Atharuddin Abro لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں
Atharuddin Abro لیبل والی اشاعتیں دکھا رہا ہے۔ سبھی اشاعتیں دکھائیں

ہفتہ، 8 فروری، 2020

Old Buildings of Shikarpur Athar Abro



شڪارپور جون قديم جايون ۽ انهن جي سار سنڀال
اطهر الدين ابڙوArticle by ;
2k13/mc/22

   
شڪارپور سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو باب آهي جنهن جي تاريخ جي مختلف موضوعن جي حوالي سان تحقيقي پورهئي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته شڪارپور دنيا جي انهن هڪ سو قديم ۽ خوبصورت  شهرن ۾ شامل ٿي ويو جنهن جي سونهن ۽ سڃاڻپ ان جون قديم جايون ۽ ورثو هيو. ان قديمي ورثي جي سار سنڀال نه ٿيڻ جي ڪري شهر جي سونهن کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي.
شڪارپور جي تاريخي جاين ۾ ٿيل ڪاٺ جي شهڪار (آرٽ) کي ماڻهن ڊهرائي يا ته وڪڻي ڇڏيو يا وري چلھ ۾ ٻاري ساڙي ڇڏيو. پلاسٽر آف پئرس  سان شڪارپور جي ڪمانگرن جي ڪمانگري لاجواب هئي، ان ڪري چوان ٿو ته شڪارپور مان گهڻي ڀاڱي اهو ڪم ختم ٿي چڪو آهي ان طرف جيڪڏهن ڏيان ڪبو ته بلڊنگ مافيا پنهنجي هڙ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قديم جاين جي سونهن وارو مٽيريل هتان  بي هنڌ وڪڻائي ٿي. هن شهر جي ظاهري سجاوٽ کي ختم ڪرائڻ ۾ گهڻو قدر ڪامياب ويا آهن. ڪي شعوري شهري اهڙا آهن جيڪي ان طرف خاص ڌيان ڏيندي پنهنجي گهرن ۾ بابلاڻي ڪاريگرن جي چٽسالي، لوهرن جي لوهي ڪم ۽ ڪمانگرن جي ڪمانگري کي اڄ تائين محفوظ ساھ ۾ سانڍيندا اچن ٿا. ان ڏس ۾ راين اي ڊي انجنيرنگ يونيورسٽي ڪراچي جي هيريٽيج شعبي خاص دلچسپي ورتي آهي جنهن شڪارپور تي نه صرف به جلدي ڪتاب ڇپرائي وقت به وقت شهر جي تاريخي ورثي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪانفرنسون۽ ميڙاڪا ڪرائي اها سجاڳي عام ٿا ڪن ته شڪارپور جي قديم ورثي کي بچايو.
شڪارپور جي قديم ۽ تاريخي جاين مان هڪ اسڪول نمبر 2 نهايت اهم ۽ پراڻي جاءِ آهي جيڪا اسثيشن روڊ تي واقع آهي جيڪا 1929ع جي تيار ٿيل آهي هي بلڊ نگ ظاهري طور تي ڪنهن محل کان گهٽ نه لڳندي پر وقت به وقت سندس بلڊنگ جا حصا جهريل ۽ ٽٽل نظر ايندا رهيا آهن ساڳي قسم جي شڪايت چيلاسنگھ ۽ ستيل داس ڪاليج جي پڻ نظر ايندي.  