Rauf Chandio لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
Rauf Chandio لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں

اتوار، 26 جنوری، 2020

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ Profile by Rauf Chandio

Dur muhammad Pathan Profile by Rauf Chandio

Sep 17, 2014 at 7:12 PM


پروفائيل

گل حيات انسٽيٽيوٽ جو گل ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
رئوف چانڊيو
لاڙڪاڻي جي ڌرتي هزارين سالن کان پنهنجو تاريخي ۽ علمي وجود رکي ٿي، جنهن جو مثال موئن جو دڙو ئي ڪافي آهي. هن ڌرتي ڪيترائي وطن ۽ علم دوست انسان پيدا ڪيا، جن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ سوڀو گيانچنداڻي جهڙيون انيڪ عظيم شخصيتون شامل آهن. لاڙڪاڻي جي اهڙين شخصيتن جو ذڪر ڪجي ته انهن ۾ هڪ ٻي شخصيت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو نالو به اُڪري اچي ٿو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جو ناليوارو تعليمدان، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ هڪ ڊرامه نگار سميت گهڻ رُخي شخصيت آهي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945ع ڌاري ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ بنيادي تعليم سندس ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، جنهن بعد 1971ع ۾ بي ايڊ، 1972ع ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنهنجي ملازمت جي شروعات 1973ع کان ليڪچرار طور شروع ڪئي،  1985ع کان 1990ع تائين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون۔ ان عرصي ۾ پاڻ سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر، ضلعي جو تعليمي آفيسر سميت مختف ادارن ۾ پنهنجون ذميواريون نڀايون۔ ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جو پرنسپال،
ڊائريڪٽر نان فارمل ايجوڪيشن سنڌ، زيبسٽ انٽرميڊيئٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جو پرنسپال، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي جو باني ميمبر، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو جو صدر، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي تعليمي ڪائونسل جو ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر، انٽرميڊيئٽ بورڊ لاڙڪاڻو جي تعليمي ڪائونسل جو ميمبر سميت ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر ۽ صلاحڪار رهيو آهي۔ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو ادبي ميدان ۾ ڪيل ڪم کان ڳجهو نه هوندو، ڊاڪٽر صاحب 30 جي لڳ ڀڳ ڪتاب لکيا، جيڪي ڇپجي پڻ چڪا آهن. جن ۾ ”اسانجا اديب“، ”آئينا ۽ اولڙا“، ادب ۽ ماحول“، ”سنڌ ۾ سياسي چرپر“، موتي مور ملوڪ جا“ وغيره شامل آهن. ”اونداهيءَ جا اولڙا“ سميت سندس ڊراما پي ٽي وي تان پڻ نشر ٿي چڪا آهن۔ ڊاڪٽر صاحب کي سندس ڪيل ادبي ڪم تي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا آهن جهڙوڪ سنڌ مدرسه سلور ميڊل ايوارڊ، وائيس چانسلرس ميڊل، سگا گولڊ ميڊل ايوارڊ، لاڙڪاڻو ايوارڊ ۽ صدارتي ايوارڊ”تمغه امتياز“ سان پڻ نوازيو ويو آهي۔ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ هن وقت به حياتي جي ستين ڏهاڪي دوران به ڪجهه نه ڪرڻ کان ڪجهه ڪرڻ بهتر ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي اصولن تي قائم رهندي پنهنجي ڳوٺ ۾ علم جي هڪ کاڻ گل حيات جي نالي سان هڪ انتهائي اهم تحقيقي انسٽيٽيوٽ هلائي رهيو آهي. جتي نه رڳو سڄي ملڪ پر دنيا ۾ سنڌ ۽ تاريخ تي تحقيق ڪندڙ علم جا متلاشي اچي پنهنجي علمي اُڃ اجهائيندا آهن. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ”گل حيات انسٽيٽيوٽ“ جو نالو پنهنجي والد گل محمد ۽ والده حيات خاتون جي نالي تي رکيو، هن اداري گل حيات ۾ 1843ع کان وٺي هن وقت تائين مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ شخصيتن جنهن پليٽ فارم، تنظيمن ۽ ادارن ۾ اهي ڪم ڪن ٿا ۽ انهن جي ڪم جي سموري تفصيل موجود آهي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۽ انگريزن جي دور ۾ ڪم ڪندڙ 43 سياسي پارٽين جو رڪارڊ پڻ موجود آهن. اداري جي ويب سائيٽ پڻ قيمتي معلومات جو هڪ اهم ذريعو بڻيل آهي۔ هن اداري ۾ مختلف ملڪن جا نمائندا ۽ انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف سوشل هسٽري ايشيا جو ڊائريڪٽر ۽ ان وقت جي گورنر معين الدين حيدر به هن اداري جو دورو ڪري چڪا آهن. گل حيات انسٽيٽوٽ مان ڪيترن ئي شاگرد پي ايڇ ڊي ۽ سي ايس ايس جي تياري ڪري چڪا آهن ۽ ڪيترائي هن وقت به ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ انهن چند ٿورڙن ماڻهن ۾ شامل آهي جن کي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سندس ڀاءُ جي شهادت ۽ سندس حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ موقف ٻڌڻ لاءِ پاڻ وٽ گهرائي صلاح مشورا ڪندي هئي. ڊاڪٽر در محمد پٺان جي هن اداري گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ شهيد ڀٽي جي خاندان جو سر شاهنواز ڀٽي جي ڏاڏي کان وٺي سمورن شهيدن جو رڪارڊ موجود آهي. جيتوڻيڪ ايم آر ڊي جو ڊرافٽ ته پيار علي الانه تيار ڪيو پر ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ان جمهوري ڪم ۾ پيار علي الانه جو منشي ٿي شامل ٿيو. ڊاڪٽر صاحب جي ايڏي وڏي ڪم تي بلوچ اڳواڻ غوث بخش بزنجي به کيس پاڻ وٽ گهرائي کائنس 1940ع واري قرارداد جي ڪاپي گهري ۽ صوبائي خودمختياري بابت بريفنگ ورتي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي اهليت، سوچ ۽ سندس ڪيل سمورين خدمتن تي ڳالهائجي ته مواد کٽڻ جيئن ئي نه آهي. سنڌ جي اها نامور شخصيت اسان جي نئين ٽهي توڙي ايندڙ نسل لاءِ به مشعل راهه بڻيل آهي.


