجود به هالا ۽ ڀرپاسي ۾ ٿيندڙ جلسن ۽ جلوسن جي ڀرپور ڪوريج ڪندا رهيا هئا. عبدالڪريم ان وقت کان اڄ ڏينهن تائين روزاني عبرت سان لاڳاپيل رهيو آهي. عبدالڪريم ميمڻ هالا پريس ڪلب جو پهريون صدر چونڊيو ويو هو.[6]

عبدالحميد لاکو 1934ع کان:
عبدالحميد لاکي نيو سعيد آباد کان پنهنجي صحافت جي شروعات ڪئي. 1960ع واري دور ۾ ”الوحيد“ اخبار رپورٽر ٿيو. عبدالحميد پنهنجي صحافتي ڪيريئر ۾ الوحيد، عبرت، آفتاب، مهراڻ، هلال پاڪستان، خادم وطن، آفتاب سان لاڳاپيل رهيو. طبيعت ۾ ناسازيءَ سبب گهڻو وقت اڳ صحافت کي خيرباد چئي چڪو آهي. پريس ڪلب هالا جي بنياد وجهندڙ صحافين ۾ سندس به شمار ٿئي ٿو.[7]

گـل حــســــــن ســــــــمـون  1956ع کان:
سعيدآباد سان تعلق رکندڙ گل حسن سمون 70ع جي ڏهاڪي ۾ صحافت جي دنيا ۾ پيرپاتو. ان وقت اردو اخبار ”مساوات“ کان هن پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ بعد ۾ جنگ سميت مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو. ايم آر ڊي تحريڪ دوران سعيدآباد ۽ هالا مان رپورٽنگ ڪندو رهيو. انهيءَ عرصي دوران پوليس حراست ۾ هڪ ملزم تشدد جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو هو. اهڙي خبر کي پوليس پاران ڌٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر گل حسن اها خبر پنهنجي اخبار مساوات ڏانهن اماڻي ۽ اها خبر شايع ٿي جنهن کان بعد پوليس کيس هيسائڻ ۽ دٻائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو ۽ مٿس زور ڀريو ويو ته اهڙي خبر جي ترديد ڪري. گل حسن پوليس کان روپوشي اختيار ڪري پنهنجي اداري تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس اداري کيس خبر کي فالو ڪرڻ جو چيو گل حسن اداري کي فالو اپ اماڻيو ته اها خبر پهرين کان به وڏي ڪري شايع ڪئي وئي ۽ انهيءَ خبر تي وڏو ري ايڪشن ٿيو سندس خبر تي پوليس خلاف انڪوائري ٿي ۽ انڪوائري جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت انهيءَ واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو.
گل حسن پنهنجي صحافتي زندگي جي يادگيرين جا ورق اٿلائيندي ٻڌائي ٿو ته 80ع جي ڏهاڪي ۾ سعيدآباد ڀرسان ڪچي جي علائقي نور ڪيٽي مان پوليس خفيه اطلاع تي پٺاڻ خرڪارن جي هڪ گروهه  وٽان 32 ڇوڪرا بازياب ڪرايا هئا. انهن ٻارن کي مختلف علائقن مان اغوا ڪري کين باندي بڻائي کانئن مزدوريون ڪرايون وينديون هيون. سمورا ٻار پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا هئا. پر ان وقت هڪ ڪرنل جي مداخلت تي پوليس اهي ٻار انتهائي رازداريءَ ۾ انهيءَ ڪرنل حوالي ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڪرنل اهي ٻار ٻيهر پٺاڻن حوالي ڪري ڇڏيا. ٻارن کي پٺاڻ خرڪار واپس اترين علائقن ڏانهن وٺي ويا. اهڙي خبر گل حسن سمون سعيدآباد مان ليڪ ڪئي ۽ اها خبر هيڊ لائن طور شايع ٿي.
گل حسن سمون گهڻو وقت اڳ صحافت کي الوداع ڪري چڪو آهي ۽ صحافت کي الوداع ڪرڻ جي ڪهاڻي ڪجهه ائين ٻڌائي ٿو ته هو جنهن اداري ۾ ڪم ڪندو هو ان اداري سندس صحافت تان ويساهه کڻائي ڇڏيو هو. هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ ڏانهن آزاد ڪشمير جو وزير اعظم عبدالقيوم خفيه طريقي سان ضياءَ الحق جو پيغام کڻي پهتو ۽ کيس پيپلز پارٽي ڇڏڻ لاءِ زور ڀريو. وزيراعظم عبدالقيوم جي آمد کي فوج طرفان انتهائي خفيه رکيو ويو. پر مخدوم طالب الموليٰ پاران انڪار بعد جنرل ضياءَ الحق طرفان سندس اخبار (اداري) کي زور ڀريو ويو ته هو اها خبر ليڪ ڪن ته جيئن مخدوم طالب الموليٰ جي ساک کي نقصان پهچائي سگهجي.
ملاقات جي ٻئي ڏينهن سندس اخبار اهڙي خبر شايع ڪئي جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ ۽ عبدالقيوم جي خفيه ملاقات جو ذڪر هو. اهڙي خبر حيدرآباد جي نمائندي جي معرفت هلائي وئي هئي. خبر شايع ٿيڻ کان بعد اداري پاران اهم خبر مس ڪرڻ جي الزام  ۾ کيس شوڪاز جاري ڪيو ويو. جنهن بعد هن اداري ۾ موجود ڪجهه دوستن جي مدد سان انهيءَ معاملي جي جانچ ڪئي ۽ کيس اهڙيو شاهديون هٿ آيون جن مان ظاهر ٿيو ته اهو سمورو ٽوپي ڊرامو اداري جي مالڪ ۽ ضياءَالحق جو رچايل هو ته جيئن مخدوم طالب الموليٰ جي ساک کي نقصان پهچائي سگهجي. اداري پاران جاري ڪيل شوڪاز جي جواب ۾  هن اداري کي 65 صفحن تي مشتمل هڪ جواب لکيو جنهن ۾ اهڙا ثبوت به گڏي موڪليا جن ۾ جنرل ضياءَ الحق پاران سندن اداري جي مالڪ سان ٿيل رابطي جا ثبوت به شامل هئا. انهيءَ واقعي ادارن تي سندس ويساهه ٽوڙي ڇڏيو جنهن بعد هن صحافت کان عليحدگي اختيار ڪري ڇڏي. هن وقت هو سعيدآباد ۾ ريٽائرمنٽ جي زندگي بسر ڪري رهيو آهي.[8]