هي بلڊنگ 1933ع ۾ ٺهي راس ٿي پر هاڻي ان جي مختلف هنڌن جون ڇتون ڇڻندي ۽ ٽٽل نظر اينديون آهن. لکيدر وارو پرائمري اسڪول ڏانهن وکون کڻندا هلنداسين ته سندس ديوارون ڪتبن جي مدد سان پنهنجو تعارف پاڻ ڪرائينديون ته سندس بلڊنگ 1933ع ۾ تيار ٿي۽ اڄ سندس تاريخي حيثيت تي برقرار آهي مگر سارسنڀال نه ٿيڻ جي ڪري هاڻي پنهنجو اصل ڏيک ويک کان اجڙيل محسوس ٿي رهي آهي.انهن ٽنهي اهم عمارتن جو ذڪر ان ڪري به تذڪري ۾ شامل ڪيو ويو ته  انهن ۾ مستقبل جا معمار علم جي زيور سان سرفراز ٿي رهيا آهن. ڳڻتي جوڳي ڳالھ اها آهي ته اهڙين بلڊنگس ڏانهن توجھ نه ڏني وئي ته نقصان جو خدشو ٿي سگهي ٿو.
شڪارپور جي جامعا مسجد لکيدر تي موجود آهي جيڪا وري دور جي هڪ يادگار مسجد آهي.هي مسجد هن وقت اوقاف کاتي جي حوالي ٿيل آهي مگر سندس حالت رحم جوڳي اٿس. حضرت حاجي فقير الله علوي رضي جو مقبرو جيڪو 1907ع ۾ تيار ٿيو سندس بلڊنگ شاندار ۽ ڏسڻ وٽان آهي ڪاريگرن جي نفاست سان ٿيل پورهيو قابل داد آهي. انهن ٻنهي اهم عمارتن ڏانهن خاص ڌيان ڏنو وڃي.جيئن ٻيو به پيار جو پورهيو محفوظ رهي سگهي ۽ اسان جا شهري نوجوان پنهنجي تاريخي ورثي کان واقف ٿي سندس قدر ڪن.
شڪارپور جي تاريخي عمارتن سان لکيدر تي موجود ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيس  اڳ ۾ ڪنهن هندو سيٺ جو گهر هو ۽ گڏوگڏ سندس پٺيان واري گهٽيءَ ۾ شاھ لطيف ڪاليج جي اڳوڻي بلڊنگ جنهن لاءِ پڻ اهو مشهور آهي. تنهن ڪنهن پڙهيل لکيل شخص اها بلڊنگ تعليم لاءِ عام ڪئي سي پڻ خاص توجھ جي طلبگار آهن. لکيدر واريون نارائڻ فواس بلڊنگ ۽ انڊس هوٽل جي مٿان واري بلڊنگس سار سنڀال ٿيڻ کان پوءِ اڄ به پنهنجي اهميت کي پاڻ ظاهر ٿيون ڪن. سماڌا آشرم جي خوبصورت بلڊنگ قدامت جي لحاظ کان به اهم آهي ته ڌرمي حوالي سان به سندس ڳاٽ اوچو آهي گڏوگڏ  واري ڌرمسال ۾ ٿيل ڪاٺي جو شاهڪار ڪم اڄ به جڳ ۾ سڃاڻپ پاڻ ڪرائي آهي اهي قديم جايون آهن جن جي تاريخي اهميت تي آهي مگر سندس حالت به سٺي برقرار رهي آهي.
اهڙي طرح سول اسپتال جي پراڻي بلڊنگ جي مختلف جاين تي نشان ٿيل قديمي ونگ ۽ بازار توڙي ٻين جاين ڏسنهن حڪومت شڪارپور جا ماڻهو خاص ڌيان ڏين ته جيئن اسان جوورثو به قائم رهي ۽ انهن جي اهميت کان به دنيا واقف ٿي سگهي.