The writing skill work was carried under supervision of SIr Sohail Sangi, at Department of Mass Communication University of Sindh

ديهه اڪڙو جي سڃاڻپ واڳون Rauf Chandio

Crocodiles of Deh Akro  by Rauf Chandio

 Sep 17, 2014 at 7:12 PM






ديهه اڪڙو جي سڃاڻپ واڳن جو نسل خطري ۾ ....

رئوف چانڊيو


آبي زندگي کي بچائڻ لاءِ واڳون دنيا جو سڀ کان بهتر ذريعو سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي واڳون بيمار مڇين کي کائي ٻين مڇين لاءِ صحتمند ماحول پيدا ڪندا آهن. واڳون ٻين خوبين سان گڏ ڍنڍن جي خوبصورتي ۾ به اضافو ڪندا آهن. واڳن جي ڪيترائي قسم آهن، ڊگهو قد رکندڙ، بندرو ٿلهو، وڏي پُڇ وارو وغيره، پر انهن سڀني مان وچولو قد ۽ ڊگهو سونڍ رکندڙ واڳون سڀ کان ناياب نسل قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ واڳن جو اهو قسم انهيءَ اڪڙو واري علائقي ۾ گهڻو آهي. نوابشاهه ضلعي جي ديهه اڪڙو جيڪو واڳن جي علائقي طور سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ بلڪ سڄي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ واڳون هن علائقي ۾ رهن ٿا. ديهه اڪڙو نوابشاهه کان 70 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. ديهه اڪڙو جيڪو قدرتي اندروني آلي زمين جو مثال بڻيل آهي، جتي ڇڇ، جنسار، ميرڪو، سنهڙي، ولڻ، آڪن واري ۽ شور ڍنڍ سميت 29 ڍنڍون آهن. اهي سموريون ڍنڍون رڳو واڳن جي ڪري ئي سڃاتيون وينديون هيون ۽ سموري سنڌ بلڪ ملڪ ۾ به مشهور هيون. پري پري کان ماڻهو رڳو انهن ڍنڍن ۾ واڳن جو نظارو ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.  هڪ سروي رپورٽ موجب 90ع واري ڏهاڪي ۾ ديهه اڪڙو جي ڍنڍن ۾18  هزار واڳون هيا. جڏهن ته پنجاب وائلڊ لائيف کاتي جي ڊاڪٽر عليم چوڌري مطابق 50 هزار ايڪڙن جي ايراضي رکندڙ ديهه اڪڙو ۾ هاڻي فقط هڪ هزار واڳون وڃي بچيا آهن. واڳن جي نسل ڪشي جو ڪارڻ سڌي ريت جهنگلي جيوت کاتي جي بي ڌياني ثابت ٿئي ٿو. ان سان گڏ انهن ڍنڍن تي واڳن جو شڪار وڌڻ ۽ چوٽياري ڊيم سبب علائقي ۾ سم وڌڻ به قرار ڏنو پيو وڃي. جهنگلي جيوت کاتي موجب انهيءَ قسم جا واڳون (جيڪي اڪڙو ديهه ۾ موجود آهن) دنيا ۾ صرف پاڪستان، ڀارت، نيپال، سريلنڪا، چين ۽ ايران ۾ ئي موجود آهن.  واڳون خشڪ موسم ۾ گهڻي ڀاڱي ساليانو آنا ڏيندا آهن، چند نسل جا واڳون آهن جيڪي سال ۾ ٻه ڀيرا يعني ڇهين مهيني تي آنا لاهيندا آهن. واڳون جڏهن آنا ڏيڻ شروع ڪندا آهن ته مادي واڳون جڏهن آنا ڏيڻ شروع ڪندا آهن ته ڍنڍن اندر رهڻ بدران ڪناري تي تمام اونهيون ٻرون ۽ کڏا ڪري اُنهن ۾ رهڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. انهن ٻرن ۾ نر اندر ۽ مادي ٻرن جي ڇيڙي يعني اڳئين پاسي تي رهندي آهي. نر واڳون پنهنجي نسل تحت مناسب قد ڪري ويندو آهي ته بالغ قرار ڏنو ويندو آهي پر مادي واڳون 1.82 ميٽرن جي قد تائين پهچندي آهي ته پوءِ کيس آنا ڏيڻ جي قابل سمجهيو ويندو آهي.  