سيد ذوالقرنين شاهه:
سيد ذوالقرنين شاهه ڀٽ شاهه جي سيد حسين جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڀٽ شاهه مان ئي حاصل ڪئي. 1970ع ڌاري صحافت جو آغاز ڪيو. 1974ع ۾  ذوالقرنين شاهه روزاني آفتاب ۾ نمائندگي حاصل ڪئي ۽ 1980ع تائين آفتاب سان لاڳاپيل رهيو.
1980ع ڌاري ڀٽو جي شهادت کان پوءِ واري عرصي ۾ غوث بخش بزنجو، عبدالحميد جتوئي، شير باز مزاري ۽ يوسف مستي خان، شاهه محمد شاهه وٽ ڀاڻوٺ ۾ آيل هئا. ان موقعي تي ذوالقرنين شاهه کانئن ڀٽو جي شهادت تي انٽرويو ڪيا. ۽ اها خبر ٺاهي هن آفتاب اخبار ۾ اماڻي. جنهن تي ايڊيٽر شيخ علي محمد کانئس پڇا ڪئي ته جيڪا خبر توهان اماڻي آهي انهن صاحبن ائين ئي چيو آهي جيئن تون لکيو آهي؟ تصديق ٿيڻ کان بعد اها خبر اخبار ۾ سپر ليڊ طور شايع ٿي جنهن ۾ انهن جو بيان هو ته ڀٽو کي قوميت جي بنياد تي قتل ڪيو ويو آهي. خبر اخبار ۾ شايع ٿيڻ کان بعد بي بي سي لنڊن تان رضا علي عابدي اخبار جي حوالي سان اها خبر نشر ڪئي. ذوالقرنين شاهه ٻڌائي ٿو ته اها خبر بي بي سي تي نشرٿيڻ کان پوءِ مون کي تي پريشر وڌو ويو ته آئون ان خبر جي ترديد ڪريان. پر بعد ۾ انهن صاحبن منجهان ٻن ماڻهن ان جي ترديد پاڻ ئي ڪئي ته هنن ائين نه چيو آهي. 1982ع ڌاري ضياءَ دور ۾  عبرت جو ايڊيٽر قاضي عابد ڀٽ شاهه آيو. هن سان ملاقات ٿي ته هن انهيءَ خبر جو حوالو ڏيندي پڇا ڪئي ته اهو انٽرويو تو ڪيو هو؟ ۽ پوءِ چيائين ته تنهنجي جاءِ عبرت ۾ آهي. جنهن کان بعد ذوالقرنين شاهه عبرت اخبار ۾ نمائندگي اختيار ڪئي.
1985ع تائين عبرت سان لاڳاپيل رهيو ۽ بعد ۾ نوڪري ملي وڃڻ ڪري ڪجهه صحافت کي الوداع ڪيو. 1997ع ۾ کيس نوڪري تان گولڊن هينڊ شيڪ ڏئي هٽايو ويو. ۽ هن ٻيهر صحافت جي پيشي کي اختيار ڪيو. عوامي آواز کان ٻيهر صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو. 1999ع ۾ نواءِ وقت کي جوائن ڪيو ۽ هيل تائين نواءِ وقت سان لاڳاپيل آهي.
سيد ذوالقرنين شاهه مختلف اخبارن لاءِ فري لانسر طور سياست، سماجيات، تاريخ، تهذيب ۽ لطيفيات تي آرٽيڪل لکندو رهيو آهي. کيس 2005ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي پاران ليکڪ جي طور تي شاهه لطيف ايڪسيلينس ايوارڊ ڏنو ويو.
هن وقت سيد ذوالقرنين شاهه نواءِ وقت ۾ نمائندي جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ کان علاوه ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه ايف ايم 93.5 تان ”ڪچهري“ جي نالي سان پروگرام ڪندو آهي.[9]