Haseeb Nayab Mangi Interview by Athar Abro


May 18, 2016 at 2:16 AM

Haseeb Nayab Mangi Interview by Athar Abro 

شڪارپور جي نوجوان ليکڪ حسيب ناياب منگي کان شڪارپور متعلق انٽرويو
اطهرالدين ابڙو

شڪارپور ۾ سنڌ جي نامياري شاعر ۽ اديب ”نقش“ ناياب منگيءَ جي گهر ۾ 2 جنوري 1987ع تي جنم وٺندڙ نوجوان ليکڪ حسيب ناياب پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي پاڙي واري شاهه حسين پرائمري اسڪول مان پاس ڪري شهر جي مشهور قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري شاهه لطيف ڪاليج مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين، جڏهن ته بي.اي ۽ ايم.اي (سنڌي) جا امتحان شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪيائين. هو ننڍي هوندي کان پنهنجي والد جي نگراني هيٺ لکندو رهي ٿو، گهڻي وقت کان هو تحقيق جي ڏکئي پيچري تي هلي شڪارپور جي تاريخ ۽ ان جي مشهور شخصيتن تي لکندو رهي ٿو، هن وقت هو هر پرائيويٽ ڪاليج ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار آهي. اچو ته ساڻس ڳالهه ٻول ڪريون.
 سوال: اوهان ادب جي دنيا ۾ پير ڪيئن پاتو ؟
جواب: ادا اکيون کوليون ته پنهنجي گهر ۾ ڪتابن ۽ پنهنجي والد کي لکندي ڏٺو، منهنجو والد مون کي هميشه پنهنجي ڀر ۾ ويهاري ڪتابن جو مطالعو ڪندو هيو آئون به انهن سان گڏ ڪتاب پڙهندي پڙهندي پڙهڻ،کين ڏسندي ۽ سندن رهبريءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو.
سوال: اوهان نثر ۽ نظم ۾ ڪهڙي ڪهڙي صنف ۾ لکي چُڪا آهيو ؟
جواب: ادا مان نثر ۾ مضمون ۽ ڪهاڻي جڏهن ته شاعريءَ ۾ نثري نظم تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهيان، ان کانسواءِ ڪيترن ئي تاريخي مضمونن ۽ مقالن توڙي ڪهاڻين جو ٻين ٻولين مان سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري ڇپائي چڪو آهيان.
سوال:ادا شڪارپور اوهان جو موضوع ڪيئن بڻي؟
جواب: مان اوهان کي ٿورو تفصيل سان ٻڌائيندو هلان ته شڪارپور جي تاريخ تي صحيح نموني تحقيق ڪرڻ جو ڏانءُ پنهنجي شڪارپوري دوستن کي منهنجي والد جي صحبت ۾ مليو، هو جڏهن اول ڪشمور ۽ پوءِ روهڙيءَ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ دوران جيڪو شڪارپور متعلق انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ مواد گڏ ڪيو هئائون تنهن کي دوستن جي سامهون آڻي انهن کي شهر جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اڪسائڻ ۾ منهنجي والد جو اهم ڪردار ادا ٿيل آهي، هو سالن جا سال شهر جي ڪنهن تاريخي عمارت يا ڪتبي تي تحقيق ڪندا رهندا هئا جيئن پڙهندڙن ۽ شاگردن جون راهون هموار ٿين ۽ ماضيءَ ۾ جن ليکڪن تاريخ سان هٿ چراند ڪئي آهي تن کي وائکو ڪري حقيقت کي نروار ڪرڻ ۾ سندن ڪردار ادا ٿيل آهي، انهن مان جيڪو ڪجهه پرايو ۽ سندن وفات کانپوءِ انهن جي اڌ ۾ ڇڏيل پورهئي کي مڪمل ڪري ۽ جن عنوانن تي اڃان ادبي ڪم ڪري نه سگهيا تن کي منظر عام تي آڻي هڪ طرف پنهنجو فرض مڪمل ڪري رهيو آهيان ۽ ٻئي طرف شڪارپور جي تاريخ جا وکريل ورق به محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان.
سوال: هن وقت تائين اوهان انهن ڪهڙن موضوعن تي لکي چڪا آهيو جن تي ماضيءَ ۾ ڪم نه ٿي سگهيو آهي؟