نوابشاهه جو سينيئر صحافي علي محمد شاهه لڪياري جيڪو واڳن جي نسل بچائڻ لاءِ پنج ست سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي. ماحوليات دشمن سرگرمين ۽ واڳن جي نسل ڪشي ٿيڻ خلاف ميڊيا تي ڪيترائي ڀيرا رپورٽون شايع ۽ نشر ٿي چڪيون آهن پر جهنگلي جيوت کاتي ان جي بچاءَ لاءِ ڪنهن به قسم جا قدم ناهن کنيا. علائقي واسين موجب ديهه اڪڙو واري علائقي ۾ واڳن جي موجود 29 ڍنڍن تي رڳو هڪ انسپيڪٽر ۽ پنج اهلڪار مقرر آهن. جيڪي صرف هڪ ڍنڍ لاءِ مقرري هوندي آهي.  صحافي علي محمد شاهه لڪياري جي چوڻ موجب آلي زمين جي نگراني جوڙيل ڪميٽي واڳن جي نسل جي حفاظت لاءِ قانون سازي جو اعلان ڪيو هو پر اهو رڳو اعلان ئي رهجي ويو. نه ڪا قانون سازي ٿي ۽ نه ئي جهنگلي جيوت کاتو آبي زندگي بچائڻ لاءِ ڪو قدم کڻي رهيو آهي. علائقي واسين موجب 15 سالن کان مسلسل واڳن جي شڪار ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي پر اڄ ڏينهن تائين نه ڪو شڪاري گرفتار ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن تي ڏنڊ وڌو ويو آهي. سياري جي موسم ۾ واڳن جو شڪار ڪري نسل ڪشي ڪئي وڃي ٿي ۽ گرمين جي موسم ۾ پاڻي سُڪڻ يا خشڪ زمين تپڻ سبب به واڳن جي موت ٿئي ٿي. صحافي علي محمد شاهه جو چوڻ آهي ته واڳن جو شڪار اڪثر ڪري کلن جي ڪاروبار لاءِ ڪيو ويندو آهي، سندس چواڻي آهي ته في واڳون جي کل علائقي سطح تي به 15 هزار کان 25 هزار ۾ وڪرو ٿئي ٿي، جڏهن ته ٻين ملڪن مان وڌيڪ منافعي بخش هوندي آهي. اڪڙو ديهه واريون اهي ڍنڍون ماحولياتي آلودي لاءِ فائديمند هئڻ سان گڏ واڳن جي خوبصورتي جي ڪري تمام قيمتي ۽ مهانگيون ثابت ٿين ٿيون. علائقي واسين موجب اهي ڍنڍون تمام منافعي بخش هئڻ ڪري فشريز کاتي، روينيو توڙي آبپاشي کاتي پاران به انهن ڍنڍن تي قبضي جي ڪوشش ڪري اهي ڍنڍون ٺيڪي تي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اها ممڪن نه ٿي سگهي. ماحولياتي خوبصورتي ۽ آبي زندگي لاءِ فائديمند قرار ڏنل ڍنڍن ۽ واڳن جو سنڌ ۾ نه رڳو ديهه اڪڙو پر هاليجي ڍنڍ ۽ ٻين علائقن مان به نسل ختم ٿيندو پيو وڃي. جهنگلي جيوت کاتو ۽ سنڌ حڪومت کي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺي معاملي جي پوئيواري ڪرڻ جي ضرورت آهي.  

The writing skill work was carried under supervision of SIr Sohail Sangi, at Department of Mass Communication University of Sindh