محمد وڪيل سمون:
محمد وڪيل سمون ڀٽ شاهه جي پهريون صحافي هو. هن پنهنجي صحافت جو آغاز روزاني عبرت کان ڪيو. ۽ ڀٽ شاهه ۾ سمورين سنڌي اردو اخبارن جي ايجنسي به وٽس ئي هوندي هئي ان ڪري هو ٻين اخبارن ۾ به خبرون موڪليندو رهندو هو. پر باقائده طور تي نمائندي جي طور تي هن عبرت اخبار کان شروعات ڪئي ۽ اڳتي هلي هن هلال پاڪستان ۾ نمائندگي اختيار ڪئي. سندس پٽ مستقيم سمون هن وقت آواز ٽي وي لاءِ ۽ عبرت لاءِ ڀٽ شاهه مان نمائندو آهي.[10]

غلام شبير ڀٽي 1948ع کان :
غلام شبير 1970ع ڌاري صحافت سان دلچسپي هئڻ ڪري ڀٽ شاهه مان صحافت جو آغاز ڪيو. پنهنجي ڪيريئر جي شروعات هن مراسلات (ايڊيٽر ڏانهن خط) لکڻ کان ڪئي. بعد ۾ روزاني جنگ ۾ بطور رپورٽر پنهنجو خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو. اڃا تائين غلام شبير ڀٽي جنگ جي لاءِ ڀٽ شاهه مان رپورٽنگ ڪري ٿو.[11]

نبي بخش ٻگهيو          2004ع تائين:
نبي بخش ٻگهيو ڀٽ شاهه جي شروعاتي صحافين منجهان هڪ هو. هن پنهنجي صحافت جو آغاز 70 جي ڏهاڪي ۾ عبرت اخبار سان ڪيو. ڪجهه عرصو صحافت سان لاڳاپيل رهيو ۽ بعد ۾ صحافت کي خيرباد چئي پاڪستان ايئرفورس ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. 2004ع ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري انتقال ڪري ويو.[12]
هن وقت سندس پٽ بابر علي ٻگهيو مهراڻ يونيورسٽي جي شعبي ٽيليڪام انجنيئرنگ زيرِ تعليم آهي ۽ هڪ نياڻي گورنمينٽ ڪاليج ڀٽ شاهه ۽ ٻي شاهين پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. ڀٽ شاهه پريس ڪلب جو صدر خورشيد ٻگهيو سندس ڀاڻيجو آهي.