جواب: ادا هن وقت تائين مان شڪارپور جي تاريخ ۽ ان سان وابسته موضوعن تي چاليهن کان مٿي تحقيقي ۽ تاريخي مضمون ۽ مقالا لکي چُڪو آهيان، جن ۾ ”شڪارپور جي امام بارگاهن جي تاريخ“، ”شڪارپور جي انڊرگرائونڊ ڊرينج سسٽم جي تاريخ“،”شڪارپور ۾ شاهه جي رسالي جو مطالعو“، ”سامي سان وابسته ماڳن جو تعارف“، ”شڪارپور جي تاريخ جو ابتدائي ورق: جتوئي پرڳڻو“، ”شڪارپور جي عورتن جو سنڌي ادب ۾ حصو“،”شڪارپور جو هاٿيدر“،”ميونسپل اسڪولس بورڊ شڪارپور جي تاريخ“، ”شڪارپور متعلق ڇپيل جاگرافين جو تنقيدي جائزو“ ، ”شڪارپور ۾ واپاري تعليم جي مرڪزن: اوجهن جي تاريخ“ ۽”شڪارپور ۾ ڪاٺي جو ڪم ڪندڙ خاندانن جو تعارف“ اهڙا مضمون ۽ مقالا آهن آهن جيڪي پنهنجي تاريخ ۾ نوان ۽ اهم آهن.
سوال: اهي ته تاريخي ۽ مختلف ماڳن جي حوالي سان اوهان جي پوهئي جو مختصر وچور هو، هن ۾ شخصيتن جو ذڪر ته ڪونهي جن متعلق اوهان سويل پئي ٻڌايو ؟
جواب: ڀاءُ آئون شڪارپور جي چاليهن کان مٿي علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ تعليمي شخصيتن جا تعارف ۽ انهن جي ادبي توڙي سماجي ۽ سياسي خدمتن تي لکي چڪو آهيان، اهو منهنجو اصول رهيو آهي ته آئون شخصي حوالي سان ان موضوع  تي قلم ئي نه کڻندو آهيان جن تي اول ڪم ٿيل هوندو آهي، ها البته ماضيءَ ۾ جن ليکڪن کان انهن شخصيتن متعلق ڪي غلطيون ۽ ڪا معلومات رهجي وئي هوندي آهي ته تحقيق ڪري آئون ان شخصيت تي لکي وٺندو آهيان هاڻي ان حوالي سان منهنجو هڪ ڪتاب ڪمپوز ٿي رهيو آهي جنهن ۾ انهن شخصيتن جي چونڊ ڪئي وئي آهي جن تي گهڻي ڀاڱي ماضيءَ ۾ قلم ئي ناهي کنيو ويو .
سوال: اوهان جي نظر ۾ شڪارپور لاءِ اهي ڪهڙا موضوع آهن جن تي لکڻ گهرجي؟
جواب: مان سمجهان ٿو ته شڪارپور جي سياسي، تعليمي ۽ واپاري تاريخ تي لکڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ائين جيڪڏهن ڪو قلم کڻندو ته شڪارپور جي مڪمل تاريخ جا اهي رخ به مڪمل ٿيندا ويندا.
سوال: شڪارپور تي جيڪو ڪم ٿيو آهي تنهن کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو ؟
جواب: ادا شڪارپور تي هن وقت تائين مختلف موضوعن سان ڀرپور ڏهه ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن اهي پنهنجي لحاظ کان صحيح ۽ شڪارپور جي تاريخ جي حوالي سان ڪي راهون هموار ڪندڙ ضرور آهن ۽ شاگردن لاءِ هڪ هٿي ثابت ٿيا آهن، باقي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ غلطيون جيڪڏهن رهجي وڃن ته انهن تي ٻين لکندڙن جو به تحقيق ڪرڻ فرض آهي صرف جيڪو ڪجهه اسان جي حصي ۾ آيو آهي ان تي ڀاڙڻ ناداني ٿيندي .
سوال: اوهان ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪئين ٿا ڏسو ته شڪارپور جي مسئلن جو حل ڪئين ٿي سگهي ٿو ؟
جواب: ان سوال جو جواب اهو ئي ڏئي سگهجي ٿو ته پنهنجو پاڻ کي شهر لاءِ وقف ڪري ڇڏجي ته شهر مان مسئلا حل ٿيندا ويندا، جن جي حصي ۾ جيڪو ڪم اچي ٿو تنهن کي هو ايمانداري ۽ سچائي سان نڀائي پنهنجي شهر کي مسئلن کان آزاد ڪرائي سگهن ٿا.    
سوال:پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام ؟
جواب: ادا پيغام اهو ڏيڻ چاهيان ٿو ته پنهنجي وطن سان پيار ڪريو ۽ ان جي حفاظت لاءِ ڪو نه ڪو ڪردار ادا ڪريو، پنهنجي شهر جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ وڏڙن کان انٽرويو ڪريو ۽ تحقيق ڪري پنهنجي شهر جي صحيح تاريخ کي ورقن ۾ سمائي ايندڙ نسل لاءِ راهن کي هموار ڪريو.