خورشيد احمد ٻگهيو1965ع کان:
خورشيد ٻگهيو ڀٽ شاهه مان پنهنجي صحافت جو آغاز 1995ع ۾ روزاني سوال اخبار کان ڪئي. بعد ۾ هن روزاني پاڪ ۾ تعلقه رپورٽر بڻيو ۽ پوءِ پاڪ اخبار ڇڏي عوامي آواز ۾ ڀٽ شاهه مان صحافت ڪرڻ لڳو. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ سنڌي چينل اچڻ بعد هن سنڌ ٽي وي نيوز لاءِ ڀٽ شاهه مان رپورٽنگ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ هن وقت سنڌ ٽي وي نيوز لاءِ هالا تعلقي مان رپورٽنگ ڪري رهيو آهي. خورشيد ٻگهيو پنهنجي صحافتي ڪيئريئر ۾ علائقي جي عوام جي حقن لاءِ وڏي دليري سان قلم جي جنگ جوٽيندو رهيو آهي. مٿس رپورٽنگ ڪرڻ جي پاداش ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا. جيڪي انڪوائرين کان بعد ڪوڙا ثابت ٿيا ۽ کيس ڪيسن کان آجو قرار ڏنو ويو.  هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ گهڻا لاها ۽ چاڙها ڏٺا آهن پر صحافتي ذميوارين کان آڻ نه مڃي آهي.
اپريل 2011ع ۾ کنڊو لڳ ڀچابرادري جي ماڻهن پاران زرعي زمين تي بااثرن جي قبضي خلاف احتجاج ڪري نيشنل هائي وي تي ڌرڻو ڏنو ويو. انهيءَ ڌرڻي دوران مٽياري پوليس جي وڏي نفري پهچي زبردستي احتجاج ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تان پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي پئي. ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ مٽياري پوليس مظاهرين مٿان ڳولين جو وسڪارو ڪري ڏنو ۽ مٿن ڳوڙها آڻيندڙ گئس سان گڏ لٺيون وسائڻ شروع ڪري ڏنيون. پوليس جي اهڙي بي رحماڻي ڪارروائي کي خورشيد ٻگهيو پنهنجي ڪيمرا ۾ قيد ڪري سنڌ ٽي وي تان نشر ڪرايو ۽ ڪجهه ئي دير ۾ سنڌ ٽي وي سميت سنڌي ۽ اردو ميڊيا انيهءَ اشو تي لائيو پروگرام شروع ڪري ڇڏيا ۽ پوليس ٿرٿلي ۾ پئجي وئي. خورشيد چينل تي اهڙا فوٽيج موڪلڻ کان بعد سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي به اها ويڊيو شيئر ڪري ڇڏي جنهن کان بعد سموري اليڪٽرانڪ ميڊيا اهڙا منظر نشر ڪري پوليس گردي جي ڀيانڪ شڪل کي عوام آڏو وائکو ڪيو. خورشيد تي مٽياري پوليس ۽ علائقي جي بااثرن پاران دٻاءُ وڌو ويو ته هو اها وڊيو انٽرنيٽ تان هٽائي ڇڏي پر هن ائين نه ڪيو. ٻئي ڏينهن سمورين سنڌي اخبارن انهيءَ معاملي تي ايڊيٽوريل شايع ڪيا.
2011ع  ۾ ڀٽائيءَ جي عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ ثقافت کاتي پاران سندس صحافتي خدمتن عيوض کيس سنڌ جي سڀ کان وڏي سرڪاري اعزاز شاهه لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو. ان کان علاوه سنڌ صحافي سنگت، سماجي تنظيمن ۽ ڪراچيءَ جي اسڪول آف چرچ ميوزڪ اينڊ ورشپ تيهليم پاران کيس مڃتا ايوارڊ ۽ شيلڊون ڏنيون ويون.
خورشيد ٻگهيو ڀٽ شاهه جي صحافين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري 2000ع ۾ ڀٽ شاهه پريس ڪلب جو بنياد وڌو ۽ انهيءَ جو صدر چونڊيو ويو. گذريل 5 سالن کان کيس ڀٽ شاهه جي صحافين پاران بنا مقابلي ڀٽ شاهه پريس ڪلب جو صدر چونڊيو ويندو رهيو آهي. هن وقت هو سنڌ ٽي وي نيوز، روزاني جيجل، سنڌو ۽ ريجنل ٽائم لاءِ ڀٽ شاهه مان رپورٽنگ ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه فري لانسر طور مختلف سنڌي اخبارن ۾ علائقائي سياست ۽ عوامي مسئلن بابت مضمون لکندو رهيو آهي. 2010ع جي ٻوڏ ۽ 2011ع جي برساتن واري تباهه ڪارين ۾ سندس ڪيترائي آرٽيڪل شايع ٿيا ۽ کيس ذميواراڻي صحافت تي خاصي مڃتا ملي. موجوده وقت ۾ مٽياري ضلعي جي وڏن صحافين ۾ سندس شمار ٿئي ٿو.[13]

سيد يار محمد شاهه1946ع کان:
مٽياري سان تعلق رکندڙ سيد يار محمد شاهه هڪ ئي وقت مشهور ادارڪار، هدايتڪار، موسيقار، شاعر، صحافي، ڪالم نگار، ڊرامه نويس ۽ سماجي ورڪر آهي. يار محمد شاهه اداڪار فلم ساز ۽ آبادگار هئڻ سان گڏ سٺو ليکڪ پڻ آهي. هن ٽي وي ڊرامن ”چهچٽو“، ”رس چس“، ”سُن تو سهي“، ”کل ڀوڳ“، ”قلم نمبر“ ۽ ”سچ گيا بچ“ جا خاڪا لکيا ۽ ٽي وي تي پيش ڪيا.
يار محمد شاهه ”محب شيدي“ ۽ ”علي گوهر“ فلمن جون ڪهاڻيون به لکيون. انهن کان سواءِ اخبار ڪالم پڻ لکندو رهيو آهي. جن ۾ روزاني آفتاب ۾ ”واهه سائين واهه“، روزاني برسات ۾  ”چيڪ پوسٽ“ ۽ ساڳي ئي اخبار ۾ ”فلم ٽي وي خبر نامون“ ماهوار  رسالي ناٽڪ ۾ ”ٽي وي فلم“ ڪالم، ماهوار سهڻي ۾  ”ٽي وي او ٽي وي“ روزاني ڪاوش ۾ ”گلڻ جا گفتا“ ۽ عوامي آواز ميگزين ۾ ”شوبز ۾ ياري شاهه“ جي عنوان سان مستقل ڪالم لکندو رهيو آهي.
هن وقت يار محمد شاهه روزاني عوامي آواز ۾ ”جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر“ جي سري هيٺ ڪالم لکي رهيو آهي. انهيءَ ڪالم بابت صحافي زرار پيرزادو چوي ٿو ته ”اسان يار محمد شاهه جي هن ڪالم کي سنڌي ڪالمن کان وڃايل رستي تان واپس راهه راست تي آڻڻ جي هڪ ڪاوش سمجهون ٿا ۽ اڄ جي ڪالم نگارن کي ٻڌايون ٿا ته ڪالم هيئن لکبا آهن.  ان لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته هيءُ ڪالم ”سنڌي ڪالمن جو اصل شناختي ڪارڊ آهي.“[14]

سيد فدا حسين شاهه :
مٽياري سان تعلق رکندڙ سيد فدا حسين شاهه سنڌي ميڊيا ۾ شوبز جرنلزم متعارف ڪرائيندڙ شخص آهي. پهريون جرنلسٽ آهي جنهن شوبز تي لکڻ جي شروعات ڪئي.
سيد فدا حسين شاهه 1988ع ۾ اخبار جهان کان ”بمبئي ڪي فلمي سرگرميان“ جي عنوان سان لکڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي هن ماهوار سهڻيءَ ۾ پي ٽي وي ۽ هندستاني فلمن تي لکڻ شروع ڪيو. 1990ع ۾ عبرت ميگزين لاءِ لکڻ جي شروعات ڪئي. سيد فدا حسين شاهه ڪاوش، ڪاوش ميگزين، وومين ورلڊ، اخبارِ جهان لاءِ پڻ شوبز تي لکندو رهيو آهي.
هن وقت سيد فدا حسين شاهه بي بي سي، سي اين اين، دي نيوز سميت انٽرنيشنل ميڊيا لاءِ بطور فري لانسر ڪم ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته آسڪر جيوري جا ميمبر کانئس پڻ فيسن، فلمن ۽ برانڊز تي راءِ وٺندا آهن. ان کان علاوه هن وقت هو ڪلاسيڪل موسيقي تي ڪم ڪري رهيو آهي. [15]

الله بچايو ڪڇي:
الله بچايو ڪڇي روزاني آفتاب لاءِ مٽياري مان نمائندگي ڪندو هو. مٽياري پريس ڪلب جو بنياد وجهڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو. هن پريس ڪلب لاءِ پنهنجي گهر جي عمارت منجهان ٻه ڪمرا پريس ڪلب لاءِ مختص ڪيا ۽ صحافين اتان کان پنهنجيون پيشي وراڻيون سرگرميون شروع ڪيون.[16]

موجوده وقت ۾ مٽياري ضلعي جا صحافي:
هن وقت مٽياري ضلعي جي ارڙهن ئي يونين ڪائونسلن ۾ مختلف ننڍين وڏين اخبارن ۽ چينلن جا نمائنده موجود آهن. سموري ضلعي جي  ڪجهه صحافين جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.


مٽياري:


GN مغل
يار محمد شاهه
سيد فدا حسين شاهه
الله بچايو ڪڇي
شوڪت ميمڻ
ماجد ميمڻ
منور دايو
وقار منگواڻو
مقصود قريشي
عبدالمجيد مغيري
اياز هاشماڻي
منير احمد خاصخيلي
ملوڪ ساند
ڪامران ميمڻ
راجا اسحاق



هالا:


عبدالڪريم ميمڻ
اڪرم قائمخاني
مشتاق علي ميمڻ
ڌڻي بخش ميمڻ         
افتخار ميمڻ
نديم مڱريو
عبدالغفور ميمڻ
الطاف ميمڻ
رستم سمون
اڪرم قائمخاني
غلام نبي درد شيدي
امداد چانگ
انوار الحق
رحمان ڪشميري
اشتياق احمد شيخ



ڀٽ شاهه:


سيد ذوالقرنين شاهه
غلام شبير ڀٽي
 خورشيد ٻگهيو
رانا جمشيد
الاهي بخش ابڙو
گل حسن راجپوت
شاڪر انصاري
ارشاد علي ٻگهيو
محرم راز خاصخيلي
مستقيم سمون
علي نواز سمون
رجب علي بوزدار
اختيار علي ميرجت
منير آڪاش
مريد حسين احسن



سعيدآباد:


گل حسن سمون
اطهر جيلاني
غلام الله رند
حبيب الله عمراڻي
نظير ملاح
امتياز ميمڻ
قاسم قنبراڻي
محمد دين بلوچ
ممتاز ٻلال
عبدالواحد عمراڻي
ڪرم الله ميمڻ
زاهد ڪاڪا



خيبر


عزيز احمد کيبر
خيرمحمد ملاح
الطاف حسين


کنڊو:


ديدار علي کوسو
شهنشاهه کوسو


اڏيرو لعل وليج/اسٽيشن:


الله وارايو خاصخيلي
معشوق شيدي
عبدالغفور هنڱورو (اسٽيشن)





حوالا:



[1]  هالا جا رنگ هزار (E-Book)ايڊيشن ، سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر صفحو نمبر 15
[3]  هالا جا رنگ هزار (E-Book)ايڊيشن ، سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر صفحو نمبر121-122
·  سندس فرزند مشتاق علي ميمڻ هالا پرنٽنگ پريس تي ورتل انٽرويو دوران ٻڌايو.
[4]  حاجي محمود هالائي جي ٻي ورسي 8 نومبر 1985ع جي موقعي تي مختيار احمد ميمڻ پاران شايع ڪيل پمفليٽ تان ورتل
[5]  هالا جا رنگ هزار (E-Book)ايڊيشن ، سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر صفحو نمبر 51
¨  هالا جي صحافين عبدالڪريم ميمڻ ۽ مشتاق حسين ميمڻ  هالا پراڻا ۾ شهيد عرفان جي اوطاق تي ٻڌايو.
[6]  هالا پراڻا ۾ عبدالڪريم ميمڻ پنهنجي يادگيرين جا ورق اٿلائيندي ٻڌايو.
[7]  سعيدآباد ۾ عبدالحميد پاران حبيب الرحمان جمالي کي ٻڌايل احوال.
[8]  سعيدآباد ۾ گل حسن سمون الف اعلان جي لڳايل ڪيئمپ تي ٻڌايو.
[9]  ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه ۾ ڪچهري پروگرام ڪندي سيد ذوالقرنين شاهه ٻڌايو.
[10]  محمد وڪيل سمون جي فرزند مستقيم پاران ڏنل احوال.
[11]  غلام شبير ڀتي سندس رهائش گاهه تي ٿيل ڪچهري دوران احوال ڏنو.
[12]  خورشيد ٻگهيو، سيد ذوالقرنين شاهه ۽ غلام شبير ڀتي اهڙو احوال ڏنو.
[13]  خورشيد بگهيو سان ڀٽ شاهه پريس ڪلب ۾ ٿيل ڪچهري ۾ معلوم ٿيو.
[14]  جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئرز صفحو نمبر 10
[15]  سيد فدا حسين شاهه سان مٽياري ۾ ٿيل ڪچهري ۾ مليل معلومات.
[16]  مٽياري ۾ دنيا ٽي وي جي نمائندي وقار منگواڻو ٻڌايو